پ پ ۽ ن ليگ طرفان چيئرمين نيب جي آڊيو ۽ وڊيو بابت تحقيقات ڪرائڻ جو مطالبو

پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين نيب جي وڊيو سامهون اچڻ سان هن جي اخلاقي پوزيشن خراب ٿي آهي. وڊيو ۽ آڊيو ۾ چيئرمين نيب جو پنهنجو آواز لڳي رهيو آهي، پر جيستائين اها ڳالهه ثابت نه ٿي وڃي هن کي شڪ جو فائدو ملندو. ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته ان آڊيو ۽ وڊيو جو ايف آءِ اي پاران فرانزڪ ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف ن ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان کي ته انصاف نه مليو آهي، پر اسان چاهيون ٿا ته چيئرمين نيب کي انصاف ملي. چيئرمين نيب کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. هن کي اپوزيشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ حڪومت بچائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. سڄي معاملي پويان وزيراعظم هائوس جو هٿ آهي. خاقان عباسي چيو ته چيئرمين نيب تي الزام هڻندڙ شخص طاهر خان آهي ۽ هو وزيراعظم جو صلاحڪار ۽ دوست آهي. هن ئي عمران خان جي ميڊيا مهم هلائڻ سان گڏ عمران خان جي اليڪشن مهم کي فنڊ به فراهم ڪيو. قومي اسيمبلي جي رول 244 بي تحت چيئرمين نيب جي معاملي جي تحقيقات لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ رپورٽ کي عوام آڏو پيش ڪيو وڃي. خواجه آصف ڪميٽي جي تشڪيل لاءِ قومي اسيمبلي ۾ قرار داد پيش ڪندو حڪومت جو ڪميٽي کان ڀڄڻ سان انهن جي بي ايماني ثابت ٿيندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *