نئون

ايڌي فائونڊيشن جي مختلف سينٽرن تي قبضا، احتجاج طور سروس بند

ايڌي فائونڊيشن جي  سربراهه  فيصل ايڌي ۽  بلقيس ايڌي  پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سنڌ  ۾ مختلف هنڌن تي ايڌي فائونڊيشن جي سينٽرن تي قبضا مافيا جا قبضا ٿي چڪا آهن. ڪجهه سينٽرن تي قبضا ڪري مارڪيٽون ٺاهيون پيون وڃن. اهي قبضا ختم نه ڪرايا ويا ته مجبورٿي ڪري سروس بند ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته مقامي سياسي پارٽيون اهڙا قبضا ڪري رهيون آهن  ۽ اتان جون سياسي پارٽيون ڪا به مدد نه ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ٺٽي کان ويندي حيدرآباد ،  لاڙڪاڻي سيوهڻ، هالا ، قاضي احمد ۾ سينٽرن تي قبضا ٿي چڪا آهن. هنن چيو ته قبضا ختم نه ڪرايا ويا ته اسان سروس کي مجبور ٿي ڪري بند ڪري ڇڏيندا سين.