بلاگنئون

پنجاب جي نامزد وزيراعليٰ مريم نواز

پاڪستان مسلم ليگ نواز جيئن ته پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ۾ اڪثريتي پارٽي آهي، پارٽي جي اعليٰ قيادت مريم نواز کي پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو آهي. فيبروري 2024 جي چونڊ جي نتيجي ۾ اها اهم ۽ تاريخي تعيناتي آهي، جنهن کي ٻن ڳالهين سان بيان ڪري سگهجي ٿو.
هڪ ته پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ماڻهن جي وڏي اڪثريت رهي ٿي ۽ اهو صنعت ۽ زراعت ۾ ترقي جي ڪري هڪ خوشحال صوبو آهي. هڪ وڏي اڪثريت، خوشحال ۽ ترقي يافته صوبي جو وزيراعليٰ ٿيڻ پاڪستان ۾ سياسي نقطهءِ نظر کان هميشه اهم هجي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته پنجاب صوبو پنهنجي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ عورت وزيراعليٰ جي حڪمراني جي هيٺ ايندو، اها نهايت اهم ۽ تاريخي ڳالهه آهي، ان کان اڳ جيڪڏهن اسين گذريل صدي ۾ ڏسون ته 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻه دفعا وزيراعظم رهي آهي. محترمه جو وزيراعظم ٿيڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم واقعو به هو ۽ اهو ملڪ، خطي ۽ دنيا ۾ هڪ نئين تاريخ ۽ هڪ نئون پيغام هو. اسلامي دنيا جي نقطه نگاهه سان ڏسجي ته محترمه بينظير ڀٽو سڀني اسلامي ملڪن جي تاريخ ۾ به پهرين وزيراعظم آهي.
ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي نصيب ۾ بختاور هوندا آهن، بختاوري جي اها روايت اڳتي هلي 2024 ۾ محترمه مريم نواز جي حصي ۾ آئي آهي. هڪ عورت جو وزيراعليٰ هجڻ سٺو سنئوڻ آهي، انهيءَ سان پيڙهيل طبقن ۽ آبادي جي اڌ تي مشتمل عورتن لاءِ هڪ مثبت پيغام ويندو ته اهي به زندگي جي مختلف شعبن ۾ مردن سان گڏجي ملڪ جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو وٺي سگهنديون. مريم نواز پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. هن جو تعليمي پسمنظر ته سٺو آهي ئي، پر هن جو سياسي پسمنظر انتهائي اهم آهي. سندس والد ميان محمد نواز شريف پاڪستان مسلم ليگ نواز جو باني ۽ اڳواڻ آهي، اهو پاڪستان جو ٽي دفعا وزيراعظم به رهيو آهي. پنهنجي ورثي ۾ سياست، حڪمراني کڻي ايندڙ مريم نواز ۾ ماڻهن جون گهڻيون اميدون آهن. تاريخ جون خوشگواريون ڏسو گذريل صدي 1985 ۾ سندس والد ميان نواز شريف پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ رهيو آهي ۽ سندس چاچو ميان شهباز شريف به هڪ کان وڌيڪ دفعا وزيراعليٰ پنجاب رهيو آهي. اهڙو مضبوط پسمنظر کڻي مريم نواز صاحبه جڏهن وڏي وزير جو حلف کڻندي انهي ڏينهن کان پاڪستان جا ماڻهو هن کي اميد ڀرين نظرن سان ڏسندا. هڪ ڳالهه طئي آهي ته شريف فيملي سياست ۾ ڪم ۽ ترقي کي هميشه اوليت ڏني آهي. تڏهن اسين اهو سمجهي سگهون ٿا ته مريم نواز اتان ئي پنهنجو نئون سياسي سفر شروع ڪندي، جتان گذريل صدي ۾ هن جي والد پنهنجو سياسي سفر شروع ڪيو هو. اهو ڏسڻ به دلچسپي کان خالي نه هوندو ته هوءَ وزيراعليٰ جي حيثيت ۾ انهيءَ آفيس ۾ ويهندي جنهن ۾ ميان نواز شريف صاحب ويهندو هو. هتي اسين اهو ذڪر ڪريون ٿا ته موجود نگران وزير اعليٰ پنجاب محسن نقوي به انهيءَ آفيس جو انتخاب ڪيو جيڪا ميان نواز شريف استعمال ڪندو رهيو هو. تاريخ جي اها به ستم ظريفي آهي ته پرويز الاهي به وزير اعليٰ پنجاب رهيو آهي، پر ڪير به انهيءَ جي روايت تي هلڻ لاءِ تيار نه آهي.
جيئن ته مريم نواز کي وزيراعليٰ پنجاب جي طور تي وڏا چئلينجز درپيش آهن، هوءَ پهريون دفعو اسيمبلين جي ميمبر ٿي آهي ۽ پهرين عام چونڊ جي نتيجي ۾ هو پاڪستان جي سڀني کان وڏي صوبي جي وزيراعليٰ ٿي رهي آهي. صوبي جي ترقي لاءِ سندس چاچي شهباز شريف جو مثال هميشه هن لاءِ چئلينج بڻيو رهندو. ڇاڪاڻ جو پنجاب جي ترقي ۾ هن بيمثال انتظامي صلاحيت سان حصو ورتو آهي ۽ صوبي کي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳيان وٺي ويو آهي ۽ مريم نواز صاحبه کي پاڪستان مسلم ليگ نواز ۾ موجود دور جي هڪ سياسي پارٽي جي حساب سان نئون روح ڦوڪڻو پوندو. اسين محترمه مريم نواز کي پنجاب جي وزيراعليٰ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا.