ناني حُقي
اسان جو هڪ اڌڙوٽ عمر جو دوست هو ۽ نوڪريءَ دوران اسان سان گڏ ڪم ڪندو هو. گلا ڪرڻ سندس عادت ۾ شامل هئي، هو پاڻ کي بالا آفيسرن ۾ سرخرو ٿيڻ لاءِ انهن وٽ پنهنجن همعصرن ۽ دوستن جون گلائون ڪندو هو. ان ڪري ڪيترائي ملازم توڻي دوست کائنس پري رهندا هئا. ان ڪري پرپٺ کيس ناني حُقي جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڪنهن ڳوٺ جو قصو مشهور آهي ته ان ڳوٺ جي پوڙهي عورت صبح جو نيرن پاڻي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ سان گڏ حقو کڻي گهران نڪري پوءِ اوڙي پاڙي جي ڪنهن نه ڪنهن گهر پهچي ويندي هئي.
دراصل سندس حقو سائيز ۾ ننڍو هوندو هو جيڪو حُقي جي نالي سان مشهور هو. ناني حقي جنهن به گهر ۾ پهچندي هئي اتي گلا ڪرڻ شروع ڪندي هئي. جيئن: ادي ڪا خبر اٿئي فلاڻي جي گهر ۾ ڪالهه پيءُ پٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فلاڻي جي زال مڙس کي مٿي وارو ڏنڊو وهائي ڪڍيو، فلاڻي خان جي ڇوڪريءَ کي گدو اسپتال کڻائي ويا آهن وغيره. وري ان گهر مان ڪجهه خبرون وٺي ٻئي گهر رواني ٿيندي هئي، اتي به ڪي ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري وري ڪنهن ٽئين گهر ۾، تان جو منجهند جو ٽائيم ٿي ويندو هو ۽ ناني حُقيءَ به پراون گهرن ۾ گلائن جو ممڻ مچائي اچي پنهنجي گهر پهچندي هئي.
ڪجهه ماڻهن ۾ ناني حقيءَ جو ڪردار موجود رهي ٿو. سندن جي فطرت هوندي آهي ته جيسين ڪنهن جي گلا نه ڪندا تيسين سندن پيٽ ۾ کاڌو هضم ئي ڪو نه ٿيندو آهي. اهي ماڻهو جتي به ويندا اتي پرائي عيب جوئي ۽ گلا غيبت ڪري پنهنجو هنيانءُ ٺاريندا آهن، سندن ان عمل جي ڪري گلا ۽ چغلي جي چوچڙي باهه ٻاري ڇڏيندي آهي جنهن جي تپش سان سڪ، قرب ۽ محبت جي سونهن ڪاراٺجي ڪوئلا ٿي ويندي آهي ۽ دوستن، عزيزن، مٽن ۽ مائٽن جي نازڪ رشتن ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. دفترن ۾ اڪثر آفيسرن ۽ ملازمن وچ ۾ ڪاوڙ، غم ۽ افسوس وڌڻ ڪري ويڇا پئجي ويندا آهن، حسد، ساڙ ۽ تعصب جي باهه گهرن ۽ دفترن جو وقار ۽ شان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙن ماڻهن کي روڪڻ، ٽوڪڻ ۽ جهلڻ پلڻ وارا ڪي ورلي پيدا ٿيندا آهن نه ته گهڻا وري گلا ٻڌي خوش ٿيندا آهن ۽ هو جڏهن ”ناني حقي“ جهڙي ماڻهو کي ملندا ته ملي خوش پيا ٿيندا ۽ پوءِ پرايون پچارون، گلا ۽ غيبتون ٻڌي هڪ ٻئي کان موڪلائيندا. گهرن ۾ نفرتن جو ٽانڊو ٻارڻ ته لاءِ ته ناني حقي ڄڻ ته ويچاري چئبي پر اڪثر ادارن ۾ جيڪي ناني حقي جهڙي فطرت رکن ٿا اهي پنهنجي مڪروه عادت کي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پهچائي، پنهنجو دڳ مٽائي ميسڻا بڻجي ٻين جي ڪمزورين ۽ خامين کي کولي وٺندا آهن ۽ پنهنجي شيطاني روپ کي لڪائي پاڻ کي انتهائي مظلوم ۽ اپيپ ٿي پيش ڪندا آهن، ادارن جا چڱا مڙس اهڙو ڪردار ۽ فطرت رکندڙ زيردست ماڻهن کي پنهنجو همراز بڻائي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا آهن، جڏهن ته گلا خور ۽ جاسوسي ڪندڙ معاشري ۾ خوار ۽ خراب ٿئي ٿو، انهيءَ جي ڳالهين کي سچ سمجهي ڪنهن اٻوجهه زيردست تي ڪارروائي ڪندڙ کي به ان جي نتيجي ۾ ڀوڳڻو پوي ٿو.
انسان ۾ فطرت وارا جيئاپي جا گُڻ ۽ جيئاپي لاءِ هاڃيڪار اوگڻ موجود آهن، تنهنڪري انساني معاشري اندر بلڪه انسانن جي وچ ۾ خود هر فرد جي اندر فطرت جي وحشي جذبن، تخريبي خواهشن، دوستي ۽ ڀائيپي جي جذبن، احساسن ۽ اُڌمن جي وچ ۾ لاڳيتي جنگ هلندي رهي ٿي، ان ۾ مائي حُقي واري غليظ عادت به شامل آهي، تنهن ۾ لاڳيتي جنگ هلندي رهي ٿي، جنهن سان رسوائي، بدنامي ۽ هڪ ٻئي جو نقصان هجڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ملي سگهي.
***