هن سهڻي سر زمين سنڌ تي هميشه اهڙا روح پرور ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪي محبت ڪرڻ، محبت ورهائڻ ۽ انسانيت جو درس ڏيڻ ۾ يقين رکندا آهن. سنڌي سماج ۽ ادب جي دنيا به اهڙين شخصيتن سان ڀرپور آهي، جيڪي پنهنجي فڪر، قلم ۽ ڪردار سان نه صرف پنهنجي دور کي متاثر ڪن ٿا، پر ايندڙ نسلن لاءِ به راھون روشن ڪري وڃن ٿا. ادبي دنيا ۾ مون ڪيترائي اهڙا چهرا ڏٺا آهن، جيڪي شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڪالم يا نثر سان لاڳاپيل هوندا آهن. ڪيترائي وڏا نالا به آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن شخصي زندگي ۾ محبت، پيار ۽ انسانيت جي کوٽ محسوس ٿيندي آهي. جڏهن ته ادب جو اصل روح ته محبت، رواداري ۽ انسانيت ئي آهي. منهنجو ذاتي طور اهو شوق رهيو آهي ته مان دوستن سان ميل ملاقات ڪريان، ڪچهريون ڪريان ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهن سان ويهي فڪري رهاڻيون ڪريان. اهو ماڻهو ادب سان واسطو رکندڙ هجي، صحافي هجي يا سماج سان لاڳاپيل ڪو ڪارڪن، مون لاءِ اهم ڳالهه هميشه ڪچهري ۽ فڪري ڏي وٺ رهي آهي. انهيءَ سفر دوران مون کي ڪيترن دوستن کان پيار ۽ همت ملي آهي، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن مايوسي به پلئه پئي آهي. اڄ جنهن شخصيت جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو آهي سائين اصغر عادل قريشي هڪ اهڙو دوست، جيڪو محبت ورهائڻ وارو، روح پرور شاعر ۽ بااخلاق انسان آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ پپري جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي ۽ پنهنجي دور ۾ هن ادبي سنگت کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. منهنجي ۽ سائين عادل جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ چار پنج سال اڳ ٿي. سوشل ميڊيا تي ته گهڻي عرصي کان دعا سلام هلندي رهي، پر ويجهي ڪچهري بعد مون محسوس ڪيو ته هي شخص پنهنجي قول ۽ عمل ۾ سچو آهي. سندس سادگي، محبت ۽ خلوص مون کي متاثر ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو اڄ قلم پاڻمرادو هن شخص بابت لکڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي. سائين عادل رڳو ادبي سنگت جي پروگرامن تائين محدود رهندڙ ماڻهو نه آهي. هو دوستن جي ذاتي ڏکن ڏوجرن ۾ به ساٿ ڏيڻ وارو انسان آهي. ڪيترائي اهڙا موقعا آيا آهن جتي هن دوستي جو حقيقي حق ادا ڪيو آهي. زندگي ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن مان ذاتي ڏکن ۽ رنجشن جي ور چڙهي ويو هئس. ان وقت ڪجهه ويجها دوست آهستي آهستي پري ٿيڻ لڳا، پر ان مشڪل گهڙي ۾ ٻه ماڻهو مون سان گڏ بيٺا رهيا هڪ سماجي ڪارڪن الهڏنو ابڙو ۽ ٻيو سائين عادل قريشي. ان وقت سائين عادل مسلسل مون کي ميسيج ڪندو رهيو، ادبي پروگرامن ۾ اچڻ جي دعوت ڏيندو رهيو. هو مون کي ڄڻ ته ياد ڏياريندو رهيو ته اوھان يقين نه ڪندو، پر مون کي ھن جا دعوت ڀريا مئسيج ڏسي ھڪ ڏينھن ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ھو چوندو ھجي “تون ليکڪ آهين، شاعر آهين، تنهنجي قلم جي سماج کي ضرورت آهي.” انهن سار ڀرين حوصلي ڀرين پيغامن نيٺ مون کي ٻيهر ادبي دنيا ڏانهن موٽائي آندو جڏهن مان هڪ ڏينهن سندس دعوت تي پروگرام ۾ ويس ته دوستن جي محبت، عزت ۽ پنهنجائپ مون کي ٻيهر زندگي ڏانهن موٽڻ جو حوصلو ڏنو. اهو لمحو مون لاءِ هميشه يادگار رهندو. اهڙي شخصيت جو ڪردار رڳو هڪ اديب جو نه، پر هڪ سچي انسان جو هوندو آهي، سنڌي ادب جي تاريخ صدين تي پکڙيل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ شيخ اياز جهڙن شاعرن هن ادب کي فڪري طاقت ڏني ۽ انسانيت جو درس ڏنو. انهن جي فڪر جي روشني ۾ هر دور ۾ ڪجهه ماڻهو پيدا ٿيندا آهن جيڪي ادب جي مشعل کي اڳتي کڻي هلندا آهن ۽ انڌيرن ۾ روشني پکيڙيندڙ آھن. سائين اصغر عادل قريشي به انهن ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن ادب کي رڳو تخليق تائين محدود نه رکيو، پر ان کي سماجي شعور سان ڳنڍيو.