نئون

سنڌ جي پاڻي جو مسئلو سڀ کان پهرين حل ڪندس: نئون گورنر

گورنر سنڌ عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي جنهن کي سڀ کان پهرين حل ڪندو. سنڌ جي نئين گورنر قائداعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو صوبي جي ترقي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، صوبي جي ئي مفادن لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلندو، جيڪي اسيمبلي کان ٻاهر جون جماعتون آهن انهن کان به مدد ورتي ويندي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي جنهن جي حوالي سان منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو. وفاقي منصوبن تي اڄ بريفنگ وٺندو ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلي کي سڀ کان پهرين حل ڪندو.