بلاگخاصنئون

بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ وڃايل ساک بحال ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيندو؟

ملڪ ۾ چونڊن جي تاريخ ڏينهو ڏينهن ويجهو اچڻ جي باوجود سياسي ماحول ۾ ماٺار آهي، ملڪي ۽ علائقائي سياسي پارٽيون سواءِ پيپلز پارٽي جي سرگرم نظر نه ٿيون اچن، انهن جي طرفان مختلف حيلا بهانا ٻڌڻ ۾ اچن پيا، جن مان محسوس ٿو ٿئي ته انهن جي دلي خواهش آهي ته جيڪر ايندڙ چونڊون ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ٿين. ان سڄي سياسي ماحول کي نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ڄڻ للڪاري رهيو آهي ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي سرگرم نظر اچي رهيو آهي ۽ شايد کيس ان ڳالهه جو يقين آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل تاريخون ڪرائڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه آندي ويندي، شايد ان يقين جي اسانجي سياسي ليڊرن ۾ ڪمي هجڻ جي ڪري غير جمهوري قوتون ان جو فائدو وٺندي آئين کي نظرانداز ڪنديون آيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو ڪوئٽا جو جلسو هجي يا پورو هفتو ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن مهم. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي صوبن جي امن امان جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جتي دهشتگردي هن وقت عروج تي نظر اچي ٿي. ان جي باوجود هن نوجوان ليڊر بي خوف ٿي اتي جلسا ڪيا آهن، تنقيد ڪرڻ سان گڏ منشور ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي، جلسن ۾ ماڻهن جو انگ پڻ وڌندي نظر اچي رهيو آهي. مولانا فضل الرحمان خدشا ظاهر ٿو ڪري ته امن امان جي خراب صورتحال جي پيش نظر اسانجي لاءِ اتي چونڊ مهم هلائڻ مشڪل ٿيندي، ٻئي پاسي بلاول ڀٽو انهن علائقن ۾ جلسا ڪري چڪو آهي. نون ليگ جي امير مقام موسم جو بهانو ڪندي دل جي ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪر اليڪشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ٿين، نون ليگ جو سياسي ميدان پنجاب آهي، انهيءَ ڪري ته پنجاب ئي فيصلو ڪندو ته ملڪ جو وزيراعظم ڪير ٿيندو، پر اتي به ميان صاحب 21 آڪٽوبر کانپوءِ ڪوبه جلسو نه ڪيو آهي ۽ هاڻي پارلياماني بورڊن کي خطاب ڪندي 7 سال پهرين واري ڪهاڻي ڏک سان بيان ڪري ٿو، پر جلسا ڪرڻ ۽ انهن ۾ پنهنجو منشور پيش ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي. صرف اليڪٽ ايبل جي ذريعي پنجاب جون سيٽون کٽڻ چاهي ٿو. شايد هن کي پي ٽي آئي جي عوامي مقبوليت جو خوف آهي. پنجاب جي ان سياسي ميدان ۾ پڻ بلاول ڀٽو گجرانوالا ۾ جلسو ڪري سياسي سرگرمي جي شروعات ڪري چڪو آهي. پنجاب پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي. 2008 ۾ پڻ پيپلز پارٽي پنجاب جون ڪيتريون ئي قومي ۽ صوبائي سيٽون حاصل ڪيون، پر سندس 2008 کان 2013 تائين حڪومتي ڪارڪردگي جي ڪري پنجاب ۾ سندس ساک ڪري پئي. گذريل 10 سالن کان ائين ٿو محسوس ٿئي ته پنجاب جو ووٽر پيپلز پارٽي کان رسي وڃي پي ٽي آئي جي ڪيمپ ۾ شامل ٿيو آهي، ان جو ڏوهه سڌو سنئون آصف زرداري ڏي وڃي ٿو. جيڪو صرف سنڌ صوبي ۾ پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر پنجاب جي سياست مان جهڙوڪر هٿ ڪڍي چڪو آهي. پر هن وقت لڳي ائين ٿو ته بلاول ڀٽو پنهنجي والد جي سياسي پاليسين سان متفق ناهي ۽ هو کلي سياست ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سڄي پاڪستان کي پنهنجو سياسي ميدان بڻائڻ چاهي ٿو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي اڄ به سندس والد زير تربيت سياستدان ڪوٺي ٿو. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي وڃايل ساک يا پيپلز پارٽي کي ڇڏي ويندڙ ووٽر جو اعتبار بحال ڪرائي واپس پيپلز پارٽي جي ڪيمپ ۾ وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ويندو يا نه. خوش قسمتي سان ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل جي ڪيس جو ريفرنس سپريم ڪورٽ ٻڌڻ لاءِ منظور ڪري ٻڌڻي شروع ڪئي آهي. جنهن بينچ جو سربراهه قاضي فائز عيسيٰ آهي، انهيءَ ڪيس جي پهرين ٻڌڻي دوران سندس واضح چوڻ هو ته ريفرنس ٻڌڻ لاءِ دير ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ اوهان کان معذرت گهري ٿي. اهو عمل ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ٿو ته انهيءَ ريفرنس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ان گناهه جي سزا مان بري ڪيو ويندو جيڪو هن ڪيو ئي ڪونه ۽ سپريم ڪورٽ ان وقت جي ڪيل فيصلي تي معذرت ڪندي. ان ڪيس جي ٻڌڻي هن وقت لڳي ائين ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي وري زنده ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻڌڻي دوران ٿيندڙ ڪارروائي بلاول ڀٽو کي پنجاب ۾ اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ تمام وڏو اخلاقي جواز مهيا ڪري ڏيندي. هن وقت جي اڳواڻن ۾ ڏٺو وڃي ته بلاول ڀٽو نه صرف نوجوان اڳواڻ آهي، پر سندس تقريرن ۾ پڻ پنهنجي ناني وارو جوش ۽ پنهنجي والده جهڙو ولولو به موجود آهي. بس ڏسڻو اهو آهي ته پنجاب جو پيپلز پارٽي جو رُٺل ووٽر جيڪو هن وقت پي ٽي آئي جو سپورٽر آهي بلاول ڀٽو ان کي واپس پيپلز پارٽي جو ووٽر بنائڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري بلاول ڀٽي جي تقريرن ۾ عمران خان لاءِ تنقيد گهٽ آهي، پر ميان صاحب جي لاءِ تنقيد تمام گهڻي آهي، بس کيس ايترو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هو تنقيد جو نشتر هڻڻ ۾ لفظن جي چونڊ بهتر نموني سان ڪري. اڃا تائين نون ليگ بلاول ڀٽو زرداري کي سڌي ورندي نه پئي ڏئي ۽ بلاول ڀٽو کي به ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ پارٽي سان گڏ 16 مهينا حڪومت ڪري چڪو آهي ۽ انهيءَ حڪومت جو وزير خارجه پڻ رهي چڪو آهي. بلاول ڀٽو جيڪڏهن پنجاب صوبي مان لڳ ڀڳ 30 قومي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پرائم منسٽر ٿيڻ جو مضبوط اميدوار هوندو، اهو نتيجو 8 فيبروري 2024 تي سامهون ايندو، پر نوجوان بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي ملڪي ليڊر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آهي.