خاص

سپريم ڪورٽ پاران خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري

سپريم ڪورٽ پ پ رهنما خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ جي ضمانت جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ پ پ رهنما خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پ پ رهنما طرفان رضا رباني دليل ڏنا. رضا رباني پنهنجن دليلن ۾ چيو ته خورشيد شاهه هڪ سال کان جيل ۾ آهي، ڪيس 12 جائيدادن ۽ 3 اڪائونٽن متعلق آهي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ 9 ملزمن کي ضمانتون مليون، ضمانتن جي خلاف اپيلون داخل ڪري ڇڏيون آهن انهن کي به ٻڌو وڃي. ان موقعي تي عدالت 9 ملزمن جي ضمانت جي منسوخي لاءِ داخل نيب اپيلون به مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ عدالت خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ فرخ شاهه جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.