ٺٽي ويجهو ڳوٺ محمد عارب سولنگيءَ ۾ مسڪين پورهيت خميسو خان سولنگي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ حاجن سولنگي اڄ کان ڪجھه سال پھرين پنھنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھڪ ڪکائين جھوپڙي جوڙي پنهنجي ئي ذات جي ھڪ مھربان استاد سائين نور محمد سولنگي کي منٿ ڪري بدلي ڪرائي اچي تعليم ڏيارڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ھڪ کان ٻن ۽ ٻن کان ٽن ڪمرن تائين پھتو جنھن ۾ ڳوٺ سميت علائقي جي پنجن ستن ڳوٺن جي معصوم ٻارڙن (پٽن ۽ نياڻين ) کي تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻيو. اسان پھرئين ڏينھن کان ڳالھين جي حد تائين سندس ھمدرد ساٿي ۽ ھمٿائيندڙ رھياسين، پنهنجي پتڪڙي فورم (سنڌ ڪلچرل فورم) پاران ساڻس 2016 ڌاري اسڪول جي مالڪي ڪرڻ جي مڃتا طور ساڻس ھڪ شاندار رھاڻ رچائي کيس ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ ۽ ٻين ڏاھن ھٿان شاھ جو رسالو مڃتا ايوارڊ طور به ڏنو، (اھڙيون الائي ڪيتريون کيس مڃتائون ملي چڪيون آھن) پاڻ جيڪو پھرئين ئي ڀٽائيءَ جي فڪر جو پاند جھلي تعليمي ڏياٽيون ٻارڻ جو فيصلو ڪري چڪو ھو، پر لطيف جو رسالو ايوارڊ طور ماڻڻ بعد سندس ۾ وڌيڪ جوش ۽ جولان پيدا ٿيو. پاڻ ھمٿ ۽ حوصلي جو سندرو ٻڌي اسڪول جي ڪم ۾ جنبي ويو، ڳوٺاڻن جي ڪم علمي سبب کيس بار بار ڏک ۽ رڪاوٽون ملنديون رھيون آھن ته وري ڪي مون جھڙا مت جا موڙھيل ۽ عقل جي اڪابرن پاران به لفظن، روين ۽ ٻين طريقن سان کيس ھن شعور ڏيندڙ ڪم کان روڪڻ ۽ بدظن ڪرڻ جون ڪافي ڪوششون پڻ ڪيون ويون ۽ ٿينديون رهيون آهن ۽ آڳتي به ٿينديون رھنديون، پر ھن لطيفي فڪر ۽ سوچ جي پيروڪار سڀني رڪاوٽن کي لطيف جي ھڪڙي سٽ سان ٿڏيندي اڳتي رمندو رهيو آهي.