ايڊيٽوريلنئون

انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (IFC) جو پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني رپئي ۾ سرمائيڪاري جو اعلان

پاڪستان ۾ هن وقت معيشت جي ميدان ۾ ڪافي سرگرميون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. جنهن ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي ورلڊ بينڪ گروپ جي پرائيويٽ سيڪٽر پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني رپئي ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان گروپ جي پهرين سرمائيڪاري 33 ارب 60 ڪروڙ رپيا تائين اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ پاڪستان لميٽيڊ ذريعي اينگرو فرٽيلائيزر لميٽيڊ کي ڊگهي مدي جي لاءِ فنانسنگ فراهم ڪئي ويندي. هن قسم جي سرمائيڪاري پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي. ان کان اڳ جيڪا به سرمائيڪاري ٿيندي هئي اها ڊالرن جي صورت ۾ ٿيندي هئي. آءِ ايف سي جي پاڪستاني ڪرنسي ۾ قرض فراهم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن پاڪستاني ڪمپنين کي عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت وڌڻ جي نقصان کان بچائي سگهجي. هن سيڙپڪاري جو مقصد پاڪستان جي پرائيويٽ سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ آهي. خاص طور تي زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ پاڻي جي بچت لاءِ مدد فراهم ڪرڻ، ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار کولڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪرڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ماحول دوست منصوبن لاءِ توانائي جي بچت جي قدمن ۾ سيڙپڪاري، آءِ ايف سي پاڪستاني رپئي ۾ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ “پاشا بانڊ” متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جيئن هندستان لاءِ “مصالحه بانڊ” آهن، ايئن پاڪستان لاءِ هي بانڊ عالمي سيڙپڪارن کي رپئي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو موقعو ڏيندا.

اميد آهي ته اها سيپڙڪاري رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڇو ته پاڪستاني ڪمپنيون جڏهن ٻاهرين ملڪن مان قرض کڻنديون آهن ته کين واپس ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ مان ڊالر خريد ڪرڻا پوندا آهن، جنهن سان ڊالر مهانگو ٿيندو آهي. پاشا بانڊ جي صورت ۾ قرض رپئي جي صورت ۾ ورتو ويندو ۽ واپس ڪيو ويندو. عام طور تي جڏهن رپيو ڪري ٿو ته ڊالر مهانگو ٿو ٿئي. جڏهن پاشا بانڊز جي صورت ۾ رپيو استعمال ٿيندو ته ڊالر جي مهانگي ٿيڻ جو خطرو گهٽجي ويندو. ڪرنسي جو قدر ان جي اعتماد سان ڳنڍيل هوندو آهي، جڏهن آءِ ايف سي جهڙو ادارو رپئي ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿو ته دنيا کي اهو پيغام ٿو ملي ته پاڪستاني رپيو هاڻي هڪ مستحڪم ڪرنسي بڻجي ويندو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستاني رپئي جو قدر وڌي ويندو. هيءَ سيڙپڪاري پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ وڏي اميد بڻجي سگهي ٿي. ڇو ته ان سان خانگي شعبي ۾ صنعتڪاري ٿيندي جنهن سان نوان ڪارخانا ۽ ڪاروبار به کلندا، نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، عام ماڻهو جيڪي ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي پنهنجي ملڪي ڪرنسي (رپئي ۾) قرض ملندو جنهن جي قدر ۾ اوچتو اضافو اچڻ جو امڪان نه هوندو. ان سڄي عمل سان ملڪ مان مهانگائي واري صورتحال گهٽ ٿيندي ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو. هن وقت صورتحال اها آهي ته اسان کي ڪنهن به معاشي سرگرمي لاءِ ڊالر جي ضرورت پوي ٿي، جنهن کي واپس ڪرڻ وقت ڊالر جي قيمت ڏهوڻي ٿي وڃي ٿي. جنهن جو نقصان پاڪستان جي معيشت کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هن سيڙپڪاري ذريعي زراعت جي شعبي کي بهتر بنائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ جديد ٻج، ڀاڻ ۽ آبپاشي جي نظام سان فصلن جي پيداوار کي وڌائڻ، پاڪستاني زرعي شيون ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪلڻ ۽ انهن مان ناڻو ڪمائڻ آهي. ورلڊ بينڪ جو ادارو جڏهن پاڪستاني رپئي تي اعتماد ڪندو ته دنيا جا ٻيا وڏا سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار ٿيندا. اها ڳالهه به تمام گهڻي دلچسپ آهي ته اسان جو عوام ان ڳالهه لاءِ تيار ناهي هوندو ته ٻاهران آيل سيڙپڪار هتان کان ڪو نفعو نه ڪمائي، پر اسان سڀني کي ذهني طور تي ان شيءِ جي لاءِ به تيار رهڻو پوندو ته هيءَ سيڙپڪاري هڪ سرمائيڪار صرف پاڪستان جي مفاد لاءِ نه، پر پنهنجي منافعي ڪمائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. آءِ ايف سي جڏهن پاڪستانين کي قرض ڏيندو ته ان کي به حصيداري ۾ منافعو ملندو.

چوويهه ڪروڙ آبادي جي هن ملڪ ۾ خدمتن، توانائي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ترقي جي تمام وڏي گنجائش موجود آهي. هي وقت آهي جو اسان جي زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هر شخص جيڪو زرعي آبادي جي ذريعي پئسو ڪمائي ٿو ان کي به هن قسم جا قرض وٺي ڪارخانا لڳائي ٻئي پاسي سيڙپڪاري ڪري مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي. هي پهريون ڀيرو ناهي جو آءِ ايف سي مقامي ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ ڀارت، چين، فلپائن ۽ آفريقا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آءِ ايف سي اتان جي مقامي ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي. جنهن سان پرائيويٽ سيڪٽر تيزي سان ترقي ڪئي ۽ مقامي ڪرنسي جي ساک عالمي مارڪيٽ ۾ وڌي وئي. جنهن جي ڏيک ويک ۾ ٻين عالمي بينڪن به انهن ملڪن ۾ مقامي ڪرنسين ۾ سيڙپڪاري شروع ڪئي. هي قدم يقينن پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿو. جنهن سان پاڪستان ڊالر جي زنجيرن مان آزاد ٿي ملڪي خوشحالي ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان جو هر اهو شعبو جنهن ۾ هن وقت اسان کي ماٺار نظر اچي ٿي، ان ۾ مستقبل ۾ تيزي سان ترقيءَ جو وڏو امڪان هوندو. ڇو ته ڪنهن به ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ سرمائي جي ضرورت هوندي آهي ۽ سرمايو جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ملڪي ڪرنسي ۾ ملي ته آرام سان ان ۾ سيڙپ ڪري سگهجي ٿي. هن سڄي عمل ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان هڪ نگران ۽ سهولتڪار طور مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن ۾ قانوني فريم ورڪ جي فراهمي، ڪرنسي مٽاسٽا جي پاليسي، پاشا بانڊز جي منظوري، وياج جي شرح شامل آهن. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اسٽيٽ بينڪ هن راند ۾ هڪ “ايمپائر” وارو ڪردار ادا ڪندي.