ايڊيٽوريل

سنڌ کي درپيش خطرا ۽ چئلينج، قومي ڪانفرنس

سنڌ کي هن وقت ماحولياتي، تعليمي، خراب حڪمراني، غير ترقياتي ۽ بيروزگاري جا تمام گهڻا خطرا ۽ چئلينج درپيش آهن ۽ انهن جا ڪهڙا حل آهن. انهيءَ موضوع تي حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ جي هڪ قومپرست سياسي پارٽيءَ طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناميارن سنڌي دانشورن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ڊيٽا جي صورت ۾ اتي موجود مهمانن کي گهڻين ڳالهين کان با خبر ڪيو ته هن وقت سنڌ جي زمينن کي خطرو آهي، دريائي پاڻي جي هٿرادو کوٽ کي سنڌ منهن ڏيئي رهي آهي.
ٻيلا جيڪي پوري ملڪ ۾ 4 کان 5 سيڪڙو آهن، پر انهن جو انگ سنڌ ۾ صرف هڪ سيڪڙو آهي. سنڌ ۾ بيروزگاري تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. سنڌ جو آواز اسيمبلين ۾ نٿو پهچايو وڃي ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائندا اصل مسئلن کان هٽي صرف پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏين ٿا، اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو نه جاڳيا ته سنڌو درياهه ڄامشوري کان هيٺ رهندو يا نه رهندو؟ اسان جي 5 هزار سال قديم تهذيب پنهنجو وجود برقرار رکندي يا نه رکندي؟ سنڌي ٻولي جيڪا هن وقت به سنڌ جي اشرافيه جي ٻولي نه آهي، پر جنهن به صورت ۾ آهي انهيءَ صورت ۾ برقرار رهندي يا نه؟ سنڌ ۾ هن وقت آبپاشي کاتو هڪ ڪروڙ 22 لک ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ 30 سيڪڙو کوٽ آهي ته پوءِ جيڪا 13 لک ايڪڙ ٻاهران ايندڙ سيڙپڪار کي ڪارپوريٽ روپ ۾ ڏني وڃي ٿي انهيءَ کي پاڻي ڪٿان ملندو؟ ڪينٽونمينٽ جا علائقا تجارتي بنيادن تي ڇو ٿا هلايا وڃن؟ ۽ سامونڊي پٽي جو اختيار پڻ سنڌ حڪومت وٽ ڇو نه آهي؟
ڪرپشن جو اهو حال آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي هر هر الزام لڳي رهيا آهن ته هو رشوت وٺي نوڪريون ڏئي ٿي. سڀني دانشورن بهترين تجويزون ڏنيون، پر نصير ميمڻ جنهن ڪانفرنس ۾ ڊيٽا جي ذريعي ڪارائتي آگاهي ڏني اها انتهائي اهم آهي. نصير ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ گورنمينٽ وٽ هن وقت ترقي جو ڪوبه ماڊل نه آهي. هو صرف ترقياتي رٿائون پيش ڪري پئي، جن تي پڻ ڪم تمام سست رفتاريءَ سان ٿئي ٿو. سنڌي نوجوان کي مدي خارج تعليم ڏني وڃي ٿي. هن کي اهڙو ڪوبه هنر نٿو سيکاريو وڃي جنهن جي ذريعي هو ٻاهر وڃي پنهنجو مستقبل سڌاري سگهي ۽ روزي ڪمائي سگهي. سندس چوڻ مطابق 1981ع کان وٺي 2023ع تائين ملڪ جا هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ مختلف نوڪريون ڪري رهيا آهن، جن ۾ مزدوري ڪندڙ پڻ شامل آهن، پر ان ۾ به سنڌ جي ماڻهن جو تناسب صرف 5 کان 6 سيڪڙو آهي. ان طرف سنڌ گورنمينٽ جو ڌيان ڇو نٿو وڃي. سواءِ صنعت جي صوبو يا ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو ۽ صنعت کي هلائڻ جي لاءِ توانائي جي ضرورت آهي، جنهن جي اسان وٽ کوٽ آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ ڪوئلي جي روپ ۾ تمام گهڻي توانائي جو ذخيرو موجود آهي، پر ان کي استعمال ڪري اسان گهربل بجلي پيدا نٿا ڪريون. هوا تي ٺهندڙ بجلي جي لاءِ پڻ اسان وٽ سامونڊي پٽيءَ ۾ تمام وڏي راهداري موجود آهي، جنهن کي اسان استعمال ڪرڻ کان قاصر آهيون. اسين صرف ونڊ مل مان چند سئو ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته اسين هزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا. صنعتون نه لڳڻ جو به وڏو ڪارڻ بجليءَ جي اڻ هوند آهي ۽ ٻيو بجلي جا اگهه تمام گهڻا مهانگا آهن، جنهن جي ڪري صنعتڪار کي پيداواري لاڳت مهانگي پوي ٿي. اهڙي ڪانفرنس تمام بهتر نتيجا ڏيئي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته اهڙين ڪانفرنسن ۾ نوجوانن کي خاص طور تي يونيورسٽي جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي دعوت ڏيئي گهرايو وڃي ته جيئن انهن کي گهڻين ڳالهين جي ڄاڻ ملي.
بهرحال انهيءَ ڪانفرنس ۾ نوجوانن جي کوٽ محسوس ڪئي وئي. اسان جو مطالبو حڪومت کان به اهو آهي ته اهڙين ڪانفرنسن ۾ جيڪي تجويزون دانشورن طرفان اچن ٿيون انهن تي غور ڪري حڪومتي پاليسيون انهن پٽاندر ٺهڻ گهرجن ته جيئن صوبو، ملڪ ۽ نوجوان ترقي ڪري سگهن.