ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو آهي. ٻن ڏينهن جي دوري تي آيل پاڙيسري ملڪ جي سربراهه اهم موقعي تي اهو دورو ڪيو آهي. ايران اسرائيل جي وچ ۾ 12 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ خطي جي حالتن نئون رُخ اختيار ڪيو آهي. انهيءَ تناظر ۾ ايراني صدر جو اسان جي ملڪ جو دورو گهڻيون معنائون رکي ٿو. لازمي آهي ته ايران سفارتي تنهائي مان نڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري جنگ کانپوءِ ايران خطي جي طاقتور مسلم ملڪ پاڪستان جي چونڊ ڪئي آهي.
اسان جو ملڪ پنهنجي جاگرافي بيهڪ ۽ طاقت جي ڪري نمايان حيثيت رکي ٿو. انهيءَ کان به اهم ڳالهه اها آهي ته دنيا جي طاقتور ملڪن سان ان جا تعلقات دوستاڻا ۽ تعاون تي مبني آهن. سموري دنيا جا ملڪ ۽ انهيءَ جي خارجه پاليسي جا ماهر اها ڳالهه سمجهن ٿا ته خطي ۾ پاڪستان جي اهميت آهي ۽ اها اهميت سڄي دنيا جي سياست ۽ سفارت سان لاڳاپو رکي ٿي.
موجوده وقت ۾ ايران کي هڪ قابل اعتبار دوست ملڪ جي ضرورت آهي. جيڪو ان جي بين الاقوامي رسائي کي آسان بڻائي سگهي. پاڪستان ئي اهڙو ملڪ آهي، جيڪو خطي ۾ امن جي لاءِ اڳڀرائي ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني صدر جي گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ به خطي ۾ امن جي قيام جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. خطي کي امن ۽ سلامتي وارين حالتن جي ضرورت آهي.
ايران انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ امن جي قيام سان گڏ مختلف سماجي ۽ تجارتي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايراني صدر پنهنجي هم منصب آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. جتي ٻنهي رهنمائن ٻنهي ملڪن جي وسيع ۽ گڏيل فائدي سان لاڳاپيل شعبن ۾ تعلقات وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هڪ ٻئي موقعي تي ايراني صدر اسرائيلي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.
وفاقي دارالحڪومت ۾ بزنس فورم کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان جو چوڻ هو ته مهمان نوازي تي پاڪستان جو شڪرگذار آهيان. ٻنهي ملڪن جي تعلقات کي مختلف ميدانن ۾ اڳيان وڌايو ويندو. جيئن خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي حاصل ڪري سگهجي. وفاقي گادي واري شهر ۾ بزنس فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي حمايت اهم آهي. ايراني صدر جي بزنس فورم کي خطاب جي اهم ڳالهه: جڏهن هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن گڏيل اتفاق ڪيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اتفاق ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ آهي.
پاڪستان ايران بزنس فورم ۾ واپار جي حد 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي ٻئي ملڪ متفق آهن. انهيءَ موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي موجودگي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار لاءِ سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي. پاڪستان-ايران بزنس فورم جون سرگرميون ٻنهي ملڪن جي واپار کي هٿي وٺائينديون. پاڪستان ۾ زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا آهن. ٻنهي ملڪن ۾ اهو طئي ٿيو ته اهي واپاري رستن ۽ راهدارين تان رڪاوٽون ختم ڪندا جيئن موجود واپاري موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي.
ايران ۽ پاڪستان جا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ خطي ۾ ٻئي ملڪ اهميت وارا آهن. ايران دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ چئن وڏن ملڪن مان آهي. جيڪڏهن ايران لاءِ عالمي حالتون سازگار ٿين ٿيون ته ايران کي انهيءَ جو فائدو ٿيندو، پر خطي جي ملڪن جي عوام لاءِ به اهو اميد ڀريو هوندو. موجوده عالمي سياسي ۽ سفارتي حالتن ۾ ايران جي پاڪستان سان اها تازي ويجهڙائپ ۽ دوستي اهم آهن، ايران 12 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ عالمي پسمنظر ۾ سفارتي اڪيلائي کي منهن ڏئي رهيو آهي.
ايراني صدر جي موجوده دوري مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايران عالمي، سفارتي ۽ سياسي اڪيلائي مان نڪرڻ چاهي ٿو. ايران جون پاڪستان ۾ وڏيون اميدون آهن. ٻنهي ملڪن جي تعلقات ۾ هڪ نئين تاريخي دور جو آغاز ٿيو آهي. جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي سان گڏ واپار جي ڳالهه به آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه خطي ۾ امن ۽ سلامتي آهي.