لاهور ۾ داعش جي حملي جو خطرو، الرٽ جاري
خبرن موجب خفيه ادارن پاران لاهور ۾ داعش جي موجودگي جي اطلاعن سبب ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. ٿريٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ 23 سالن جو شهزاد لاهور ۾ ڪنهن عوامي جڳهه تي حملو ڪري سگهي ٿو. شهزاد کي افغانستان مان هدايتون ملي رهيون آهن ۽ هن شام ۾ به وقت گذاريو آهي. هن معاملي تي ڊي آءِ جي لاهور چيو آهي ته دهشتگردي جي حوالي سان خطرا موجود آهن پر لاهور پوليس به شهرين جي تحفظ لاءِ تيار آهي.

