خاص

گڊو ٿرمل پاور جي سوئچ يارڊ ۾ باهه لڳڻ سبب بجلي پيدا ڪرڻ وارا 6 يونٽ ٽرپ

گڊو ٿرمل پاور جي سوئچ يارڊ ۾ باهه لڳڻ سان بجلي پيدا ڪرڻ وارا 6 يونٽ ٽرپ ٿي ويا. ذريعن مطابق گڊو ٿرمل پاور جي سوئچ ۾ باهه لڳڻ سان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڊو ٿرمل پاور سوئچ ۾ لڳل باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ متبادل ذريعن کان بجلي جي فراهمي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.