ٿري ڊي پرنٽر ذريعي تيار ڪيل بس اسٽاپ
هاڻي مزدور مستري جي ضرورت نه آهي صرف ٿري ڊي پنٽر ئي پورو بس اسٽاپ تيار ڪندو. ٿري ڊي پرنٽر هڪ جديد ۽ ڪارآمد ٽيڪنالاجي طور سامهون اچي رهيو آهي جنهن جي مدد سان ايندڙ وقت ۾ گهر به ٺاهي سگهبا. هن وقت چين جي هڪ ڪمپني ون سن اهڙو دلچسپ ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي. هي بس اسٽاپ ري سائيڪل ٿيل سامان مان تيار ڪيو ويو آهي. جنهن سبب اهو هڪ بد صورت بس اسٽاپ جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي. هن بس اسٽاپ ۾ ٻه ڀتيون ۽ هڪ ڇت سان گڏ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سيٽون به آهن، جنهن ۾ هڪ ميز جو اضافو ڪيو ويندو.