تحريڪ انصاف سنڌ ۾ صوبو ٺاهڻ خلاف آهي
وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي دوري دوران گورنر هائوس ۾ ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ کي ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهي. هن دوري دوران وزيراعظم جي تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن سان ملاقات ٿي. جنهن ۾ جي ڊي اي جا رڪن شامل هئا، ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري منصوبن ۽ اتحادي معاملن تي ڳالهايو ويو. هن موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ سنڌ ۾ هڪ نئين صوبي ٺاهڻ جي حق ۾ نه آهي ۽ سنڌ ۾ نئين بلدياتي نظام اچڻ کانپوءِ ڪنهن به ورهاڱي جي ضرورت نه رهندي. وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران سنڌ جو وڏو وزير هڪ دفعو ٻيهر منظر تان غائب رهيو. نه هو ايئرپورٽ تي ويو ۽ نه ئي هن ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير هائوس مطابق وزيراعظم جي شيڊيول ۾ وڏي وزير سان به ملاقات رٿيل نه هئي. ٻئي طرف وڏو وزير بلاول سميت خانڳڙهه ۾ تعزيت لاءِ ويل هو ۽ هن جون ٻيون به مصروفيتون هيون.

