عمران خان مٿان توهين عدالت جا ڪيس خارج
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عمران خان مٿان داخل ڪيل عدالت جي توهين واري پٽيشن خارج ڪئي وئي. عمران خان پاران ڪورٽ کان معافي گهرڻ کانپوءِ سندس مٿان ڪيس ختم ڪيا ويا. عمران خان هڪ فل بينچ آڏو پيش ٿيو ۽ هن جي وڪيل بابر اعواڻ جو ججن سان ڪافي دير تائين بحث به ٿيندو رهيو. پٽيشنون عمران خان پاران مختلف موقعن تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عدم اعتماد ڏيکاريندي حڪومت جي طرفداري ڪرڻ تي داخل ڪيون هيون. عمران خان ڪالهه ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جنهن ۾ هن خلاف مختلف سمن جاري ڪيا ويا هئا ۽ آخرڪار 24 آڪٽوبر تي ڪورٽ پاران هن تي گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪيا ويا هئا. پهرين ڪيس ۾ جڏهن جج پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته هن جي وڪيل بابر اعواڻ جواب ڏنو ته ان ڪيس ۾ عمران خان معافي وٺي چڪو آهي. ان کانپوءِ ٻي پٽيشن لاءِ جج پاران سوال پڇڻ تي بابر اهواڻ عمران خان سان ڪجهه منٽ ڳالهائڻ بعد هن پاران هڪ پڌرائي نوٽ ڏنو ويو بجاءِ ان جي جو هو ڪا معافي گهري جنهن تي عدالت پاران چيو ويو ته جيڪڏهن عمران خان پاران معافي نه ورتي وئي ته هن خلاف چارج شيٽ ڏني ويندي ان جي جواب ۾ عمران جي وڪيل عمران پاران لکيل هڪ نوٽ پيش ڪيو جنهن ۾ هن جو معافي نامو جمع ڪرايو ويو. آخر ۾ ڪورٽ پاران معافي ناما قبول ڪري عمران خان جا ڪيس ختم ڪيا ويا.