سسئي جُھد ۽ جاکوڙ جي علامت
شاھ صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن کي ڳايو آھي، پر ھن ستن سورمين نوري، ليلا، مومل، مارئي، سھڻي، سورٺ ۽ سسئيءَ کي نمايان طور تي ڳايو آھي. سندس ھِي ست ئي سُورميون پنھنجي پنھنجي ڪم ۽ ڪردار جي حوالي سان ھاڪاريون رھيون آھن. ڀٽائيءَ جي ستن ئي سورمين ۾ سسئي اھو انمول ڪردار آھي، جنھن تي ڀٽائيءَ سڄا سارا پنج سُر؛ سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوھياري ۽ سُر حسيني لکيا آھن. شاھ صاحب سسئيءَ جي سورن کي پنھنجا سور سمجھي سسئيءَ جي راھن تي سفر جاري رکيو. جتان جتان سسئيءَ گذر ڪيو، تقريبن شاھ صاحب اھي لڪ، اھي لانگھا، اھي جھنگ، اھي ٻيلا، اھي ور وراڪا، اھي جبل جھاڳيا آھن.
ھنگلاج ڏانھن ويندي شاھ صاحب ھڪ مقام تي اُڃ محسوس ڪندي پاڻ کي سسئيءَ جي عھد ۾ وٺي وڃي ٿو. جيڪا پنھنجي سَرتِين کي چوي ٿي:
سَرتِيُون! سڄي سُڃ، متان ڪا مونسين ھلي،
پاڻي ناھ، پنڌ گھڻو، اڳيان رائو رڳي رڃ،
مڇڻ مري اڃ، ڪا ڏيي پاراتو پرين کي.
شاھ صاحب به حقيقي عشق ۾ سفر جي مشڪلاتن کي نه ٿو ڏسي ۽ ھوت جي تلاش ۾ ھلندو رھي ٿو. کيس سسئيءَ جا پنڌ ياد پون ٿا ۽ چوي ٿو ته:
ڪَنڊا مون پيرن ۾، توڻي لَک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپون پير ڇِنن،
ويندي ڏاھ پرين، جُتي جات نه پائيان.
سفر ڇو نه ڪيترو به اڻانگو ھجي، پر عاشقن جا حوصلا پست نه ڪري سگھندو آھي. سفر ۾ محبوب ساڻ ھوندو آھي، ته پوءِ راھ جي سفر جا ڀتر ٺڪر، جبل ۽ ڪَنڊا به بَخمل ۽ گل مثل لڳندا آھن. ڇاڪاڻ ته محبوب جو ساٿ ڪنهن به ڏکيائي جو احساس ٿيڻ نه ڏيندو آھي، جڏھن سسئي پنھونءَ جي تلاش ۾ جبلن تان گذر ڪيو ته انھن جبلن کي مَيارون ڏيندي رھي، ته اڄ مون ساڻ پرين نه آھي ته مون کي اذيتون ٿا ڏيو. منھنجي پيرن کي ڇِلي پِٿون ڪري ڇڏيو اٿوَ. شاھ صاحب سسئيءَ جون اھي تڪليفون پاڻ ۾ سمائي چوي ٿو ته:
ڏونگر! تون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر تيئن وَھِين، جيئن وڻ وڍي واڍو،
ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، ناتَ پٿر ڪير پنڌ ڪري.
وڻن جو نظارو بيشڪ خوبصورت ڏيک ڏيندو آھي، پر اھي ئي وڻ جھنگن ۽ ٻيلن جي شڪل ۾ ھجن ۽ ڪو اڪيلو انسان انھن جي وچان گذر ڪندو، ته اھي ئي ساڳيا وڻ خوف پيا ڏيندا ۽ وري اھو انسان ھڪ تنھا، لاچار ۽ بيوس عورت جي روپ ۾ ھجي ته ان سان ڪھڙي ڪيفيت ھوندي. شاھ صاحب جڏھن ان ٻيلي وچان گذر ڪيو ۽ سندس نگاھ نانگن ۽ بلائن تي پيئي ته کيس سسئيءَ جي تنهائي ياد اچي وئي ۽ ھن بيت ۾ ان جي هيڪلائي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:
وڏا وڻ وَڻڪار جا، جِت نانگ سُڄن نِيلا،
اُتي عبداللطيف چئي، ڪِيا ھيڪلين حِيلا،
جِت ڪُڙم نه قبيلا، اُت رھبر! رسج راھ ۾.
شاھ صاحب جتي سسئيءَ جون تڪليفون، ڏک، درد، تنهائي، پنھونءَ کي حاصل ڪرڻ جي تڙپ، ڪَنڊن ۽ جبلن کي لتاڙڻ، پنھونءَ لاءِ روئڻ رڙڻ کي بيان ڪيو آھي، ته اتي سسئيءَ جون ايڏي وڏي مشڪل حالتن ۾ ان جو صبر، پرينءَ لاءِ پيار ۽ عشق جي انتھا به بيان ڪئي آھي. جيئن ھن بيت ۾ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته:
پيرين پيم پُرڪڻا، رَھ ۾ گھڻو رُنوم
پاراتو پرين کي، تَپي تان نه ڏِنوم،
چُڪي تي چيوم، سُواھَرُو سڄڻين.
ٻي جاءِ تي شاھ صاحب سندس دريا دلي جي ڳالھ ڪندي چوي ٿو ته:
ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽِنين ڏنم ڏُک،
سي سڀ ڀانيم سُک، ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.
شاھ صاحب سسئيءَ تي ڏکن جا انبار ۽ ان تي سسئيءَ جي صبر جي انتھا، سسئيءَ جو بي انداز محبوب ڪارڻ روئڻ رڙڻ ۽ ان جي تلاش جي جدوجهد کي جاري رکڻ، سسئيءَ جو بي پناھ اَلستي عشق، ان عشق ۾ ھن جي سفر جون مشڪلاتون ۽ اڪيلي عورت جي بھادري، دريا دلي، فراخدلي، ھمت ۽ حوصلي کي به ڳايو آھي. پنھونءَ جي عشق ۾ بک ۽ اڃ کي وساري جيئن سفر سسئيءَ ڪيو آھي، ته شاھ صاحب جي نظر ۾ اھڙو ڪنھن به نه ڪيو آھي. شاھ صاحب سسئيءَ جي ظاھري اُڃ نه بلڪ محبوب کي واپس ماڻڻ جي حقيقي طلب ۽ تانگھ کي ظاھر ڪندي چوي ٿو ته:
ساجن ڪارڻ سُڃ، مَر قبولي سسئي،
اندر جَنين اُڃ، پاڻي اڃيو تن کي.
ان سان گڏوگڏ شاھ صاحب سسئيءَ جا جبلن کان به وڏا ھن جا اٽل ارادا ۽ پنھونءَ تائين رَسڻ جا پُختا عَزم بيان ڪندي چوي ٿو ته:
موٽِي مَران مَ ماءِ، موٽڻ کان اڳي مَران،
لُڇي لالڻ لاءِ شال پونديس پير تي.
شاھ جو رسالو سسئيءَ جي سورن سان ڀريل آھي، ھر ھڪ بيت سسئيءَ جي ان ڏکايل قصي جو احساس ڏياري ٿو ۽ پڻ بردباري جو به درس ڏيئي ٿو.
شاھ جي سورمي سسئي جُھد، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي علامت آھي. ڏکن ۽ سورن ۾ به ھمت ۽ حوصلي جي تلقين آھي.
(نوٽ:- مٿئين مضمون ۾ بيت گربخشاڻيءَ جي رسالي تان کنيل آھن.)
***