لاھور کان اچڻ وارو پي آءِ اي جو مسافر جھاز ڪراچي ايئرپورٽ ويجھو ڪري تباھ

لاھور کان اچڻ وارو پي آءِ اي جو مسافر جھاز لينڊنگ کان ڪجھ سيڪنڊ پھرين ڪراچي ايئرپورٽ سان گڏ ماڊل ٽائون جي رھائشي ڪالوني ۾ ڪري تباھ ٿي ويو. جھاز ڪرڻ سان ڪيترائي گھر به تباھ ٿيا آھن، جنھن کانپوءِ علائقي ۾ افراتفري ٿي وئي آھي. حادثي جو شڪار ٿيل جهاز عيد جي مناسبت سان خصوصي طور هلايو ويو هو. جهاز منجهند 1 لڳي 10 منٽن تي ٽيڪ آف ڪيو ۽ پنهنجي مقرر وقت تي ڪراچي پهچي ويو، جڏهن ته لينڊنگ کان ڪجهه ئي سيڪنڊ پهرين جھاز جو ڪنٽرول روم سان رابطو ڪٽجي ويو. سول ايوي ايشن ڪراچي ۾ جهاز حادثي کانپوءِ هوائي آپريشن بند ڪري ڇڏيو. سول ايوي ايشن پي آءِ اي جي ايئر بس اي-320 جي حادثي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جهاز ۾ 99 مسافر ۽ عملي جا 8 ماڻهو سوار هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آھي ته آرمي ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ حادثي واري جاءِ تي پھچي ويا، جيڪي امدادي سرگرمين ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪندا