بلاگنئون

لطيف ۽ سچل جو فڪر

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي آدرشي انسان وٽ حياتيءَ جو معيار خاص طور سچ آهي. ڪوڙ ۽ ڪپت کان کيس نفرت آهي. سندس موجب ته عشق ۾ سچائي گهرجي چاهي اهو عشق دين جو هجي يا دنيا جو، علم جو هجي يا عبادت جو، عشق الاهي هجي يا مجازي، پر همت سان ۽ سچائيءَ سان ڪاهي وڃڻو آهي. سهڻيءَ کي سجاڳ ڪندي چوي ٿو ته:

عشق جنين کي آڪَرو، تُرهو مٿي تن،

جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿيئي. (سر سهڻي، 1-32)

همت ۽ جدوجهد، انساني ترقيءَ جا اهم اهڃاڻ آهن. لطيف سائينءَ موجب ته:

جبل ماري جَکَ، جو اوڏو آريچَنِ کي،

توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهنديس سِڪَ سين. (ديسي، 5-8)

ڏورڻ، پسڻ ۽ جستجو اهو ئي فلسفو آهي زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو، ويٺن تان واري ورندي. اهڙو سماج ئي اڳيان وڌنڌو ۽ مهذب سڏرائيندو جتي ڏکن، مفلسين ۽ جهالتن جون پاڙون پٽجي وڃن. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ تي اهڙيون هدايتون ڪيون ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ دعائون گهريون ۽ ماڻهن کي هاڪاري روين لاءِ همٿايو. شاهه لطيف جيان ئي اسان جي ٻي اهم شاعر حضرت سچل سرمست جو ذڪر هتي ڪنديس، جنهن جيڪو اظهاريو اهو سچ ئي سچ ٿي آيو. هُو سنڌي زبان جو هڪ اعليٰ پايي جو صوفي شاعر آهي، هن جيڪي جرئت، همت ۽ بي باڪيءَ سان پنهنجي شاعريءَ معرفت حق شناسيءَ جا سبق ڏنا سي سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ هڪ اڻ مُلهه سرمايو آهن. سچل سائين ماڻهوءَ جي شخصي حيثيت کي امر ۽ اعليٰ بنائڻ جو سبق ٿو ڏئي. سچل سائين حق جو طالبو، حق جو پارکو ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو سبق ڏيڻ سان گڏ خود شناس، خدا شناس ۽ انسان شناس آهي.

هو ظاهر ظهور پاڻ سڃاڻڻ يعني “پرڀو سڃاڻڻ” تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. سندس موجب ته پهرين پاڻ کي سڃاڻو، جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو تڏهن کيس انساني قوتن، خيالن ۽ شيطاني غلبن جي ڄاڻ پوي ٿي، پوءِ ئي دنيا کي به سمجهي سگهي ٿو ۽ ٻين کي ڪاراهه سُجهائي سگهي ٿو. زندگيءَ ۾ نفس جو ضابطو ئي سندس اصل امتحان آهي. دنيا جا جيڪي به وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن انهن سڀني نيڪ خيالن ۽ سوچن ۽ نيڪ عملن کي حياتيءَ ۾ اهميت ڏني، جن سان ڪل ڪائنات ۾ ڀلايون ۽ ڀال ٿين. سچل سائينءَ جو شمار پڻ اهڙن نيڪ انسانن ۾ ٿئي ٿو. هن جي صوفياڻي شاعري درد و سوز، فراق ۽ جدائيءَ جو اثرائتو بيان ته آهي ئي آهي، پر ان ۾ هُن حق ۽ سچ جو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي. جنهن جو وڏو ثبوت انهيءَ پيشڪش ۾ جرائت مندانه سچائيءَ آهي. سندس فلسفو ۽ فڪر تصوف سان ٽمٽار آهي ۽ هو انسان سان محبت جو قائل ۽ ساڻس ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز آهي. ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي ته، “سچل سرمست رح انسان جي عظمت جو پرچارڪ ۽ حامي هو، اهوئي سبب آهي جو انسانيت کي ڇيهو رسائيندڙ رسمن ۽ رواجن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي، هن ڀير تي ڏونڪو هڻي جنگ جو اعلان ڪيو، انسانن کي پاڻ سڃاڻڻ وارو سبق ڏيندي غلامي ۽ ٻانهپ واري ذلت ڀري زندگي کان ڇوٽڪارو ڏياري کين عظمت ڏياري.”

ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو،

پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين، آهين يار يگانو،

وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.

سچل جو فڪر خوديءَ کي ماري پنهنجي پاڻ  کي سڃاڻڻ جو آهي. هو سهڻائيءَ سان پنهنجي رب کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري ٿو ۽ ڄاڻائي ٿو ته اهو ئي حق جي وحدت جو وجود آهي. پروفيسر عطا محمد حامي چوي ٿو ته:

سو سچل سرمست صوفي، سنڌ جو سردار هو،

وقت جو منصور بيشڪ، مرد منصبدار هو.

سربسر ثابت ڪيو، جنهن حق جي وحدت جو وجود،

جنهن صفا ٽوڙي ڇڏيو، باطل جي رسمن جو نمود-(حامي)

سچل سائينءَ، شاهه ڀٽائي جي سندن لاءِ ڪيل پيشنگوئي ته “جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءُ نينگر لاهيندو” جو عملي ثبوت ڏنو. کلي عام تصوف جي فلسفي جي پچار ڪئي ۽ حق جو هوڪو ڏنو. سندس شاعريءَ ۾ حقيقي عشق جا جلوا آهن، مٿس شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس تبريز جي فلسفي جو اثر هو. ان ڪري سچل سرمست کي “سنڌ جو عطار” سڏيو وڃي ٿو. هي عظيم سماجي مفڪر، مذهبي فرقي پرستي ۽ دشمنيءَ جي ظاهر ظهور خلاف هو. وٽس هندوئن ۽ مسلمانن ۾ ڪو به ويڇو نه هو، چوي ٿو:

رام رحيم هِڪوهڪ سمجهين، موج محبت ماڻين،

ڪافر مومن گبر نصارو غير گمان نه آڻين،

خلق الانسان عليٰ صورت ٻول اهو ڄاڻين.

شاهه عبداللطيف جو ڪلام سچل سائينءَ کان اڳ جو آهي جو يقينن وٽس پهتو. ان ڪري لازمي آهي ته سندس فڪر تي لطيف سائينءَ جو اثر ٿيو سچل جي شاعريءَ ۾ بيتن کانسواءِ ڏوهيڙا، ڪافيون، غزل، مداحون، مرثيا، مناجاتون، قطعا، رباعيون، ڪبت ۽ جهولڻا آهن. گڏ گهڙوليءَ جي صنف جو موجد پڻ آهي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ ادبي تاريخ جي صفحي 155 تي لکيو آهي ته، “هن وقت تائين جيتري قدر سنڌي ڪلامن جي تحقيقات ٿي سگهي آهي تنهن موجب چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ اڄڪلهه جيڪي ڪافين جا نمونا ٺاهڻ ۽ ڳائڻ ۾ اچن پيا تن جو بانيڪار سچل سرمست ئي هو. ڇاڪاڻ جو ان کان اڳ ڪنهن به سنڌي شاعر ايترن نمونن ۾ ۽ ايتري انداز ۾ ڪافيون نه ٺاهيون آهن.” سندس شاعري سنڌيءَ سان گڏ، اردو، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ ملي ٿي، سچل جي سنڌي شاعريءَ کي پهرين عثمان علي انصاريءَ گڏ ڪري “سچل جو رسالو” جي عنوان سان شايع ڪرايو، سندس ڪلام سُرن ۾ ترتيب ڏنل آهي.

انسانيت جو آواز ٿي سچل جي شاعريءَ ڪيترن هندن کي مسلمانن جي ويجهو آندو. مذهب جي ظاهري نمونن ملڪ ۾ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو هو. هو انسانيت جي اصل مقصد کان هٽي ويا هئا. پنهنجي حق جي هوڪن سان، سچل ڄاڻايو ته مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا آهن. عشق وارا عمل کي اوڏا اچن اهوئي رستو آهي، محبتن ونڊڻ جو.

پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار،

وڄن ۽ وڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار،

اُڀي کي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،

ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سنديءَ مهر سان.

مطلب ته حضرت سچل سرمست ۽ لطيف سائينءَ جو ڪلام سنڌي قوم جي ڀلائيءَ ۽ حقانيت جي اُپٽار سان ٽمٽار آهي، هو ٻئي تصوف جي راهه جا راهي رهيا. جيئن ته سچو صوفي با عمل ۽ برسر روزگار مجاهد هوندو آهي ۽ نه ئي هو نذرانا قبول ڪندو آهي. بلڪه سندن فقير پورهيو ڪري صوفي خانقاهون هلائيندا آهن. شاهه جا فقير ڪراڙ ڍنڍ جي پاڻيءَ تي پوکي ڪري زمين آباد ڪندا هئا ۽ سچل سرمست درازن جي درگاهه جو مهتمم هو ۽ اڄ درازن جي درگاهه کي اهو اعزاز حاصل آهي، جو پنهنجي خليفي جي نالي تي مشهور آهي. هنن صوفي بزرگ شاعرن ماڻهپي، ڀائيچاري ۽ ڏاڍ کان بچاءَ جي سچي تعليم ڏني ۽ پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ اهي مثال قائم ڪيائون.