بلاگنئون

تعليم جون ڏياٽيون ٻاريندڙ ٺٽي واسي حاجن سولنگي

ٺٽي ويجهو ڳوٺ محمد عارب سولنگيءَ ۾ مسڪين پورهيت خميسو خان سولنگي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ حاجن سولنگي اڄ کان ڪجھه سال پھرين پنھنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ھڪ ڪکائين جھوپڙي جوڙي پنهنجي ئي ذات جي ھڪ مھربان استاد سائين نور محمد سولنگي کي منٿ ڪري بدلي ڪرائي اچي تعليم ڏيارڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي ھڪ کان ٻن ۽ ٻن کان  ٽن ڪمرن تائين پھتو جنھن ۾ ڳوٺ سميت علائقي جي پنجن ستن ڳوٺن جي معصوم ٻارڙن (پٽن ۽ نياڻين ) کي تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻيو. اسان پھرئين ڏينھن کان ڳالھين جي حد تائين سندس ھمدرد ساٿي ۽ ھمٿائيندڙ رھياسين، پنهنجي پتڪڙي فورم (سنڌ ڪلچرل فورم) پاران ساڻس 2016 ڌاري اسڪول جي مالڪي ڪرڻ جي مڃتا طور ساڻس ھڪ شاندار رھاڻ رچائي کيس ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ ۽ ٻين ڏاھن ھٿان شاھ جو رسالو مڃتا ايوارڊ طور به ڏنو، (اھڙيون الائي ڪيتريون کيس مڃتائون ملي چڪيون آھن) پاڻ جيڪو پھرئين ئي ڀٽائيءَ جي فڪر جو پاند جھلي تعليمي ڏياٽيون ٻارڻ جو فيصلو ڪري چڪو ھو، پر لطيف جو رسالو ايوارڊ طور ماڻڻ بعد سندس ۾ وڌيڪ جوش ۽ جولان پيدا ٿيو. پاڻ ھمٿ ۽ حوصلي جو سندرو ٻڌي اسڪول جي ڪم ۾ جنبي ويو، ڳوٺاڻن جي ڪم علمي سبب کيس بار بار ڏک ۽ رڪاوٽون ملنديون رھيون آھن ته وري ڪي مون جھڙا مت جا موڙھيل ۽ عقل جي اڪابرن پاران به لفظن، روين ۽ ٻين طريقن سان کيس ھن شعور ڏيندڙ ڪم کان روڪڻ ۽ بدظن ڪرڻ جون ڪافي ڪوششون پڻ ڪيون ويون ۽ ٿينديون رهيون آهن ۽ آڳتي به ٿينديون رھنديون، پر ھن لطيفي فڪر ۽ سوچ جي پيروڪار سڀني رڪاوٽن کي لطيف جي ھڪڙي سٽ سان ٿڏيندي اڳتي رمندو رهيو آهي.

آڏو ٽڪر ٽر متان روھ رتيون ٿئين.

جوڳي رمتا ڀلا جي مصداق پنھنجي نيڪ مقصد ۾ اڳي کان اڳرو جدوجهد ۾ وکون وڌائيندو ڪاميابين جا ڪيئي مرحلا طئي ڪندو رھيو. حاجن جي مستقل مزاجيءَ سان اسڪول جي مالڪي ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ تعليم دوست ماڻھو سندس مشڪلون آسان ڪندا رھيا ۽ سندس ٻيڙا پار ٿيندا رھيا، ائين ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارو سلسلو اڳي کان اڳرو ٿيندو رھيو.

 تازو ورلڊ بينڪ پاران سنڌ ۾ مختلف پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جو ھڪ پروجيڪٽ آيو، جنھن تحت ٺٽي ضلعي ۾ ڪجھه اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنھن ۾ اسان جي ھن فقير حاجن سولنگي واري اسڪول جو به ڪڻو نڪتو، جنھن تحت ھي اسڪول پنجين ڪلاس مان ڦري ايليمينٽري اسڪول بڻجي ويو آهي، جنھن جي نئين بلڊنگ به تيار ٿي چڪي آهي، جيڪا انشاءَالله ايندڙ فيبروري مھيني ۾ مڪمل ٿي ويندي. حاجن سولنگي جي اھا وڏائي آھي جو پاڻ 7  جنوري 2026 تي فون ڪري حڪم ڪيائين ته اچو اسڪول جي باغيچي ۾ نم جو وڻ لڳائي پارڪ جي ڪم جي شروعات ڪيون. سچ اھو آھي ته حاجن سولنگي موجوده وقت جو تمام وڏو ماڻھو آھي جنھن اسان وانگر تقريرن ۽ پروجيڪٽن تي گذارو ناھي ڪيو، پر ھن پنھنجي حصي جو ڏکيو ۽ اڙانگو ڪم اڪيلي سر عملي طور تي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

حاجن سائين! جھوپڙيءَ کان وٺي اڄ شاندار عمارت ۽ پرائمري کان ايليمينٽري تائين جي سفر ۾ اوھان عشق جي پنڌ ۾ رڳو پير لڦون ناھن ڪيا، پر  ڪيترن ئي نادانن جي روين جي تيرن سان به پنهنجي روح کي زخمي  ڪيو آهي، پر ھڪ پل لاءِ به اوھان ھمت نه هاري ۽ پنهنجو ڪم انتهائي سنجيدگيءَ سان ڪندا رهيا. اوھان کي پنھنجن خوابن جي ساڀيان ٿيڻ جون بي شمار مبارڪون ڏيندي سنڌ جي سمورن صالح ۽ تعليم دوست فرزندن ۽ نياڻين پاران اوھان کي عظمت ڀريو سلام پيش ڪريون ٿا.