خاص

پاڪستان جو هر ماڻهو عمران خان جي سونامي واري قيمت ادا ڪري رهيو آهي: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو هر ماڻهو عمران خان جي تبديلي واري سونامي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بنائيندي  چيئرمين چيو ته سعودي عرب کي 3 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻ جي لاءِ عمران خان چين کان قرض ورتو. هن چيو ته قرض نه وٺڻ جو اعلان ڪندڙ عمران خان سموري دنيا ۾ ڪشڪول کڻي گهمي رهيو آهي. وزيراعظم صاحب بيشڪ اوهان کي چندو گهرڻ جو وڏو تجربو آهي، پر چندن تي ملڪ نه هلندا آهن. هن چيو ته عمران خان جي ناقص معاشي پاليسين سبب عوام جي زندگي ڏکي ٿي چڪي آهي. هر پاڪستاني عمران خان جي نااهلي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. قرض جيڪڏهن ڪرپشن ۾ اڏايو ويندو ته عام ماڻهو مهانگائي ۾ پيسجندو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان بني گالا جي محل مان ٻاهر نڪري، عام ماڻهو عيد جي تياري لاءِ به معاشي لحاظ سان پريشان آهي. پاڪستان جو هر انسان عمران خان جي تبديلي جي سونامي جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت ۾ ايتري به طاقت ناهي جو چين کي سي پيڪ جا واجبات ادا ڪري سگهي. پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهي سرمائيدار پاڪستان ۾ سرمائيڪاري کان ڀڄي رهيا آهن.