خاص

سانحه بلديه: رحمان ڀولا، زبير چريا کي 264 ڀيرا سزاءِ موت جو حڪم، رئوف صديقي سميت 4 بري ڪراچي جي انسداد دهشتگردي جي خصوصي عدالت 8 سالن کانپوءِ سانحه بلديه فيڪٽري جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت ڀتو نه ڏيڻ تي بلديه فيڪٽري ۾ باهه لڳائي اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي هن مقدمي ۾ رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي 264 دفعا سزاءِ موت ڏيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چئن ملزمن کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو جن ۾ ايم ڪيو ايم رهنما رئوف صديقي، اديب خانم، علي حسن قادري ۽ عبدالستار شامل آهن. عدالت چئن ملزمن فضل احمد، علي محمد، ارشد محمود ۽ فيڪٽري مئنيجر شاهه رخ کي به سهولت ڪاري جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي. عدالت واردات جي ماسٽر مائينڊ حماد صديقي ۽ علي حسن قادري کي اشتهاري قرار ڏنو آهي ۽ انهن جا دائمي وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن. انسداد دهشتگردي جي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ 2 سيپٽمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. تحريري حڪم نامي جا اهم نقطا: * رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي 264 ماڻهن جي قتل ۾ 264 ڀيرا سزاءِ موت ڏني ويندي. * ٻنهي ملزمن کي فيڪٽري جي اندر ملازمن کي قتل جي ڏوهه ۾ 264 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي. * 60 ماڻهن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 10، 10 سال قيد ۽ 1، 1 لک رپيا ڏنڊ به عائد. * 264 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 2، 2 لک رپيا ڏيڻ جو حڪم. * ملزمن کي ڀتا خوري جي الزام ۾ 10، 10 سال قيد ۽ 1، 1 لک رپيا ڏنڊ. * رئوف صديقي، حسن قادري، ڊاڪٽر عبدالستار ۽ اديب خانم جي خلاف استغاثه جرم ثابت نه ڪري سگهيا. * مفرور ملزم حماد صديقي ۽ علي حسن قادري جي گرفتاري جا دائمي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. * ملزم شاهه رخ، علي محمد، فضل محمد، ارشد محمود کي سهولت ڏيڻ جي الزام ۾ عمر قيد. * سهولتڪارن ڪيميڪل سان گڏ ملزمن کي فيڪٽري ۾ داخل ٿيڻ ۾ مدد ڪئي. تحريري حڪم نامون: فيڪٽري مئنيجر شاهه رخ، علي احمد، فضل محمد ۽ ارشد محمود کي سهولت ڪاري جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، انهن چئن جو جرم اهو آهي ته هنن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا لاءِ فيڪٽري جا گيٽ کولرايا ۽ آتش گير ڪيميڪل فيڪٽري جي اندر آڻڻ جي راهه هموار ڪئي. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي صوبائي وزير رئوف صديقي، حسن قادري، ڊاڪٽر عبدالستار ۽ اديب خانم کي ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي بري ڪيو ويو، انهن تي سياسي اثر و رسوخ استعمال ڪرڻ ۽ وارثن جي امداد جي نالي تي فيڪٽري مالڪن کان پنج ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جو الزام هو. عدالتي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته ملزم سانحي ۾ مري ويلن جي وارثن کي ديت جي مد ۾ 27 لک 77 هزار 353 رپيا في ڪس جي حساب سان ادا ڪن. سزاءِ موت مليل زبير چريا واردات کانپوءِ سعودي عرب فرار ٿي ويو هو ۽ ان کي ڪراچي واپس اچڻ تي رينجرز گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته رحمان ڀولا کي ڊسمبر 2016 ۾ انٽر پول جي مدد سان ان وقت پڪڙيو ويو هو جڏهن هو بينڪاڪ کان ڏکڻ آفريقا فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.