ٻي عالمگير جنگ جي ختم ٿيڻ سان دنيا جا گھڻا ملڪ بيٺڪي راڄن کان آزاد ٿيا ملڪن جي آزادي جو سلسلو پوئين صدي جي آخري ڏھاڪي تائين جاري رھيو، پر مغربي بيٺڪ راڄ ڪندڙ ملڪن، آزاد ڪيل ملڪن کي مختلف طريقن سان پنھنجي شڪنجي مان نڪرڻ نه ڏنو. جنھن ملڪ نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن ملڪ کي مختلف طريقن سان دٻائيندا رھيا آھن. ڏيتي ليتي بند ڪرڻ ۽ ترقي پذير ملڪن کي انھن ملڪن خلاف قدم کڻڻ تي مجبور ڪرڻ شامل آهن، پر ڪيترائي آزادي پسند ملڪ پنھنجي طريقي جي رستي تي ھلندي ترقي ڪرڻ واري راهه تي هلي رهيا آھن. آقائي ملڪ انھن آزادي پسند ملڪن کي تابعدار ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا دٻاءُ وجھن ٿا انهن طريقن ۾ جنگيون به شامل آهن. مغربي ملڪن جي بيٺڪي راڄ مان آزاد ٿيندڙ ملڪن ۽ ھڪ آزادي پسند ملڪ گڏجي اتحاد ٺاھيو ته پنھنجي معدنيات ۽ سگھه کي گڏ ڪري پنھنجي پنھنجي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي منڊلن جي ادارن کي مضبوط ۽ سھولتون مھيا ڪجن ۽ ڌارين طرفان صدين کان خام مال کي ڳڙڪائڻ جي ھيرَ کي ختم ڪجي ٻئي طرف صدين کان ٻين جي وسيلن کي ھڙپ ڪندڙ ملڪن نئين بيٺڪي راڄ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي مشتمل ڪوڙِڪِيُون تيار ڪيون ته جيئن انهن جي وسيلن ڳڙڪائڻ جو سلسلو جاري رھي سگهي. (الف) ڊجيٽل منتقلي (ب) مصنوعي ذھانت ۽ (ت) سائي معيشت ظاھري ڏيک مطابق ڊجيٽل منتقلي، مصنوعي ذھانت ۽ سائي معيشت فعال ٿيڻ سان معاشي ۽ سماجي منڊل جي مسئلن جو تيزي سان حل ۽ سھولتن جي فراھم ڪرڻ سان ملڪي ۽ عالمي سماجي معاشي بناوٽ (Landscape) مستحقم ٿيندي، پر انھن ڪوڙِڪِين جي استعمال سان ڪيترا پکي ۽ جانور ڦاسي آقائي شڪارين جو پيٽ ڀريندا. تنھنڪري اصل مقصد تي پردو رکيو پيو وڃي ان پردي ھٽائڻ سان معلوم ٿيندو ته آقائي ملڪن انھن ڪوڙِڪِين جي ڄار کي ھلائڻ واري نظام جي وسيلي ڪھڙي طرح پنھنجي اثر کي قائم رکي ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کان ڳجھو رکڻ چاھين ٿا.