بلاگنئون

“ريڊيولاجي” جديد ڪهاڻين جي سهيڙ

سائين اظهار بالادي جي هن ڪهاڻين جي ڪتاب جيDedication  ڏاڍي سهڻي لڳي، جنهن ۾ ڪتاب جو پورهيو محترمه شبنم گل جي نانءِ ٿيل آهي جيڪو هڪ زبردست فراخ دلي جو ثبوت آهي ۽ انتهائي احترام جوڳي ڳالهھ به آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ ڪتاب جو مقدمو به رکيو ويو آهي جنهن ۾ وڏي پختگيءَ سان ڪتاب جي لاءِ استدعا ڪيل آهي سا به محبوب جي اڻ موٽ هٿن سان، جنهن جي لاءِ دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سائين اظهار بالادي صاحب جو هي پورهيو ساڀ پوندو. هونءَ ڪتاب کي هٿن ۾ رکي ڪتاب جي پني، ڪَور پيج ۽ رائيٽر جي سهڻي تصوير ان ڳالهھ جي دعويدار ناهي هوندي ته ڪتاب ڀلو هوندو، پر ڪجھه تخليقون واقعي ئي مان لهڻن ٿيون ۽ پائيدار به هجن ٿيون، ان ڪري اها ڳالهھ به چئي سگهجي ٿي ته هي ڪهاڻيون رڳو ڇپجڻ تائين جيئريون نه هونديون، پر اهي تخليقون ڇپجڻ کانپوءِ به پاڻ مڃائينديون. ان ڪري ته جيڪي به تخليق جا لوازمات اشد ضروري هجن ٿا اهي ليکڪ پختگيءَ سان پورا ڪيا آهن. هونءَ شروع ۾ ڪتاب ملڻ سان ۽ ڏسڻ سان مون وٽ به اهي ئي سوال هئا ته ڪتاب جو موضوع ۽ پاڻ “ريڊيولاجي” ڪهاڻي ڇا هوندي، ڪيئن هوندي ۽ ڪٿي جي لکيل هوندي؟ پر رائيٽر جيAdvocacy  ان ڳالھه جو قوي ثبوت آهي ته ڪهاڻيڪار پاڻ انتهائي پختو ۽ سندس سرجيل تخليقون ڪنهن منزل جون راهي ضرور آهن.
تخليقي اسمن جي لاءِ پڙهندڙن، نقادن ۽ ڇپيندڙن وٽ هڪ حد تائين هڪPositivity  ۽ ترقي پسند عنصر هجڻ گهرجي ان ڪري ڳالھه کي پهرين ٻڌجي، سمجهجي، پرکجي ۽ ڪنهن گهاڙيٽي، وزن، طريقي ڪار ۽ مروج نمونن تي لاهي توري تڪي فيصلو ڪجي، ڇو ته تخليقن جي لاءِ اڳواٽ ترت تيار ۽ ماپيل ۽ سوچيل رايا نه ٿا ڏئي سگهجن يا چئجي ته اها تخليق فلاڻي خان کان وڌيڪ ناهي يا آهي ته پوءِ ان تخليق کي خراب چئجي، يا جي هن تخليق کي ڀلو چئبو ته فلاڻي، ٽيري ۽ مٽيري خان جي تخليق ڌڪجي ويندي، ان ڪري اهي سڀ تخليقون جيڪي اسان کي پسند آهن ۽ تخليقڪار به اسان جي پسند جو آهي ته معني سڀ ٺيڪ آهي نه ته انهن جون تخليقون ۽ ڪتاب ڏسي نڪ چاڙهي ڪتاب کي مورڳو ئيDustbin  ۾ ڦٽي ڪري ڇڏجي، ان ڪري تخليقن جي لاءِFlat Denial  نه ٿا ڏئي سگهجن، جن جي لاءِ چئجي ته هي تخليق ڪجهھ به نه لهڻي يا تخليق ڪم جي ناهي، پر ڳالهائڻ ۽ پرکڻ وارو يا سمجهو ماڻهو ان ڳالھه جو فيصلو ڪري ته تخليق جو ماڻو ڪٿي ڪٿي کٽل آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پورو آهي يا شخصي پسنديدگي ۽ ناپسنديدگيءَ جي بنيادن تي شين کي ڪِنَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي نه ٿو سگهجي يا ائين چئجي ته ان تخليق کي نندڻ سان منهنجي پنهنجي تخليق جاءِ وٺندي يا ان تخليق، ڪهاڻي، نثري ٽڪرن، شاعري، ناول يا مضمون کي جيڪڏهن ڪنهن پڏايو ته منهنجي پنهنجي تخليق ناس ٿي ويندي، ان ڊڄ ۾ ڪجهھ سرجڻهار ٻين جي تخليقن کي ننديندا رهندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته جنهن سرڪل ۾ انهن جي تخليق ۽ انهن جي پنهنجي شخصيImage  جي واهه واهه آهي اها رهندي اچي ۽ ٻيا ان جاءِ تي نه پڄن.
ٿلهي ليکي ٻوليءَ جون گهرجون اهي آهن ته ڪهاڻيڪار جڏهن پاڻ لکي ته جملن جي سٽاءَ، ٻوليءَ جي مروج لفظن گهاڙيٽن ۽ ڌاريائپ وارن لفظن جي استعمال ۾ محتاطي ڪري يا جي کڻي استعمال به ڪري ته لفظن جي Fitting ۽ Fixing  جو خيال رکي، مثال ڳوڙها “ٽمائڻ” يا “ڳوڙها وهائڻ” يا مثال “جُتي جي نوڪ تي رکڻ” يا “پادر جيتري حيثيت سمجهڻ” يا “گھٽ حيثيت ڏيڻ” يا “احتياط رکڻ” يا “احتياط ڪرڻ” ۾ فرق آ، ان ڪري رائيٽر گرامر جا گهاڙيٽا يا ٻوليءَ جي مطابقت جو خيال رکي. يا ڳالهھ (ڪهاڻي) جڏهن “زمان حال” ۾ ڪجي (لکجي) ته سڀ ڳالهھ (ڪهاڻي) زمان حال ۾ ڪجي ۽ لکجي، يا جي ڳالهھ ماضيءَ جي هجي ته ڳالهھ ماضيءَ ۾ کڻي هلجي يا جي مستقبل جي ڳالھه هجي ته ڳالهھ جو سڄو سٽاءُ ۽ لقاءُ مستقبل ۾ ڪندو هلائجي ته جيئن جملن ۾ Coherence ۽ مسلسلتا رهندي هلي نه ته ٻولي کٽل سمجهي ويندي ۽ ڪهاڻيءَ جي مضمون تي، سٽاءَ ۽ Matter  تي ڪهاڻيڪار جي Grip  ۽ Control  زيرو سمجهو ويندو، پوءِ جيڪو سمورو Write-up  ۽ پورهيو هوندو، ان جي ڪا ثبات ۽ قلمي حيثيت نه هوندي. ان ڪري ٻوليءَ مان مراد اهي سڀ گهرجون به آهن جيڪي هر نثرنگار پورو ڪري هلي ته هوند بهتر ٿئي، نه ته اهو تخليقڪار پنهنجي ڪهاڻين جي پاڻ Advocacy  ڪندو رهجي ويندو ۽ ڳالهھ پوري نه ٿيندس. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ڪهاڻين جي اندر جملن ۾ سٽاءَ جي کوٽ آ يا جيڪا زماني مسلسلتا هجڻ گهرجي اها ڏنل ناهي، توڻي جو ڪهاڻين جو Essence  ۽ انهن جا مضمون ڏاڍا Creative  آهن يا ڪهاڻيون جيڪو پيغام ڇڏين ٿيون اهو ڏاڍو لاجواب آهي ۽ ڪهاڻين اندر نفيس پڻو به آهي ته ڪردار پنهنجي ليکي جيڪي Abstract  ۽ خيالي پلاءَ جوڙين ٿا يا محبتن جون جيڪي ڇيريون ٻَڌن ٿا يا جيڪي سرسري ٺاھه جوڙي هلن ٿا سي انهن ڪَميُن ۽ اوڻاين جي ڪري ڌوڙ ٿي ٿا وڃن.
ڪهاڻي ۾ Time  ۽ Space  مان مراد ڪهاڻيءَ جي Bonding  به آهي ته گڏوگڏ هر ان اسم جي Unity به آهي ته ڪهاڻي ڪهڙي زمان جي ڳالهھ ٿي ڪري، مثال ڪهاڻي جي 80 جي ڏهاڪي جي ڳالهھ ٿي ڪري ته ڪهاڻي جي ڪردارن، منظرنگارين، ڪردارنگارين، ڊائيلاگ ڊليوري، گهرن جا سيٽ اپ، ڳالهائڻ جا انداز، Gadgetries  معنيٰ موبائيل فون يا ڪمپيوٽر جي ڳالھه يا ٽيبليٽس جي ڳالھه يا ڪهاڻي ۾ جيڪڏهن گرين بسن، ريڊلائين بسن يا اورينج لائين بسن جا ڳالھه ڪبي يا بلٽ ٽرين جي ڳالھه ڪنداسين ته معنيٰ اهي سڀ ڳالهيون هن دور جي عڪاسي ڪندڙ هونديون، يا مثال موبائيل فون، آئي فون، انٽرنيٽ، وائيس نوٽ، فيسبوڪ، سوشل ميڊيا يا جديد هوٽلون يا کاڌي پيتي جي دوڪانن جي ڳالھه ڪنداسين ته اتي ڪي ايف سي ۽ ميڪڊونلڊ جي ڳالھه هوندي ته معني اهي سڀ ڳالهيون پوءِ ڪردارن جي موازني ۽ پلاٽ سان موافقت جي ڳالھه به سهيڙينديون هلنديون. مثال موهن جي دڙي جي فلم جي ڳالھه ڪيون ته فلم ساز ان ۾ اهڙي ڪا به ڳالھه نه ڏيکاريندو، جنهن تي سوال ڪري سگهجي ته موهن جي دڙي جي تاريخ ڪجھه ٻي آهي ۽ فلم ۾ ڊائريڪٽر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر هٿ جي هنئي آهي. ان ڪري Time and Space جي ڳالھه ائين ئي نتيجا خيز بيهاري سگهجي ٿي، ان ڪري حاصل مطلب اهو آهي ته ڳالھه اها ڪجي جيڪا ٺهي ۽ اڻ وڻندڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ڳالھه نه ڪجي ته بهتر هوندو يا جنهن ڳالھه تي سوال اٿارجن ان ڳالھه ڪرڻ ۽ لکڻ کان پاسو ڪجي.
ڪهاڻيون ڪنهن حد تائين هڪ زبردستFrustration  جون ديده دلي عڪاس ۽ ثبوت به هونديون آهن، پر ڪٿي ڪٿي حقيقت پسند به هونديون آهن، سائين اظهار بالادي ڪهاڻي “شينو” ۾Pet Animals  سان انسيت واري ڳالهھ ٿو ڪري، جنهن ۾ هڪ ٻليءَ سان انتها درجي جو لاڳاپو ڏيکاريل آهي، جيڪو هڪ زبردست سبق آهي. سائين اظهار بالادي جي ڪهاڻين جا موضوع، لکڻ ۽ پيشڪش جا انداز ۽ ڪهاڻين جا Essence  ۽ Theme  ڏاڍا لاجواب ۽ مانائتا آهن جن کان انڪار ناهي. جنهن نازڪ مزاجي ۽ نرم گوشي سان ڪهاڻيون سرجيون ويون آهن انهن جي تعريف ائين ڪجي جيئن “اوهينري جي ڪهاڻي” “ميمريز آفي ييلو ڊاگ”، ايلينر ايٽڪسن جي ڪهاڻي “گري فرايربابي”، مارڪ ٽوين جي “اَ ڊاگس ٽيل”، ورجينا وولف جي “فلش آف بايوگرافي” ۽ جيڪ لنڊن جي “دي ڪال آف وائيلڊ” جي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙيون ٻيون به مغربي ڪهاڻيون آهن جن سان اهڙي ڀيٽ ڪري سگهجي. ان ڪري ڪهاڻيڪار جي اهڙي Approach  تي ڏاڍي خوشي ٿي ته اسان وٽ به اهڙو Fiction  سرجي ٿو جنهن ۾ ڪهاڻيڪار جون اهڙيون تخليقون ڪنهن انٽرنيشنل ميلي ۾ لاهي رکجن.
اتي هڪڙي ڳالهھ ڳنڍجي ته ڪهاڻين جو اڀار ۽ مُهڙ ڪنهن تمهيد سان ٻڌل نه هجڻ گهرجي، ڇو جو ڪهاڻي مضمون ناهي ۽ ڪهاڻي جي ڪنهن ڊائيلاگ ۽ منظرنگاري سان اٿارجي ته هوند ڀلو، ان ڪري ته اها ڪهاڻي اڳتي به ڪهاڻي ٿي هلندي، ۽ ڪهاڻي ۾ هڪ ٻيو ڌيان به رکجي ته ڪهاڻي ۾ اندر رهي ڳالهائجي ۽ ٻيو ته ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي ۽ سرجڻهار جي ٻوليءَ ۾ واضح فرق هجڻ گهرجي، يا ڪٿي ائين نه لڳي ته ڪهاڻيڪار پاڻ ڊائيلاگ جي وزن کان گھٽجي ٿو يا ٻولي ڇڄي ٿي هلي جنهن جي ڪري ڪهاڻي پنهنجي جٽاءَ ۽ نياپي ۾ ڀرپور نه هلائي سگهبي. ان ڪري ڪهاڻي “واپسي” ۾ ڪجھه اهڙي ڏِک ڏنل آهي. “پنهون ٿيس پاڻ” هڪ ٻه ٽڪر ۽ ٻه اڌ ڪهاڻي آهي ۽ اها ڳالھه به مڃجي ٿي ته ٻئي اڌ ۽ Split Story  تمام ڀرپور لکيل آهي، جي اهي ٻه الڳ الڳ هجن ها ته ڀرپور ڪهاڻيون ٿي پون ها، ان ڪري جو ٻنهي ڪهاڻين جا مضمون مخلتف آهن ۽ اهي ٻئي ڪهاڻيون ڌار ڌار موضوعن تي آڌاريل آهن، ڇو ته پهرين اڌ ۾ Feminism  ۽ ٻئي اڌ ۾ ڀرپور Romance  اوتيل آهي ۽ ٻئي ڪهاڻيءَ جا ٽُڪر تمام ڀرپور احساس سان ٽٻٽار آهن.
ڪهاڻين ۾ اردوئي سنڌي تمام گهڻي آهي، جيئن “صبح جو ڀليو شام جو گهر واپس اچي ته ان کي ڀليو نه چئو” يا مثال “هن جي لاءِ ڪو نرم گوشو پنهنجي اندر ڦٽڻ نه ڏيان” يا ڪهاڻي لکڻ ۽ آکاڻي ٻڌائڻ ۾ هڪ واضح فرق ضررو هوندو آهي جيڪو “مريض” ڪهاڻيءَ ۾ لڳو. ڪهاڻي “اڏام” هڪ زبردست تجريدي ڪهاڻي آهي جنهن جي لاءِ رائيٽر جي تخليقي حس کي جس ڏجي، جيئن مٿي “شينو” ڪهاڻيءَ جو ذڪر ڪيوسين ته ائين هيءَ ڪهاڻي به اهڙي ئي زبردست ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ترڪيباتي ۽ استعاراتي انداز ۾ رائيٽر جيڪي ڳالهيون چوڻ چاهيون آهن سي معاشرتي Fabric  متعلق ئي آهن ۽ انتهائي سهڻي نموني سمجهاڻيون به ڏنيون اٿائين. ڪهاڻي “راڻي نياڻي” يا (نياڻي نماڻي يا نياڻي راڻي) به ڏاڍي سبق آموز ۽ انقلابي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڌيءُ جي ڄمڻ واري ڳالھه کي ڪڌو سمجهڻ واري سوچ کي ڏاڍي سهڻي نموني سان ننديو اٿائين جيڪا اسان جهڙن معاشرن جو Mindset  آهي. ڪهاڻي “ڪهاڻيڪارا” پنهنجي نوعيت جي باغي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪردارن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ وارتا ڏيکاري وئي آهي. ڪهاڻي “ڳاڙهي شلوار” ۾ رائيٽر اهي سڀ درد اوتي رکيا آهن جيڪي معاشري جي اوسر ۾ رڪاوٽون آهن. “هڪ ڌيءُ جو سوالي” جنهن ۾ ڪردار جي ڌيءُ سان انسيت تمام لاجواب ڏيکاريل آهي. ڪهاڻي “مصور محبت ۽ مفاصلو” ڏاڍي حساسيت سان ٽٻٽار ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي جو گهاڙيٽو ڏاڍو وڻيو، ڪهاڻي ڏاڍي جديد ۽ نڪور ڪهاڻي آهي. “رٺي آهي گهوٽ سان” تمام سٺي ڪهاڻي آهي ۽ “خواب ۽ منزل” جهڙيون ڪهاڻيون اهڙيون انقلابي ڪهاڻيون آهن جن جي ٻولي ڏاڍي سهڻي لڳي ۽ سڀني ڪهاڻين ۾ گهڻ رنگي ڀرپور اوتيل آهي، ۽ هڪ ڳالھه واضح آهي ته ڪهاڻيون يڪسانيت جون ماريل ناهن، ڪهاڻين ۾ احساس، انسانيت، رشتا، معاشرتي سوچ ۽ رويا ڏاڍي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيل آهن ۽ ڪهاڻيون ڪٿي به طوالت واري زمري ۾ پاڻ مارين نه ٿيون يا پڙهندڙ ڪنهن بوريت جو احساس کڻي نه ٿو هلي، ۽ پڙهندڙ ته هڪ تجسس واري عالم ۾ رهندو ۽ سمجهندو ته ڪهاڻي پڙهي پوري ڪجي، ۽ سڀني ڪهاڻين ۾ جدت ۽ نواڻ جا رنگ ڏاڍا ٽٻٽار آهن، ڪهاڻين جا Diction ڏاڍا ڀلا آهن، گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون معاشقن، معاشرتي اڻبرابرين ۽ دردن تي آڌاريل آهن. ڪهاڻي “ناسور” به معاشرتي اڻبرابرين ۽ Feminism  تي مبني ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اهي سڀ ڏک ۽ درد اوتيل آهن جيڪي معاشري اندر وهن واپرن ٿا. ڪهاڻي “تقدير” جو Climax  ڏاڍو ڇرڪائيندڙ لڳو ۽ اهڙي وارتا جيڪا وڏن شهرن جو معمول بڻيل آهي سا وڏي سيبتي انداز ۾ چٽي وئي آهي، جنهن مان ثابت آهي ته رائيٽر جي پنهنجي مشاهداتي عينڪ ڏاڍي لاجواب آهي جنهن ۾ هن پنهنجي Observational Sciences  مان ڀرپور ڪم ورتو آهي جيڪو انتهائي تعريف جوڳو آهي، ۽ سڀ ڪهاڻيون اهڙيون ته نڪور پلاٽن تي آڌاريل آهن جو ڪهاڻيون پڙهي هڪ درد اڀري ٿو پئي ۽ احساس ٿو ٿئي اهي سڀ وارتائون اسان جي ڪنهن پاسي ۾ ٿين ٿيون پيون يا جيڪي ڄڻ ڪلھه جي ڳالھه هجن، ان ڪري سائين اظهار بالاديءَ جي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هي جديد ڪهاڻيڪار آهي ۽ کيس جي مشاهداتي حس هن کي بهترين ڪهاڻيڪار ثابت ڪندي.
ڪهاڻي “گناھه” ۾ علاماتي ڪردار ۽ ترڪيبون ڏاڍيون شاندرا ڏنل آهن ۽ ٻولي ان کان به وڌيڪ لاجواب، پر ڪهاڻيون ڪٿي ڪٿي پاڻ وڃائي ٿيون ويهن، جيئن هن ڪهاڻي ۾ توڻي جو ڪردار جي Combination  ڄڻ ڌاري ٿي لڳي يا ڪهاڻي اٿي ڪجھه ٻي ٿي وري Climax  ۾ Theme  وڃائي ٿي ويهي. هونءَ ڪهاڻيءَ جي بيهڪ ۽ ڪردار شاندار آهن ۽ ڪهاڻي پيغام رسائي وري ڇسي ٿي ٿي پئي. “فيض گنج وهندو رهيو” ڪهاڻي ڏاڍي ڀلي آهي ان ڪري هڪ ڳالھه جي تعريف ڪبي ته سائين اظهار بالادي وٽ فطري سونهن سان ازلي پيار جو ڪو جز ازلي طور شامل آهي جو هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڌرتي، ماحول، ساوڪ، جانور، پکي پکڻ ۽ ڌنارن جون ٻوليون ڏاڍي سهڻي نموني ورجايون آهن جنهن تي سائين کي داد ڏجي، ان ڪري جو هي جديد دنيا اهڙن موضوعن جي گهرجائو آهي جنهن جي ڪري اهڙيون تخليقون وڏو جس لهڻن ڇو ته اهي وڏيون معنيٰ خيز ۽ انتهائي ديرپا پيغام رس به هجن ٿيون. “پهريون مرد” ڪهاڻين اندر نظمي اُڻَ ڏاڍي سهڻي لڳي ۽ لڳو ته سائين اظهار بالادي وٽ اهي سڀStudies  ڏاڍيون سهڻيون ۽ سيبتيون لٿل آهن ۽ نثري تاڃي پيٽي ۾ نظمي جوڙجڪ جو هنر به سهڻو ڪيو اٿائين جيڪي پنهنجي رڌم ۾ ٻولي جي جوڙجڪ ۽ امتزاج ۾ سهڻيون ٿيون لڳن ۽ نثر Rhythm  ۾ ڀرپور ٿي ٿو پئي جيڪو ڏانءُ جس لهڻي.
ڪردارن سان رشتو، ذات ۽ قبيلو نه ڳنڍجي ائين ڪرڻ سان ڪهاڻي جي Space  مري ٿي پئي ۽ ڪهاڻي جيڪا هجڻ چاهي ٿي اها نه ٿي سگهي يا ڪهاڻي ڪنهن ڪنڊ پاسي يا Corner  واري ٿي ٿي وڃي جنهن کان پاسو ڪجي، ان ڪري عالم آشڪاريت اها به آهي ته ڪهاڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهي ۽ سمجهي وڃي نه ته پوءِ ڪهاڻيءَ جي Globalized  حس ڌڪجي ٿي پئي (ماسوا تاريخي ڪهاڻين جي). ڪهاڻي “ڪني مڇي” توڻي جو معاشرتي ڪردارن جي Classification  ۽ درد تي ٻڌل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ غربت، اذيت ۽ ذلت واري وارتا ڏاڍي سهڻي ڏنل آهي. ڪهاڻي “گڏھه گڏھه ٿيندا آهن، گهوڙا گهوڙا ٿيندا آهن” ڏاڍي سبق آموز ڪهاڻي آهي، پر هڪ ٻي ڳالھه اها به آهي ته اردوئي شيون ترجمو ڪري يا اردوئي ڪهاوتون ۽ چوڻيون جيڪڏهن لکجن ته انهن کي اردوئي چئي لکجي ۽ لکجي سنڌيءَ ۾ مثال اردو ۾ اهو هيئن آهي، پر سنڌي ۾ اسان ان کي هيئن چونداسين، يا ڪهاڻيون ڪجھه تاثراتي لئي ۾ هلي ٿيون پون جيڪي ڪهاڻي جون گهرجون پوريون نه ٿيون ڪن، پر اهي ڀرپور ۽ زبردست تاثراتي ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪردار هڪ پاساهون ٿي سموري ڳالھه ڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجو تاثر ٿو ڏئي ۽ ڪردارن جي لهه وچڙ کان ڪهاڻي مٿي کڻي ٿو هلي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جتي ٻيا محاورا استعمال ٿيل آهن اتي هڪ خوبصورت محاورو به ڏنل آهي ته “اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو ۽ عورت کي ماڻو گهرجي ٿو”.
ڪهاڻي “وهم” پنهنجي نوعيت جي نرالي ڪهاڻي آهي، ان ڪهاڻيءَ ۾ Psychopath  جي زندگي جي لاهن چاڙهن کي سهڻي نموني چٽي ويو آهي. ڪهاڻي “ڍولي ڍيلياس” به سڀني ڪهاڻين وانگي Feminism  جا نعرا کڻي ٿي هلي، يا Precisely  چئجي ته سائين اظهار بالادي جي ڪهاڻين جو لاڙو گهڻي ڀاڱي عورتاڻي Advocacy  تي منبي رهي ٿو. “اکيون” ڪهاڻي ۾ رائيٽر Organ Dedication  جو زبردست ڪانسيپٽ جوڙي ۽ اُڻي ٿو هلي جنهن جي لاءِ رائيٽر جي اهڙي حس کي شاباس آهي، ان ڪري ته اهي سڀ سوشل انقلاب ۽ سوشلزم جون نشانيون آهن جنهن ۾ ڪهاڻي ڏاڍي ڀرپور لکيل آهي ۽ انتهائي زبردست ڪهاڻي “هوءَ مان ۽ سمنڊ” ۾ “لي آن سرملين” جو جملو ڏاڍو دل کي ڀانئيو ته “ڪهاڻي هڪ شخص جي لاءِ بي معنيٰ ته ٻئي لاءِ تمام با معنيٰ هوندي آهي” هونءَ ڏسجي ته هي واحد ڪهاڻيڪار آهي جيڪو پنهنجين ڪهاڻين جي ڪهاڻين اندر ئي زبردست Advocacy  ڪندو ٿو رهي. ڪهاڻي “هو منهنجو ڀاءُ نه ٿي سگهيو” هڪ اهڙي ڪهاڻي جنهن ۾ ثابت ٿيل آهي ته رشتا ناتا يا Blood Relations  بس هڪ Formality  هوندا آهن جنهن ۾ پيسو ۽ معاشي Status  انهن کي سڀني ڳنڍي ٿا هلن، يا ۽ ٻي حقيقت اها به آهي ته رشتن جي نڀاءَ ۾ هڪ Consistency  ڏيکارڻي ٿي پئي نه ته ٻي صورت ۾ رشتا لفاظيتن سان ضبط ۾ نه ٿا آڻي سگهجن، هي ڪهاڻي وري ان ساڳي Feminist  واري نعري جي زبردست عڪاسي ٿي ڪري، جنهن ۾ سائين اظهار بالادي ڀلو نڀايو آهي.
“نُڪ نُڪ ٿيندو آهي” هڪ پختو وڪالاتي ڪاڳر آهي جنهن ۾ وري Character Assassination  جي تمثيلي ۽ انتهائي بهترين اڻت ٿيل آهي، هونءَ سائين اظهار بالادي جي سمورين ڪهاڻين ۾ جي نسبتن ڏسجي ته اتي عورت ڪردارا سبقت حاصل ڪندي نظر ايندو ۽ سڀ ڪردار انتهائي حساسيت ۽ عورتاڻي وڪالت ۾ لکيل ملندا يا ڪهاڻيون پڙهي ائين نه ٿو لڳي ته عورت ڪا بيوفا به هوندي آهي. يا Male Dominant  معاشري ۾ اهي سڀ اصول پائيدار ڪري سائين ظهار بالادي پنهنجون سڀ تخليقون ڄڻ معاشرتي سطح تي هلندڙ Gender Discrimination  جي جنگ ۾ لاهي ٿو ويهي ۽ سمجهي ٿو ته هن جيڪي به وڪالتون ڪيون آهن اهي سڀ ساڀ پونديون ۽ اهي سڀ لائق تحريرون آهن. هونءَ ايمانداريءَ سان پرک ڪجي ته ڪهاڻين ۾ روايتي آکاڻي گيري به آهي جيڪا هڪ Smooth Rhythm  آڇي ٿي هلي ۽ سمجهھ ۾ اچي ٿو ته سرجڻهار ڄڻ ڪنهن يادگيرين ۾ ٻڏاڻل آهي ۽ جيڪو Memorize  اٿس اهو لکي پورو ٿو ڪري هٿ ڇنڊي ويهي ٿو رهي، يا ڪهاڻيون ڄڻ واقعي ڪو فڪري ۽ فطري لقاءُ کڻي ٿيون هلن جنهن مان ڪهاڻين جي سچي هجڻ تي پڪ ٿي ٿي پئي يا ان ٻڏاڻل ڪيفيتن ۾ پاٺڪ ٻڏي ٿو وڃي ۽ ڪهاڻيڪار جي Crafting  تي ايمان ٿو آڻي ته سائين اظهار بالادي جيڪو لکيو آهي اهو سڀ سورنهن آنا سچ آهي ۽ انهن ۾ ڪا به اختراعاتي شيءِ Mix  ٿيل ناهي ۽ اها ئي ڪهاڻيڪار جي وڏي مڃتا به آهي.
“آوازن کي جادو آهي” (يا آوازن ۾ جادو آهي) ان Possessive Noun  ۾ سمجھه اڙجي ٿي پئي، پر هتي رائيٽر جي حس ڪمال جي آهي ته هن جيڪي به لکڻيون سرجيون آهن انهن ۾ ڪا نه ڪا حقيقت ضرور آهي يا انهن موضوعن ۽ ڪردارن جي Current Issue  سان ڪا ويجهڙائپ ۽ مماثلت ممڪن آهي، ان ڪري جو اهي سڀ وارتائون ڪنهن نه ڪنهن Corner  ۾ ٿيندي لڳنديون. ڪهاڻي “گهنگهر گهاريان ڏينهڙا” هڪ ڏاڍو سهڻو تاثر آهي ۽ هڪ زبردست نياپي ۽ ڪنهن خط مثل ضرور آهي ۽ ان ڪهاڻي (يا تاثر) جو مزاج ۽ مٺاس اهڙو جو وري وري پڙهجي ۽ رواني اهڙي جو آبشارن مان ڪو پاڻي وهندو هجي، تمام بهترين ٻولي ۽ ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ لاجواب آهي. ڪهاڻي “وبا جا ڏينهڙا” به ڪووڊ جي پيش منظر واري ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻي اندر هڪ درد اوتي لاٿو ويو آهي، “پاڻ وڍئي جو ڪهڙو ويڄ ڪهڙو طبيب” وري ساڳي ڳالھه ته هيءَ ڪهاڻي به feminism  جي وڪالت لٿل آهي (جيڪا شيءِ نواڻ سان گڏ هڪ مثبت سوچ به آهي) هونءَ ڪهاڻي ڀلي آهي، پر ڪٿي ڪٿي لفظ پاڻ معنائن ۾ ڦاسي ٿا پون، مثال “توکي سايو آ” يا “توکي حساب آ” يا “توتي سايو آ” ان ڪري انهن ٻنهي لفظن جي ٻولي ۽ معاشرتي معنائن ۽ بيهڪن ۾ فرق آهي ۽ ٻئي مخلتف آهن، توڻي جو شهري اثر ۾ اهي ڳالهيون سمجهي سگهجن ٿيون، پر عالم آشڪاريت نه ٿي رهي يا ڳالھه سمجھه ۾ اچي ٿي ته رائيٽر تي شهري ٻولي جو اثر تمام گهڻو آهي، ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ رائيٽر ڄڻ نسلن جي DNA  جو گهرجائو به آهي ۽ سمجهي ٿو ته ٻار جيڪڏهن پيءُ ماءُ جي شڪل جهڙو ناهي ته معنيٰ ٻار جي پيدائش ۽ انهن جي وارثيت تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، ماسوا ان جي ته ڊاڪٽر هاڻي ٻار ڄمڻ سان گڏ انهن جي DNA  رپورٽ به والدين کي هٿ تي رکن ته واقعي هي ٻار توهان جو ئي آهي ۽ ڪنهن به طرح اسپتال مان ڦيرگهر ڪري يا ڪنهن غير جي پيداوار ناهي ان ڪري پنهنجي نسل تي يقين ڪيو ۽ هاڻي دائين وارو دور ناهي ته ٻار گهر ۾ ئي ڄمندو ۽ ان تي ڪير شق به نه ڪندو، بهرحال.
“مان ڪا اربع خطا ڪئي آهي” هونءَ ڪهاڻين، نظمن ۽ نثرن ۾ اختراع ۽ Exaggeration  جي حد اورانگهڻ ئي ڪنهنScientific Fiction  جون واضح نشانيون ۽ سربستا پَيرا به آهن (۽ ٿي سگهن ٿيون)، پر جيڪي حقيقتون Social Fabric ۾ نه ويهن يا جاءِ ولاري نه سگهن اهڙين وارتائن جي لکڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ۽ اهي حقيقتون لکجن يا اهڙيون ڳالهيون ڪجن جيڪي سڀاڻي سچ ٿي به سگهن يا ڪنهن صورت انهن کي سچ به ڀانئجي. ڪهاڻي “اولاد” ڏاڍي حساسيت سان ڀرپور آهي، ان ۾ انسانيت جا ڏاڍا سهڻا سبق پويل آهن. ڪهاڻي “بک”۾ سوشل ميڊيا تي ننڍڙيون ننڍڙيون وڊيوز ٺاهي وڏيون وڏيون شهرتون ماڻڻ واريون ڇوڪرين جي اندر جي ڪا اَورَ ٿيل آهي، جنهن جي لاءِ رائيٽر وٽ اها ڪاريگري آهي ته هو اهي سڀ صلاحون، ڳالهيون، اوڻايون ڪنهن زبردست Combination جو طور لاهي رکي ٿو ڇڏي ته هو انهن سڀني لقائن کي گڏي کڻي ٿو هلي ۽ ان سوشل ميڊيا وري ڀوت کي معاشري جي Negativity  ۽ Positivity  جي ساهمي تي پرکي به ٿو (حالانڪه جي ان واقعاتي ڪهاڻي کي Trace  ڪجي ته (شايد) اهو هڪڙو واقعو لاهور ۾ 2022 ۾ ٿي چڪو هو جنهن ۾ هڪ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري جي عزت تي هلان ٿي هئي) پر رائيٽر کي شاباس آهي ته هن ان واقعي کي ڪهاڻي جو روپ ڏئي ان ڳالهھ کي سبق آموز ۽ لازوال بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مڃون ٿا ته رائيٽر انتهائي سيبتو آهي.
بهرحال ايتري لکڻ ۽ ڪهاڻين کي هڪ هڪ ڪري پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهھ جي تصديق ٿئي ٿي ته ڪهاڻيڪار هڪ زبردست Observational Science  رکندڙ شخص آهي، جنهن وٽ اهي سڀ موضوع، لقاءَ ۽ مناسبتون قطار به قطار ڪري بيهن ٿيون ۽ هو انهن کي هڪ هڪ ڪري ڪهاڻي جو روپ ڏئي پيش ٿو ڪري ته جيئن اهي سڀ ڳالهيون ۽ وارتائون سمجهي ۽ پرکي سگهجن ۽ رائيٽر کي به داد ڏئي سگهجي. سائين اظهار بالاديءَ سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون پنهنجي جاءِ تي، پر سائين الطاف لغاري جو به احسان مند آهيان جيڪو اهڙا ڪتاب پڙهائي ٿو گڏوگڏ نوان دوست به ملائي ٿو جن سان ملي دل خوش ٿي ٿئي ۽ اها به اميد ڪجي ٿي ته سائين اظهار بالاديءَ هن ڪتاب وانگي ٻيا ڪتاب به ڏيندو رهندو ته جيئن پڙهندڙ محظوظ ٿيندا رهن.