بجلي جي قيمت ۾ 55 پئسا في يونٽ اضافو منظور
نيپرا جي چيئرمين رحمت الله بلوچ جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ بجلي جي قيمت ۾ 55 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هي اضافو اپريل مهيني ۾ تيل جي قيمت وڌڻ سبب ڪيو ويو آهي. نئين قيمت ڪي اليڪٽرڪ کان علاوه سڀني بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي صارفن تي لاڳو ٿيندي. واضح رهي ته هن اضافي بعد بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي جون جي مهيني ۾ 5 ارب 20 ڪروڙ رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي.