ڪهاڻيوننئون

فوٽوگراف

I Love Photos…

Because the best thing about them is that:

They never change, even when the people in them change.

Anonymous

انڊس هوٽل حيدرآباد جي لان ۾ جڏهن اها نومبر جي پڇاڙڪين راتين مان هڪ رات هئي ۽ ٿڌي هوا هلي رهي هئي، خنڪيءَ جي هلڪي لهر جي اثر ۾ اچي، انهيءَ خوبصورت عورت پنهنجون ٻانهون سيني سان ويڙهي ڇڏيون. شاديءَ جي چهل پهل هئي. آوازن ۽ ٽهڪڙن جي مٿان ڇانئجي هلي هئي شرنائيءَ جي ڪوڪ، سريلي آواز ۾ هن کي لڳو ته سندس من جهومي رهيو آهي. هن ڏٺو ته سندس وجود کي ڇهي هوا به ائين لهرائي رهي هئي. هوا کي هلڻ ۾ پنهنجي موسيقي هئي، هوا ڄڻ پازيب پائي ڇڏيا هئا ۽ ناز سان هلي رهي هئي.

هن لان ۾ پکڙيل ڄاڃين ۽ دعوتين کي ڏٺو. خوش لباس عورتون خوب چهڪي رهيون هيون ۽ مرد انهن کي ڏسي سرگوشيون ڪري رهيا هئا. هن نظر ڦيرائي اسٽيج تي ويٺل گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڏٺو، هلندي لان مان ٿيندي، هوٽل جي داخلي دروازي تي ايندي، جيئن ٻاهر نهار ڪئي ته هن سلوچنا کي ڏٺو. رات جيڪا دلڪش هئي وڌيڪ دلڪش ٿي پئي. رات جي هن ٻئي پهر ۾ هوا ڄڻ ديواني ٿي هن جا وار اُڏائي رهي هئي ۽ هن جي چهري تي خوشيءَ جون حرارتون هيون ۽ حيا جو رنگ هو. سلوچنا کي هن ٻارهن سالن کان پوءِ ڏٺو هو. هوءَ جيڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سندس هم ڪلاس ۽ هاسٽل ۾ روم ميٽ رهي آهي. سلوچنا ايتري خوش ۽ شانت لڳي رهي آهي. ڇا هن کي نرواڻ ملي ويو آهي؟ ڊگهو قد، بنفشي اکيون، هن جا چپ هميشھ جيان اُڀريل، رسيلا، پنڪ شلوار قميص ۾ هوءَ خوبصورت لڳي رهي هئي. هن جا مخروطي هٿ ۽ ڪرايون جن ۾ سونا ڪنگڻ پيل هئا. هن جي ٻانهن جا سرمئي ڏؤنرا، جن ۾ ساوڙ ٻانهن ۾ سرخ سڳو ٻَڌل هو. گلي ۾ پيل چانديءَ جو ڪراس هن جي سيني تي اچي بيهي رهيو هو. انهيءَ ڪرستان ڊاڪٽر کي ڏسي هن کي لڳو ته ڄڻ سلوچنا هن ۾ دم عيسيٰ ڦوڪي ڇڏيو هجي. هن جي زبان خشڪ ٿيڻ لڳي. هن کي هاسٽل جون راتيون ياد اچڻ لڳيون. پڙهائيءَ جي محنت ۽ محبت جون اربيلايون هن هڪ لحظي ۾ ماضي و حال کي ڏٺو، پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ۽ سلوچنا ڏانهن مڙي.

”يار تون سلوچنا- ڊاڪٽر صاحبه.“

سلوچنا نظر ورائي هن ڏانهن ڏٺو. ائين ڏٺو ڄڻ رات جي هن پهر ۾ هن جو چهرو صبح جيان طلوع ٿيو هجي ۽ هن ٿڌيري رات ۾ ڪي حرارتون هيون، جي رت ۾ ڊوڙي هليون.

زرينه سوچيو ’هيءَ ڪهڙو اتفاق آهي جو سلوچنا منهنجي سامهون بيٺي آهي. گذري ويل وقت جا ٻانهن سال هن تي ائين گذري ويا جيئن هوا لهرائي هلي وڃي.‘

سلوچنا ڏٺو ته پنجٽيهن کن سالن جي زرينه اڃا به خوبصورت لڳي رهي هئي. بلو رنگ جي وڳي ۾ جڏهن هن جي چپن تي لپ اسٽڪ جا گهرو شيڊ هو. اکين ۾ شوخي هئي. هن جي جسم و جان تي وقت ڄڻ گهٽ اثر ڇڏيو هو. هن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ کان اڳ هن جي دل چاهيو ته هوءَ هن جي چيلهه ۾ ٻانهن ورائي، ٻارنهن سال پويان هلي وڃي ۽ ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽس هاسٽل جي انهي ڪمري ڏانهن هلي وڃي، جوانيءَ جي انهيءَ محبت ۽ جسمانيت کي هڪ نئون جنم ڏي. سلوچنا اڳيان وڌي.

”زرينه- تون.“

”جي.“

”ڪٿي گُم ٿي وئين.“

”ڌنڌ ۾“.

”اڃا تائين“

”هاڻ نه“

”ڇو؟“

”تنهنجي چهري جي صبح سڀ ڌنڌ في الحال ته هٽائي ڇڏيا آهن.“

”ائين وري ڪيئن“

”سلوچنا- ڊيئر رفاقت، جڏهن عادت ٿي وڃي ۽ متبادل به نه هجي ته پوءِ رفاقت گهرجي يا انهي ياد جو سهارو.“

”اڃا اڪيلي آهين؟“ سلوچنا شوخ ٿي چيو.

”يادون گڏ آهن ۽ جيون جي ڪهاڻي به سلوچنا اڄ بهرحال تون آهين ته رات خوبصورت ٿي پئي آهي. اچ ته شاديءَ جي هُل ۾ گُم ٿيون ۽ انڊس جي هال ۾ ڪو ٻيو فنڪشن به آهي. ڪجهه وندرون، تون ملي وئي آهين ته Tranquility جهڙي آرامده صورت ۾ آهيان.“

”دنيا ۾ هڪ شخص اهڙو ڪير هجي ٿو منظر بدلجيو وڃن ۽ انهن جا مظهر سڪون بخش ٿيو پون. زندگي هاڻ دلچسپ ٿي پئي آهي. وجود جي اندر جيڪو دلفريبن جو هڪ سلسلو آهي. هوا ۽ فضا، ستارا ۽ آسمان، وڻ ۽ گل، مرد ۽ عورتون سڀ منهنجي نظر جي سحر ۾ اچي ويا آهن. اهو سحر مون کي Fascinate ڪري رهيو آهي…! انهيءَ سموري Tranquility جو سبب سلوچنا تون آهين.“

سلوچنا شوخ ٿيندي چيو، ”تو ۾ زرينه ڪي گهٽ سحر آهن حسن ۽ جسم جون جادوگريون اهو سک ۽ مزو آءٌ پاڻ ڳوليندي وتان. ڊاڪٽر شهناز جي مهرباني جو دير سان پئي شادي ڪري. اڄ پاڻ سندس شاديءَ جي تقريب جي ڪري ئي ته مليون آهيون.“ سلوچنا پنهنجو مک مٿي ڪري زرينه جي ڪن تائين آندو ۽ سرگوشي ڪئي، ”هن ٿڌيري رات ۾ تو ۾ يا مون ۾ اهڙي ڪهڙي حرارت آهي جو آءٌ زرينه اندران ئي اندران سڄي پُسي آلي ٿي پئي آهيان.“

– زرينه جو چهرو، حيا ۽ خواهش جي شدت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو.

هوا ڄڻ پازيب پائي ڇڏيا هئا، اها خنڪ هوا ۽ شرنائي جو آواز ڄڻ زرينه جي سيني ۾ هڪ سل کي گهڙي رهيو هو هن جي جسم ۾ خواهش جي مايا ڄڻ هڪ حرارت کي داخل ڪري رهي هئي- جڏهن رات پنهنجي ٻي پهر ۾ گذري رهي هئي، هن ڊاڪٽر سلوچنا جو هٿ پڪڙيو ۽ شاديءَ جي ميڙ ۾ ماڻهن سان هوءَ هاڻ گهڻو کِلي ڳالهائي رهي هئي. اهي ٻئي ماڻهن سان ملنديون، ڪنوار ۽ گهوٽ کي مبارڪون ڏينديون، شاديءَ جا طعام چکينديون، بُک ڄڻ ختم ٿي وئي هئي. اُڃ جاڳي پئي هئي پر هيءُ موقعو ۽ مهل نه هئي زرينه ٿڌو ساهه ڀريو. هلندي اُهي انڊس جي هال ڏانهن آيون جتي لڳو ٿي ڪو فنڪشن هلي رهيو هو. شاگرد ۽ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون انهن جا عزيز، مائٽ، استاد، چڱي چهل پهل هئي. علم ۽ دانائي، روشنيون، رنگ ۽ خوشبوئون، زندگيءَ جون رنگينيون، هال جي در جي اندران بيهي هن ڏٺو، سمورو هال شاگردن سان ڀريل هو.

سلوچنا ڪنهن ڇوڪريءَ کان پُڇيو ته انهيءَ سٻاجهائي سان ٻُڌايو، ”اڄ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي ڊپارٽمينٽ جي آخري سال جي شاگردن جي الوداعي پارٽي آهي. تقريرون ٿينديون. موسيقي هوندي، ٽيبلوز ۽ ڪئين نقل نذير ٿيندا.

ٿورو رُڪي هن چيو ”اسين ٿورن ڏينهن ۾ ڄامشورو ڇڏي وينداسين“ سلوچنا کي لڳو ته هوءَ برابر تير کاڌل ڇوڪري هئي. انهن اسٽيج ڏانهن ڏٺو. فرشي مجلس هئي.[1] ڊاڪٽر محمود مغل ويٺو آرام سان مسڪرائي ڪنهن شاگرد جي تقرير ٻڌي رهيو هو- ”محمود مغل ويٺو آهي. پاڻ کان گهڻو سينيئر هوندو جڏهن پاڻ ميڊيڪل پڙهي رهيون هيونسين.“ زرينه چيو.

الوداعي پارٽي عروج تي هئي. هيڏانهن شاديءَ جي رسمن جي پڄاڻي ٿي رهي هئي، انهن ڪنوار ڊاڪٽر شهناز کان موڪلايو ۽ انڊس مان ٻاهر نڪري آيون. ٿڌي سڙڪ تي رات وڌيڪ خنڪ هئي. هوا وڻن مان لهرائي، جهومي هيٺ لٿي ٿي. سندن جسمن مان گرمي ۽ خوشبو کڻي، سندن پير ڇُهندي، اڳيان هلي ٿي وئي. اڄوڪي رات سلوچنا کي گهڻي وڻندڙ لڳي رهي هئي. خوشبختي آهي جو، زرينه جو ساٿ هو. اڪيلائي هئي، سندس انجنيئر مڙس گهر ڪونه هو. هن جي پوسٽنگ نواب شاهه ۾ آهي. هو ضرور سندس کاتي جي ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ آرامي هوندو، جتي اڪثر هوندو آهي، پر اڄ زرينه آهي سريلي رات آهي، هن جو شاهي گهر رات اڃا ڪافي آهي، صبح موڪل جو ڏينهن- هنن وٽ ڪرڻ لاءِ گهڻا قصا ۽ قربتون آهن…

”زرينه اڄوڪي رات تون منهنجي مهمان رهي سگهين ٿي- جيڪڏهن توکي ڪو مسئلو نه ٿئي ته“

”ڇو نه- پٺيان ڪير آهي، نه گهر نه گهاٽ، نه ساٿي، نه سنگي بس آهي ته اڪيلائي آهي.“

”آئون جو آهيان“ سلوچنا هن جي اکين ۾ نهاريو گهري گهُور سان ڪجهه درد مان ڪجهه شرارت مان. سلوچنا ڪار ٿڌي سڙڪ تان آٽو ڀان روڊ ڏانهن موڙي ڇڏي. گهر جي در تي هن هارن ڏنو. ملازم در کوليو. زرينه ڪار مان لهي پيئي. سلوچنا ڪار پارڪ ڪري موٽي آئي. ٻيئي باغيچي جي روش مان ٿينديون گهر اندر داخل ٿيون.

باغيچي ۾ انب ۽ املتاس جا ڪجهه وڻ هئا ۽ گلاب جون ٻاريون هيون، گلن جون وليون هيون جن سامهون ديوار کي ڍڪي ڇڏيو هو ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ڪئڪٽس جي گهڻن ئي قسمن جا ٻوٽا هئا.

– هن جي اندر ۾ به هڪ باغ آهي، جنهن جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪئڪٽس جو خراشون آهن ۽ گلن جي نرماهٽ به آهي- ڇا خبر؟“ زرينه سوچيو.

سلوچنا هن کي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ۽ کيس گهري گهور سان ڏسندي رهي، ڪمرو خوب روشن هو. انهيءَ جون دريون باغيچي جي طرف کليل هيون. جتان ٿڌي ۽ معطر هوا اچي رهي هئي. هن ملازم کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن چانهه آئي ته سلوچنا ملازم کي چيو ته هاڻ ڀل پنهنجي ڪوارٽر ۾ وڃي آرام ڪري زرينه صوفا تي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجو پاڻ کي ڍرو ڇڏيو ۽ چانهه پيئندي سلوچنا جي سانوري مک تي هڪ نازڪ نگاهه وڌي. پنجٽيهه کن سال جي سلوچنا جوان ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي.

”زرينه“ سلوچنا ڳالهايو ”پاڻ ٻارنهن سال پوءِ مليا آهيون. وقت تنهن جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهيو آهي. مون کي تون اهائي زرينه لڳي رهي آهين، جيڪا هاسٽل ۾ منهنجي روم ميٽ هئي. سهڻي ۽ ذهين. ميڊيڪل ۾ ڪورس پڙهڻ ته ضروري هو جيڪو پاڻ خوب پڙهيونسين ۽ هميشھ ٽاپ ٽين اسٽوڊنٽس ۾ رهيوسين. ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ منهنجي شادي پنهنجي سوٽ جارج سان ٿي، جنهن کي تون سُڃاڻين ٿي، جارج پڻ مون وانگي ڪئٿولڪ عيسائي آهي. اسان جي شادي سکر ۾ گرجا گهر ۾ ٿي، جارج هاڻ پاڻي کاتي ۾ انجنيئر آهي. جارج جي ٽرانسفر ڪڏهن هن شهر ۾ ته ڪڏهن هن شهر ۾ جنهن سبب مون پرئڪٽس به نه ڪئي. سال کن ٿيو جو حيدرآباد ۾ مستقل رهائش آهي. اولاد آهي ئي ڪونه.“ هن جي اکين ۾ آلاڻ تري آئي، ”زندگيءَ جو سڀ سک آهي تون ياد ايندين آهين تنهن جي رفاقت ۾ ماڻيل جسمانيت ۽ اهي هاسٽل جون راتيون. جڏهن اسين هڪ کٽ تي سمهنديون هيونسين. کٽ ڇا هئي ستارن جي سيج هئي ۽ اسان جون جوانيون، انهيءَ جون حرارتون، هٿن ۽ چپن جا ڇهاءُ جيڪي اسان کي آسمانن تي وٺي هلندا هئا، جتي چوراسي چنڊ اسان جي بدن کي منور ڪري ڇڏيندا هئا- انهن بي شمار راتين جي ياد ۽ انهيءَ جو سرور مون کان وسري نه وسريو آهي ۽ نه مليو آهي. جڏهن ته منهنجي شادي ٿيل آهي ۽ هڪ مرد مون سان گڏ آهي. پنهنجي قربت، ڇهاءُ ۽ حرارت سان گڏ پر اها رفاقت ۽ نسواني ڇهاءُ وسري نه ٿا وِسرن.“

هن وري هڪ پر اشتياق نظر زرينه تي وڌي، جا هن جي اکين تان لهندي، چپن تان ٿيندي هن جي اُڀريل سيني تي اچي بيهي رهي- نظر جيڪا هتي بيهي رهي- بيٺي رهي.

زرينه چانهه جي سپ ڀري. هن سلوچنا جي ڳالهه به ٻُڌي پئي ۽ هن ملاقات جي حسن اتفاق تي حيران به هئي. هن سلوچنا جي شخصيت کي ڏٺو پئي، هن جي شاندار گهر ۾ رات جي ٽئين پهر، هو آرام سان چانهه پيئندي سوچي رهي هئي ته حياتيءَ ۾ ماڻهوءَ کي گهڻو ڪجهه ملي ٿو ته به ائين ڇو آهي جو ڪمي رهجيو وڃي. جسماني سُک، اولاد جو سُک، سلوچنا ۽ زرينه ٻيئي روم ميٽ ۽ ڊاڪٽر- ٻيئي محروم. ٻارنهن سالن کان پوءِ هي اوچتي ملاقات. اسين جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ڏُکن جو انت نه ٿا ٿي سگهون ته به انهن جو ڪٿارسس ته ڪري سگهون ٿا.

چانهه ختم ڪري زرينه اُٿي ۽ آرسيءَ جي سامهون اچي بيٺي. هن برش کڻي پنهنجي تراشيل وارن کي سنواريو. سلوچنا اُٿي هن سان گڏ اچي بيٺي ۽ پنهنجي ٻانهن هن جي چيلهه ۾ ورائي ڇڏي ۽ چيو ”زرينه تون اڃا تائين پُرڪشش آهين.“

هو ٻيئي واپس وريون ۽ صوفا تي اچي ويٺيون. يڪايڪ زرينه جي حياتيءَ جا مهه سال پويان هليا ويا ”سلوچنا ياد آهي“ هن ڳالهه ڪرڻ شروع ڪئي ”ياد آهي ڪاليج ۾ ميڊيڪل جو آخري سال هو، تڏهن سخت پڙهائي ۽ هڪ ٻئي جي جسماني قربت ۾ گم هئاسين. امتحان ۾ پاس ٿبو اهڙو يقين پنهنجي ذهانت ۽ محنت تي هو. ڪاليج ڇڏڻ جا ڏينهن ويجها هئا. هاسٽل جون قربتون ۽ جسماني ويجهائيون ختم ٿينديون، تنهن جو ڊپ هو. ڊاڪٽر ٿيڻ جي حاصلات ۽ ڪاميابي جي خوشي ۽ ڌار ٿيڻ جو ڊپ. انهيءَ ۾ اوچتو منهنجو پنهنجي ڪلاس فيلو حبيب جي عشق ۾ مبتلا ٿيڻ حبيب پهرين سال کان منهنجي جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هو. هن کي ڪهڙي خبر ته آئون نسواني جمسن جي ڄار ۾ ڦاٿل هئس. توکي ته سلوچنا Exit Gate هميشھ کان ميسر هو. سؤٽاڻي سوٽ مائٽي جو گارينٽيڊ رستو. تڏهن فائينل ايئر واري ڊسمبر مهيني جي هڪ ڏينهن آئون هائوس جاب ڪري، هاسٽل اچڻ لاءِ جيئن ئي اسپتال مان ٻاهر نڪتس ته در تي حبيب بيٺو هو. هن منهنجو هٿ جهلي ورتو ۽ چيو، ”جيڪو تنهنجو هٿ پڪڙي سگهي ٿو، اهو انهيءَ کي حياتيءَ جي انت تائين پڪڙي رکڻ جو اِرادو به رکي ٿو.“ انهن ڏينهن جڏهن آئون اڪيلو ٿيڻ جي خوف ۾ ورتل هئس ۽ مون کي اهڙي هٿ جي ضرورت هئي. حبيب انهيءَ مهل مون کي ڏاڍو سهڻو ۽ بهادر لڳو ۽ دل چاهيو ته کڙيون اُڀيون ڪري، انهيءَ قدآور شخص جا چَپ چُمي وٺان- مون پاڻ کي انهيءَ پهل کان روڪيو، پر پنهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ رهڻ ڏنو. عشق سلوچنا مون کي گهيري ويو. تنهنجي منهنجي رفاقت جي وچ ۾ هڪ نئون مظهر اچي ويو هو. هائوس جاب، امتحان، اسپتال، هاسٽل، اوجاڳا ۽ مرداڻو ڇهاءُ آئون بادلن ۾ ويڙهجي ويس ۽ اُڏامي رهي هئس- توکان به لڳي ٿو هڪ نئين احساس ۽ نشي ۾ مخمور ٿي دُور ٿيندي ويس- آئون ذهين ته هئس پر حساس وڌيڪ هئس. هائوس جاب ختم ٿيو. تون سکر هلي وئين اڄ وري مليا آهيون. يار زندهه صحبت باقي. پر اهي ٻارنهن سال ۽ يادون ۽ انهن ۾ ويڙهيل غم ۽ الم. اڃا ڪافي رات پئي آهي. آئون پنهنجي قصي جي داستان گو ٿيندس. پر چانهه جو هڪ ڪپ ملي وڃي.“

”برابر زرينه“ سلوچنا چيو، ”نه رڳو تون ذهين هئين پر سٺي مقرر پڻ هئين تن ڏينهن تنهنجون تقريرون جن ۾ سياسي ماحول ۾ گهٽ جي خلاف احتجاج هو. تنهن جون سماج واد ۽ قوم پرستيءَ جي نظرين تي ڪچهريون، تنهنجي ادب ۽ سياست تي اسٽڊي ۽ تنهن جو فوٽوگرافيءَ جو هنر خوب هو.“

اوچتو سلوچنا ماضيءَ ۾ ٽٻي هنئي. ”زرينه تنهن جو فوٽو گرافيءَ جو هنر ياد ٿو اچيم، تنهن جي ڇڪيل فوٽوئن جا ڪيترائي البم اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهن. تنهنجي فوٽوگرافي چڱو ٿيو جو Pornography ۾ نه بدلي. جوانيءَ جي بي پرواهيءَ ۾ پنهنجو هڪڙو Nude فوٽو سيشن مون به چاهيو ٿي پر تو انڪار ڪري ڇڏيو. اڄ سوچيان ٿي ته تو ٺيڪ ڪيو. آئون پنهنجا اُهي Nudes ڪٿي سنڀاليان ها.“

سلوچنا ڳالهه بدلائي ۽ چيو، ”تنهنجي اها دانائي، جنهن جو سڄو ڪاليج مداح هو- تو ۾ ڪٿان آئي؟“

”سياست ۽ نظرئي ۾ منهنجي دلچسپي سلوچنا شايد خانداني پسِ منظر جي ڪري هئي. ڏاڏو پڙهيل، خلافت تحريڪ جو ڪارڪن هو. عثماني خلاف کي بچائڻ جي لاءِ چندا ڪٺا ڪندو وتندو هو. ترڪيءَ ۾ خلافت ته ڪونه بچي پر چندي جون رسيدون اڃا به اباڻي گهر جي ڪنهن فائيل ۾ پيل هونديون. جيتوڻيڪ هن سادي انسان کي منزل جي خبر ڪونه هئي ۽ حڪمت عمليءَ جي غلط هجڻ جو احساس به ڪونه هو، ته به ڏاڏي جدوجهد ۽ تعليم سان اسان کي جاڳرتا ڏني- بابا کي ۽ اسان پونئيرن کي جو اسان نَون نظرين سان ٺهڪي سگهياسين ۽ سماج جي سائنس کان ڪجهه قدر واقف ٿياسين.“

”تنهن جو زرينه محبت جو آرٽ اڃا به اُتم هو، تنهن جي محبت ۾ گهڻي نرماهٽ ۽ شاعري هئي، آئون پنج ئي سال تنهنجي خوبصورت، نرماهٽ ۽ شاعريءَ جي جيڪا ندي هئي، انهيءَ ۾ تڙڳندي رهيس. ٻڏڻ مون به نه ٿي چاهيو ۽ ڪنارن جي ڪنهن کي پرواهه هئي. اهي پنج ئي سال تنهن جي رفاقت، دانائي، جسمانيت ۽ انهيءَ جو اظهار مون کان ڪڏهن وِسريا ئي نه هئا. جو اڄ وري تون ملي آهين. ٻارنهن سالن کان پوءِ خوش نصيبي ته اڄ آئون اڪيلي آهيان، تون به، گهر به ۽ شبستان به.“ هن شوخيءَ سان چيو ۽ چانهه ٺاهڻ هلي وئي.

زرينه اُٿي وري آرسيءَ جي سامهون اچي بيٺي، هن سنواريل وارن کي وري سنواريو. آئيني ۾ نظر ايندڙ عڪس ڄڻ هن جوان عورت کي اک هنئي هوءَ لڄاري واپس صوفا تي اچي ويٺي- سلوچنا چانهه ۽ ڪيڪ کڻي آئي.

رات پنهنجي پوئين پهر ۾ گذري رهي هئي. ٻاهر ٿڌي هوا پئي گهلي. دريءَ جي کليل تاڪن مان ٻاهر انب جي شاخن ۽ پنن ۾ هوا جو هلڪو ارتعاش هو. گلابن جي خوشبو هوا سان ملي انهن کي سرهو ڪري ڇڏيو. يڪايڪ هن کي لڳو ته سلوچنا جو وجود گلاب جي ٻوٽي ۾ بدلجي ويو آهي ۽ مهڪي رهيو آهي.

”سلوچنا“ هن چانهه پيئندي چيو، ”انسان جي سوچ ۽ نظر ۾ ڪيڏو نه فريب ٿئي ٿو. هينئر هن لحظي تنهنجو وجود، منهنجي نظر ۾ گلاب جي ٻوٽي ۾ بدلجي ويو آهي. انهيءَ ۾ ساواڻ، سُرخي ۽ خوشبوءِ مهڪي اُٿيون آهن.“

”زرينه- سچ پُڇين ته آئون هن پل نه رڳو مهڪي رهي آهيان، پر دُکي به رهي آهيان ۽ ڪيڏي مهل ٻري به پوندس- اهو تنهنجي اختيار ۾ آهي.“

”سلوچنا- تومان اڃا تائين ياريون نه ويون.“

”زرينه- تون به الائي ڪيئن پنهنجو جسم ۽ انهيءَ جون سڀ دلفريبيون بچائي وئي آهين اڃا رات پئي آهي. تون قصو کڻ، جتان ڇڏيو اٿئي. اي منهنجي پياري تنهنجو ڳالهائڻ مٺو آهي ۽ تنهنجي تڪلم کي ندين جي رواني آهي.“

”ها سلوچنا تون سکر هلي وئين، پرئڪٽس به نه ڪيئي شادي ڪري ڇڏيئي ائين منهنجي زندگيءَ جي منظر مان گُم ٿي وئين. انهيءَ دوران جيئن مون توکي اڳ ٻُڌايو هو. منهنجي زندگيءَ جي منظر ۾ حبيب سڀ کان اهم جڳهه والاري ويو هو. آئون بري طرح هن جي عشق ۾ مبتلا ٿي وئي هئس. انهيءَ وچ ۾ ڪميشن جا امتحان ٿيا، حبيب ٺٽي مڪلي واري سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ آئون ڪوٽڙيءَ ۾ وومين ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيس. اهو سڀ معمول مطابق هو. پڙهڻ ۽ ميڊيڪل آفيسر ٿيڻ سلوچنا جيئن ته تنهنجو منهنجو تعلق غير معمولي هو، پر آئون هاڻ هڪ مرد جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويس مون سان اهو ٿيو جو آئون محبوب مان ڦري عاشق ٿي پيس- جڏهن عورت ائين ڪري ٿي، عشق جا سڳا ڳچيءَ ۾ پائي ٿي ته پوءِ رڻن ۾ رليو وڃي.“

ٿورو رُڪجي هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو؛ ”انهن ڇهن سالن ۽ ڇهن مهينن جي عرصي جي وچ ۾ جڏهن آئون عشق ۾ بيخود هئس وقت ۽ نصيب جي گهري کاهي هئي. جنهن ۾ مفاد ۽ انتخاب جا اجگر ڦڦڪاري رهيا هئا، وقت جيڪو هميشه سٺو ٿو هجي. شايد نصيب سٺو نه هو يا انتخاب غلط هو. دل جي فيصلن جو حشر ڇا هميشه ساڳيو ٿئي ٿو- شايد ائين به نه هجي. پر سلوچنا مون سان ته حشر ٿي ويو هن جي اکين ۾ آلاڻ تري آئي، سلوچنا اڳيان وڌي هن جا لُڙڪ اُگهيا ۽ اکيون چُميون. کيس هن معصوم عورت جا سندس دوست ۽ رفيق رهي آهي- ترس آيو.

”زندگي ائين گذري رهي هئي، حبيب ۽ آئون هڪ ٻئي جي عشق ۾ فنا ٿي رهيا هئاسين يا شايد آئون اڪيلي محبت جي ماريل هئس. آهستي آهستي وقت رڙهندو رهيو. آئون عشق ۾ اکيون وڃايل، هن لاءِ بهترين ڪپڙن، کاڌن ۽ خوشبوئن جو انتظام ڪندي رهيس. انهيءَ کان بي خبر ته حبيب پنهنجي انتخاب جو حق ڪٿي ٻئي هنڌ استعمال ڪري رهيو آهي. هن جون ملاقاتون، خط ۽ فون گهٽبا ويا. منهنجا درد ۾ ٻڌل خط ۽ فون وڌندا ويا. منهنجي معصوميت هن جي مهارت هٿان شڪست کائي ويئي، حبيب منهنجي پيار کي سمجهي نه سگهيو يا آئون نصيب جو ٿيڙ کائڻ لاءِ تيار هئس.

2001ع جي انهيءَ بهار جي رُت ۾ جڏهن آچر ڏينهن ڪراچيءَ ۾ سِي ويو وٽان سمنڊ جي ڪناري تي گُهمي رهيا هئاسين. مون پيرن مان جُتيون لاهي ڇڏيون هيون. هڪ آسيس سان حبيب جو ساٿ هو. گهميل سامونڊي هوا منهنجي ڪپڙن ۽ وارن کي اُڏائي رهي هئي ۽ منهنجي روح ۾ اهڙو پريم گيت رچي رهي هئي، جيڪو مون کي سمنڊ جي لهرن جي گيت سان هم آواز ڪري رهيو هو.

”سلوچنا- مون سان ڪاري قيام ٿي وئي، جڏهن تاج ڪمپليڪس وٽ حيدرآباد ايندڙ بس تي ڇڏيندي، موڪلاڻي مهل حبيب چيو ”آئون پنهنجي هن رفاقت مان جيڪا تڏهن شروع ٿي هئي جڏهن مون تنهنجو هٿ جهليو هو- ٿڪجي چڪو آهيان. هي انتظار هي ميلاپ، هي خط هي فون، هاڻ زرينه مون کي نٿا وڻن. اهو سمورو سلسلو انت ٿيڻ گهرجي.“

بس ۾ داخل ٿيندي آلين اکين سان مون پُڇيو، ”سڀ ڪجهه ختم- سڄو تعلق- ائين اوچتو؟“

”بلڪل- هميشھ لاءِ.“ حبيب وراڻيو.

”سلوچنا آئون الائي ڪيئن حيدرآباد پهتس ۽ پوءِ ڪوٽڙي. محبت دل جي دنيا کي ڊاهي ڇڏيو. انهيءَ راند جو خاتمو ٿيو، جيڪا حبيب پاڻ شروع ڪئي هئي. محبت رڳو ڏڍ يا دلاسو هئي يا مرڳو ئي تاش جي پتن جو محل هو. الائي ڪٿان وڇوڙي جي تيز هوا لڳي. انهيءَ ۾ سڀ ڪجهه اُڏامي هليو ويو. ماڻهوءَ جي نصيب ۾ محبت ايتري ناپائيدار ڇو آهي- يا صرف منهنجي نصيب ۾ ائين هو.“

”ڪيترائي ڏينهن آئون گهر مان ٻاهر نه نڪتس، گذري ويل وقت کي ياد ڪندي رهيس. حبيب پنج سال منهنجو تعاقب ڪيو، اهي پنج سال جڏهن پاڻ هڪ ٻئي جي قربت جي نشي ۾ گُم، ڏاڍيون شانت هيوسين. پنجين سال همت ڪري منهنجو هٿ پڪڙي ورتائين. مون ڪهڙي اُميد ۾ پنهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ رهڻ ڏنو. شروع ۾ حبيب گهڻو سرشار هو. خط، فون ۽ ملاقات جا بهانا ڳوليندو وتندو هو. شاديءَ کان پوءِ آئيندي جا پلان اسان محبت ۽ يقين سان جوڙيندا رهياسين. الائي ڪڏهن ائين ٿيو جو هو محبوب بنجي ويو ۽ آئون عاشق. شايد برباديءَ جو آغاز اُتان ٿيو- هن جا نخرا ۽ بي نيازيون وڌنديون ويون. عشق مون کي نماڻو ۽ ضرورتمند بنائي ڇڏيو.“

تاج ڪمپليڪس وٽان موڪلائڻ کان پوءِ حبيب ڪوبه رابطو نه ڪيو ۽ منهنجي عاشقي ۽ مشتاقيءَ مون کي جيئڻ نه ٿي ڏنو. منهنجو روح ڪٿي زخميو هوندو. منهنجي دل منهنجي وَس ۾ نه هئي. آئون بيمار ٿي پيس. عشق جي روڳ مون کي ڪٿي جو نه ڇڏيو هو. بي پناهه اڪيلائي ۽ اُداسي هئي، جيڪا مون کي گهيري چڪي هئي.تنهن ڏينهن منهنجي وڏي ڀيڻ جيڪا منهنجي افعالن جي ڪري مون سان ناراض هئي، پر منهنجي لاءِ دُکي پڻ هئي. مون کي خط لکيو جنهن ۾ هيٺين سِٽ پڻ هئي:

Diseases of Soul are more dangerous and more numerous than those of the body. (Cicero)

سسرو جي انهيءَ ڳالهه جو مطلب جيتوڻيڪ گهڻ طرفو هو پر ٿيو ائين جو مون انهيءَ تناظر ۾ پنهنجي روح ۽ دل جي روڳ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر هجڻ به منهنجي ڪم آيو، ڇهه مهينا لڳا مون کي پاڻ سنڀالڻ ۾. يادن جي ڪري، جن ۾ منهنجي محبت جي تجربي جي تلخي ڳري وئي هئي. زندگيءَ جو وهنوار جاري رکڻ منهنجي لاءِ مشڪل ٿي پيو هو. جڏهن ته روح تائين زخمي ٿيڻ هڪ حقيقت هئي. رستو ڪوبه نه هو، جو بيقراريءَ کي قرار اچي. هريا ڦٽ سُڪن. سلوچنا وقت مدد ڪئي. آئون پنهنجي روزاني نيم تي موٽي ويس، هڪ ميڊيڪل آفيسر جي مصروفيت طرف- ته به دل ۾ محبت جو تير کتل ئي رهيو.

سلوچنا کاڏيءَ تي هٿ رکي، هن جو داستان دل ٻڌندي رهي. درد ڄڻ زرينه جي آواز سان ملي هن جي رت ۾ ڊوڙڻ لڳو ۽ هوءَ گهڻو اٻاڻڪي ٿي پئي.

7 سيپٽمبر 2001ع جي ٽپهريءَ جو دل جي هٿان مجبور ٿي ڇهن مهينن جي جدائيءَ کان پوءِ من جي چوڻ تي آئون ٺٽي هلي آيس، شام ٿي رهي هئي پوياڙيءَ جا پاڇا ڊگها ٿيندا ويا. دل ۾ ڪو ارمان هو. ڪٿي اميد جا ترورا جهلملائي رهيا هئا.

سلوچنا جيئن William Shakespeare جو ڊراما Hamlet هن سِٽ سان شروع ٿئي ٿو. To be or not to be, that is the question.- ها- يا نه؟ ڪجهه سٺو ٿيڻ جي اميد هئي، ٽٽل سلسلو جُڙڻ جي آس هئي. ماڻهو ئي ماڻهو جي اميد ٿئي ٿو. وڏي غم ۽ اندوهه کان پوءِ دل ڇو سوچي رهي هئي ته ڇهن سالن جي رفاقت جي اڳيان ڇهن مهينن جي جُدائيءَ جي ڪهڙي اهميت آهي. سوال هئا ۽ محبت ۾ يقين جو آئون ٺٽي جو سفر ڪري رهي هئس. انهن ڇهن مهينن ۾ مون صرف پاڻ کي روڪيو پر خط لکيا جن ڪوبه جواب نه مليو. فون ڪيا پر صرف هڪ فون اٽينڊ ٿيو.

”حبيب هي تون ڇا ڪري رهيو آهين نه خط نه پٽ نه فون نه ملاقات.“

”آئون تنهنجي جذبي کي سمجهان ٿو، پر مون وٽ تنهنجي سوالن جو جواب ڪونهي.“

”اهو ڇا هو حبيب اڄ کان ڇهه سال ڇهه مهينا اڳ تنهنجو منهنجو هٿ پڪڙڻ ۽ هٿ جهلي توکي ياد آهي تو ڇا چيو هو؟“

”ها- مون کي ياد آهي.“

”پوءِ هي ڇا آهي ايترو وقت تو ڇو مون کي فريب ۾ رکيو؟“

”فريب وڏو لفظ آهي- مون کي ڀوري ڇڏيندو.“

”توکي سڀ وِسري ويو، حبيب پيار ۽ زندگيءَ ۾ اڳتي انت تائين هليو هلڻ جا واعدا، محبت ڇا هر ڪنهن سان ائين ڪندي آهي؟ وقت ۽ نصيب جي شطرنج ۾ تون به هارائي رهيو آهين ۽ مان به جڏهن ته اسين بازي کٽي به سگهياسين ٿي، پر تون راند اڌ ۾ ڇڏي هليو وئين، اهو ته راند جي اصولن جي به خلاف آهي ۽ محبت ۾ اڪيلو ڇڏڻ اها ته سراسر بي واجبي آهي.“

”زرينه تنهنجي محبت منهنجي دل ۾ جيئري رهندي پر مون کي پنهنجي انتخاب جو حق ڏي، آئون زندگيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو… وڏو نالو ۽ گهڻا پئسا ڪمائڻ ٿو چاهيان.“

”محبت- شهرت ۽ ملڪيت جي وچ ۾ ڇا رڪاوٽ آهي؟“

”تنهنجي محبت زرينه منهنجي شخصي اوچائين ڏانهن اُڏام کي ڪمزور ڪري رهي آهي. آئون محبت کان ڪمزور ٿي وڃڻ کان خوف ۾ آهيان.“ اهو چئي هن فون بند ڪري ڇڏيو. مون چاهيو سلوچنا ته آئون وکري وڃان يا مري پوان. مون کي اهو سوال پريشان ڪندو رهيو ته آئون ڇو هن جي ڪمزوريءَ جو سبب هئس، مون ڪڏهن هن جا پر ڪتريا هئا، ڪمزور ته هن مون کي ڪيو هو، آئون پنهنجو پاڻ ۾ ٽُٽي رهي هئس، فطرت وٽ، دنيا وٽ، انصاف ڪٿي آهي، ثابت ٿيو ته محبت جي دنيا ۾ ته اهو بلڪل ڪونهي.“

”آئون ڏُک جو شڪار روح تائين زخمي عورت هئس. اسپتال ۽ ڪوارٽر ۽ ڪڏهن ڳوٺ وڃي امان سان ڀيڻ سان ملي اچڻ کان سواءِ زندگيءَ ۾ ڪا چرپر ڪونه هئي.“

”ائين زندگي گذري رهي هئي، سلوچنا، درد ۽ ڏُک کان وڌيڪ مون کي ذلت جو احساس ماري رهيو هو. مون ڇو پنهنجو هٿ هن جي هٿ ۾ رهڻ ڏنو، جيڪو آخرڪار هو ڇڏائي هليو ويو.“

”7 سيپٽمبر 2001ع. تنهن ڏينهن آئون دل جي هٿان مجبور ٿي ٺٽي هلي آيس. اسپتال جي گاڏي ۽ ڊرائيور ساڻ کڻي هڪ سوال- ها- يا نه ۽ ڪجهه التجائون مون سان گڏ هيون. انسان جي هيءَ جيڪا ڪجهه ٿي پئي واري خواهش آهي. انهيءَ خواهش کي مقابل ڪري، حبيب کي هڪ دفعو سامهون ڏسڻ جي چاهت ۽ سندس ڪيترائي فوٽو ڇڪڻ جي خواهش، هڪ سوال- ها- يا نه؟ انهيءَ جو جواب معلوم ڪرڻ جو جتن کڻي جڏهن مڪليءَ تي جُڙيل اسپتال ۾ حبيب جي گهر جي دروازي تي آيس ته ڪلف لڳل هو. سوچيم شايد اسپتال ڊيوٽي تي هوندو اوڏي مهل مڪلي اسپتال جو ڊريسر ملڪ انور جيڪو هن سان گڏ رهندو هو. انهيءَ اچي سلام ڪيو. مون اٻهرو ٿي پُڇيومانس، ”حبيب ڪٿي آهي؟“

”ڊاڪٽر حبيب صاحب“ هن وراڻيو ”ڪئنيڊا هليو ويو، هت ڊاڪٽر افروز هوندي هئي نه- ته اهي ٻيئي شايد هتي سيٽل ٿي ويا آهن.“

”ڪڏهن؟“

”ٻه مهينا ٿيندا.“

”ملڪ انور جي انهن لفظن کي ٻڌڻ کان پوءِ مون کي لڳو ته حبيب مون کي لوڙهي تي اڇلايو ڇڏيو هجي. پنهنجي خسيس هجڻ جو احساس دل و دماغ تي ڇانئجي هليو. مون کي لڳو ته منهنجو وجود روح تائين رهڙجي ويو آهي. منهنجون اکيون سڙڻ لڳيون آهن.“

”ٿوري ئي دير گذري هوندي، مڪلي سول اسپتال جي انهيءَ گهر جي سامهون پر مون کي لڳو ته گهڻو وقت گذري ويو آهي. منهنجي ته ڄڻ زندگي گذري وئي- هتي بيٺي بيٺي.“

”سلوچنا محبت جي واعدن تي اسين عورتون ايترو ڪمزور ڇو ٿي وڃو ٿيون. ڪوئي اکين سان اڻيل لفظن جو ڄار اڇلي، اسين ان ۾ ڦاسي ٿيون پئون. مرد جي خوبصورتي، انهي ۾ ڇا آهي؟ جيڪا عورت کي ڪمزور ڪريو ڇڏي. شروع جوانيءَ ۾ پاڻ ٻنهيءَ جي بچاءُ انهيءَ ڪري به ٿي سگهيو، جو توکي ۽ مون کي جسماني اظهار جو گس هو نه ته پنهنجي حساسيت ۽ عشق بازي پاڻ کي الائي ڪٿي ڇڏي ها.“

۽ انهيءَ شام جڏهن آئون پيار جي بازي هارائي چُڪي هئس. ڪوٽڙيءَ ورڻ کان اڳ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي اچي بيٺس، سج لهڻ وارو هو. هلڪي هوا لڳي رهي هئي نيڻ نهار تائين ڪينجهر جو پاڻي لهرون لهرون ٿي ويو هو. شام جي سرمئي انڌيرو ٿيڻ کان اڳ سج جون رتل راسون ڳاڙهاڻ مائل سونهري ٿي رهيون هيون. ٿوري دير ۾ رات ايندي ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪئين راتيون اينديون، مون کي لڳو ته صبح جو اچڻ منهنجي زندگيءَ ۾ تمام ٿيو. هاڻ هڪ ڊگهي ڪاري رات جو قهر سڄي حياتي برپا رهندو. هڪ ڌڪاريل عورت ۽ بي پناهه رات جي شروعات ٿي چڪي هئي. ڪينجهر جون ڪنڌيون هاڻ سير ڪرڻ وارن کان خالي ۽ خاموش ٿي رهيون هيون. گُهمڻ، ڦرڻ، کائڻ، پيئڻ، کِلڻ ۽ ڳالهائڻ جي هڪ ڏينهن جي پُڄاڻي ٿي رهي هئي. هڪ درد جو آغاز منهنجي روح ۾ هاڻ شروع ٿيو هو، تنهن جو خاتمو ڪٿي ٿيندو، خبر نه هئي. آئون موٽيس هڪ ڪمزور ۽ هارايل عورت. سج پنهنجي رنگ ۾ رتول ٿي هاڻ اُفق ۾ ٽٻي هڻڻ وارو هو. آئون گاڏيءَ ۾ اچي ويٺس. ڊرائيور گاڏي اسٽارٽ ڪري هلائڻ شروع ئي ڪئي هئي ته سانجهي ۽ رات، روشني ۽ اوندهه جي وچ ۾ هڪ ڪتو هلندو آيو ۽ گاڏيءَ جي سامهون اچي بيهي رهيو. ڀوري رنگ ۽ وچولي جسامت جي انهيءَ ڪتي جون اکيون مون کي لڳو ته انڌيون آهن.“

”مون جهٽ هڻي گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي پيل ڪئميرا کڻي- ڪتي کي فوڪس ڪيو. فليش جو چمڪاٽ ٿيو ۽ هڪ فوٽو گراف ڪئميرا ۾ محفوظ ٿيو. گهڻن فوٽو ڇڪڻ جي خواهش جي برعڪس، هڪ ئي تصوير ڇڪيم. هڪ ڪتي جي تصوير، جنهن جون اکيون انڌيون هيون.“

”رات چوڌاري ڇانئجي رهي هئي، گاڏي ڪوٽڙي طرف هلي رهي هئي. مون مان تاڻ نڪري ويو. مون پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ۽ يڪايڪ پُرسڪون ٿي وئي هئس. جڏهن ته درد هو پر پنهنجي معنيٰ وڃائي رهيو هو.“

سلوچنا ڳل ٿي هٿ رکي هن خوبصورت عورت کي ڏسي رهي هئي.

”پوءِ سلوچنا انهيءَ رات کان پوءِ آئون پُرسڪون ۽ خود اعتماد ٿيندي ويس. منهنجي دل جي دنيا بدلجي چڪي هئي. هڪ ڪتي جو فوٽو گراف جنهن جون اکيون انڌيون هيون، انلارج ڪرائي مون گهر جي ورانڊي جي ٻاهرين در مٿان ديوار تي فريم ڪري ٽنگي ڇڏيو هو. گهر مان ٻاهر نڪرندي منهنجي نظر انهيءَ تصوير تي ضرور پوندي هئي. منهنجي اندر ۾ حبيب جي تصوير مڌم ٿي ميسارجي رهي هئي ۽ ديوار تي لڳل فوٽو وڌيڪ اجرو ٿي رهيو هو.“

”منهنجي ذهن ۾ هڪ ڪتي جي تصوير جنهن جون اکيون انڌيون هيون جي ڪهڙي معنيٰ هئي تون شايد ئي سمجهي سگهين! خبر ناهي ڇو اهو فوٽو گراف منهنجي دل جي ويرانيءَ کي تيزيءَ سان گهٽائي رهيو هو.“

”مڪلي ٺٽي ۾ گذاريل انهيءَ ڏينهن جڏهن دل جي دنيا ويرانين جي ور چڙهي هئي. انهيءَ وچ ۾ ٽي ڏينهن گذريا ته يارهين سيپٽمبر 2001ع تي نيويارڪ آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو ٿيو. 11/9 تي دنيا جي دل ويران ٿي وئي ۽ 7/9 تي منهنجي دل به ڌڪ کاڌو هو. 11/9 کان پوءِ جيئن دنيا تبديل ٿي پئي هئي. اڳتي هلي انهيءَ جي نقشي تي جنگين ۽ امن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ وارو هو. ائين منهنجي حيات به تبديل ٿي پئي. مون پاڻ ۾ پنهنجي اندر ۾ محبت جي وڻ کي سڪندي ٽُٽندي ڏٺو هو. هتي هڪ ٻيو وڻ انهيءَ جي جڙن مان ڦٽو. خاموشي، سادگي ۽ سنياس جو وڻ. دنيا جو درد ۽ پنهنجو درد هاڻ ملي هڪ ٿي ويا. مون پنهنجو پاڻ کي اسپتال، فري ميڊيڪل ڪئمپس، ڪوٽڙي جي غريب وستين ۾ وڃي مفت علاج ڪرڻ جي نيڪي ۾ گُم ڪري ڇڏيو. دنيا جو نرواڻ ڪيئن ٿئي پر مون پنهنجو نرواڻ ڳولي ورتو هو، طب جي پيشي ۾. دنيا پنهنجو نرواڻ ڪٿي ڳوليندي- دنيا پاڻ ڄاڻي. آئون پُرسڪون ٿي رهي هئس. رات جو گهڻو ڪري منهنجو وقت ڪمپيوٽر آڏو انٽرنيٽ تي گذرندو هو، آئون علم ۽ حسن کي ڳوليندي گهڻو خوش هئس.“

”ائين آئون پُرسڪون ٿي رهي هئس پر اڪيلي هئس. اڄ رات جو ٻيو پهر هو جو تون ملئين. آئون جيڪا سڄو وقت سرد ٿي رهي هئس. هاڻ منهنجي رت ۾ جوش آهي ۽ اکين ۾ اُمنگ آهي. جيڪو سلوچنا توکي ڏسي پيدا ٿيو آهي. اڄ منهنجي سنياس جو انت ٿيو آهي ۽ جسم جي پنر نرواڻ جو آرنڀ هاڻ ٿيندو.“

رات جو پويون پهر هو، سلوچنا چانهه کڻي آئي ۽ سگريٽ. انهن ٻنهي پنهنجا سگريٽ دُکايا، ڪمري ۾ تماڪ ۽ چانهه جي خوشبوءِ ڦهلجي وئي. سگريٽ ڇڪيندي، چانهه پيئندي اهي ٻيئي عورتون لاڳيتو ڳالهائي کِلي رهيون هيون. ماضي ڪٿي دفن ٿي ويو هو. حال حسب حال هو. سلوچنا اُٿي ڊرائينگ روم جو باغيچي جي طرف کلندڙ در کوليو. اهي ٻاهر در جي چائنٺ جي سيڙهين تي پير پساري ويهي رهيون، سامهون گلاب جي ٻارين تي کڙيل گلن تي ماڪ ڦڙا چمڪي رهيا هئا. انب ۽ املتاس جا وڻ خاموش بيٺا ٻن عورتن کي ڏسي رهيا هئا. آسمان ۾ پوئين پهر جا ستارا جرڪي رهيا هئا. هوريان هوريان رات کسڪي رهي هئي. فجر جي مڌم روشني، وڻن، گلن ۽ انهيءَ جي چهرن تي پکڙجي رهي هئي ۽ رات پنهنجا ڪارا ڪجل نيڻ آهستي آهستي ٻوٽي رهي هئي. سلوچنا باغيچي ۾ لهي گلاب جي ٻوٽن مان گل پٽيا ۽ ويجهو اچي هڪ زرينه جي وارن ۾ ٽانڪيو ۽ باقي سندس جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏيا.

زرينه خوشيءَ مان چيو، ”ڏاڍي دلڪش تنهن جي ادا آهي. تنهن جي جسم جا گلاب ڄڻ هاڻ کڙيا آهن. جن ۾ تازگي، خوشبوءِ ۽ نرماهٽ آهي.“

”۽ دلبر تون ڀونئري وانگي انهن جو واس وٺندي رهي آهين- زرينه گهڻي زماني کان پوءِ پاڻ مليا آهيون- وقت تنهن جي مهرباني.“ هن کليو.

– اهي ٻئي اُٿيون ۽ خواب گاهه ۾ هليو آيون، سلوچنا زرينه کي چيو، ”سُمهڻ کان اڳ تون لباس چينج ڪندئين؟“

”نه آئون ائين ئي ٺيڪ آهيان.“

”چڱو آئون چينج ڪري ٿي اچان.“

زرينه ڪجهه کوئجي ويٺي رهي. جڏهن هن نيڻ مٿي کنيا ته ڏٺو سلوچنا شپ خوابي جي لباس ۾ هن جي سامهون بيٺي هئي.

”زارينه!!“ سلوچنا چيو ”اڄ رات تون مون کي انقلاب کان اڳ ڪنهن روسي حڪمران زار جي زارينه لڳي رهي آهين.“

”۽ تون هن شب خواني جي لباس ۾ راسپوٽين لڳي رهي آهين ۽ تنهنجو گهر مون کي سينٽ پيٽرزبرگ جي محل وانگي خوبصورت لڳي رهيو آهي- انهيءَ محل ۾ مون ساڻ هاڻ ڇا ٿيندو- هوءَ شوخيءَ سان کلي ۽ سوچيو، ’سلوچنا هاڻ هينئر به اپسرا لڳي رهي آهي هوءِ سڄي سونهن آهي. هن جو چهرو، هٿ ڪرايون، آڱريون، هن جو سانورو جسم ۽ گولائيون سڀ جاذبِ نظر آهن.‘

سلوچنا ڦري هن جي پٺيان اچي بيٺي پنهنجون ٻانهون هن جي ڳچيءَ ۾ ويڙهي ڇڏيون. هوءَ ٻانهن جو گهيرو آهستگيءَ سان کولي اُٿي، هڪ شوخ نظر سلوچنا تي وڌي ۽ پنهنجو هٿ وڌائي هن جي ڪُلهي تي رکيو. سلوچنا ٽيوب لائيٽس کي اجهائي ڇڏيو ۽ زرينه کي ٻانهن کان جهلي پنهنجي بيڊ ڏانهن ڇِڪيو. اهي ٻئي عورتون جڏهن پلنگ تي ليٽيل هيون. زرينه ٻانهون ۽ چپ هن تي ورائڻ کان اڳ موڊ لائيٽس آن ڪري ڇڏيون.

۽ خواب گاهه جي ٻاهر سج جا پهريان ڪِرڻا انب ۽ املتاس جي وڻن مان ٿيندا هيٺ لهي ورهائجي ڪجهه گلابن جي چهري تي ڪجهه خواب گاهه جي درَ تي جرڪي رهيا هئا.

– ۽ خواب گاهه جي اندر ٻن مرتعش ۽ متحرڪ جسمن کي پنهنجي روشني، حرارت ۽ خوشبو هئي. اهو صبح پنهنجن پهرين ڪِرڻن سان ڄاتو هو ۽ گلن پنهنجي خوشبوءَ سان سُڃاتو هو. تڏهن روشني جي ڪِرڻن کي اڄ روز کان وڌيڪ روشني هئي ۽ گلابن کي وڌيڪ مهڪ هئي. اوچتو هوا جو هڪ جهوٽو انب ۽ املتاس جي ٽارين تان لهندو، گلاب جي شاخن ۾ صبح جي پهرين ڪِرڻن کي هلڪو مرتعش ڪندو، روشني ۽ مهڪ کڻي، خواب گاهه جي در تي جرڪندڙ سنهري ڪِرڻن سان ملي، انهيءَ خواب گاهه جي در تي لهي جمهر هنئي. جت ٻه گل بدن عورتون هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ هيون. انهن جي محبت ۽ آسودگي جو آڌر ڪندي هوا جو جهوٽو سج جي ڪِرڻن ۽ گلابن جي مهڪ سان گڏ ڪجهه ساعتون رقص ۾ رهڻ کان پوءِ گيت ڳائيندو واپس وريو. انب ۽ املتاس جي چوٽين کي ڇُهندو هليو ويو- پر پويان روشنيءَ ۽ خوشبوءَ جو سنگم ڏينهن چڙهئي تائين گهر جي باغيچي ۾ رقص ۾ هو.

***

تعارف

غلام نبي سومرو ولد محمد صالح سومرو

تعليمي قابليت: بي.اِي ايگريڪلچر (سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام)

ايم.اي اڪنامڪس )سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو)

پروفيشنل ڪيريئر: زرعي ترقياتي بينڪ لميٽيڊ (ZTBL) ۾ 1983-1-2 کان 30 سيپٽمبر 2018 تائين ملازمت.

ادبي خدمتون:

ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس. ليکڪ جي تحرير ڪيل ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب “ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار” سال 2017 ۾ شايع ٿيو.

[1] . ڊاڪٽر محمود مغل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر، ڪهاڻيڪار ۽ اديب.