ايڊيٽوريل

جسٽس اعجاز الاحسن جي غير متوقع استعفيٰ

سپريم ڪورٽ جو جج هجڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. عزت ۽ اختيار جيڪو سپريم ڪورٽ جي جج کي حاصل آهي، اهڙو اختيار شايد ئي ڪنهن ٻئي اداري جي سربراهه کي حاصل هجي، ڇو ته سڀني ادارن جي سربراهن کي جيڪڏهن انصاف وٺڻو آهي ته انهن کي آخرڪار سپريم ڪورٽ ۾ اچڻو پوندو آهي ۽ جيڪڏهن انهن جي مٿان ڪا شڪايت آهي تڏهن به انهن کي سپريم ڪورٽ جي ججن جي سامهون پيش ٿيڻو پوندو آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿيڻ ته يقينن اختيار ۽ عزت جو معراج آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جيڪو هاڻ مستعفي ٿي چڪو آهي، هڪ ته سپريم ڪورٽ جو جج هو، ٻيو آگسٽ 2024 ۾ چيف جسٽس ٿيڻ وارو هو، ته پوءِ آخر ڪهڙي ڳالهه کيس مجبور ڪيو ته هو استعفيٰ ڏئي، وقت کان اڳ هليو ويو. جڏهن ته هن پنهنجي استعفيٰ ۾ صرف ذاتي مصروفيتن جو سبب ڄاڻايو آهي. جيڪا بلڪل عام رواجي ڳالهه آهي. هن جي استعفيٰ قبول به ٿي وئي آهي، پر اڃا به اها ڳجهارت ظاهر نه ٿي آهي ته آخر هن اهو قدم ڇو کنيو. جسٽس اعجاز الاحسن، عمر عطا بنديال، ثاقب نثار، جي گروپ جو هڪ اهم فرد هو، جن جي فيصلن ملڪي سياست ۾ طوفان آڻي ڇڏيا هئا، انهن جا فيصلا ملڪ جي مفاد ۾ نه، پر ڪجهه فردن ۽ گروهن جي مفاد ۾ هئا ۽ 2017 کان ملڪي معيشت ڏيوالپڻي طرف وڌڻ شروع ٿي. ماڻهن جي قوت خريد ۾ ايتري گهٽتائي آئي، جو انهن کي روز مره جي استعمال جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ مشڪل پيش اچي رهي هئي. هينئر به اسان ڏسون ته 2017 ۾ مختلف شين جا اگهه ۽ 2024 ۾ انهن شين جا اگهه ٽيڻا ٿي چڪا آهن. انهن جو وڏو سبب ملڪ ۾ لاقانونيت، ڪورٽن طرفان انصاف نه ملڻ ۽ ججن جو سياست ۾ ملوث هجڻ ۽ ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو، پر وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪير ڪيترو به طاقتور هجي، جيڪڏهن ان وٽ اصول، انصاف، اخلاق نه آهي ته ان جيترو ڪمزور ڪير به نه آهي ۽ اهو ئي اسان کي سپريم ڪورٽ ۾ نظر اچي رهيو آهي ته اهي جج جيڪي پاڻ کي قانون ۽ آئين کان بلند سمجهندا هئا، ۽ اهڙا فيصلا ڏيندا هئا، جن تي هو پاڻ به پشيمان ٿيندا هئا، اهي هاڻ ڪيترا ڪمزور ٿي چڪا آهن، انهن وٽ سواءِ ميدان ڇڏي ڀڄڻ جي ٻي ڪا واهه نه بچي آهي. ٻن ڏينهن ۾ ٻه استعفائون انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي. اڳوڻي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ هلي رهيو هو. جيڪو اڃا به ختم نه ٿيو آهي، پر جسٽس اعجاز الاحسن جي مٿان ته بظاهر ڪوبه الزام نه هو جو هو استعفيٰ ڏئي، پر محسوس ائين ٿئي ٿو ته اندرون خانا سندس ماضي جي ڪيل فيصلن جو ان جي مٿان دٻاءُ اچڻ شروع ٿيو هو. جنهن جو جسٽس اعجاز الاحسن وٽ ڪوبه قانوني ۽ اخلاقي جواب نه هو. انهيءَ ڪري هن بهتر اهو سمجهيو ته بجاءِ جو ان جي خلاف به سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ڪو ريفرنس داخل ٿئي، ان کان پهرين هو استعفيٰ ڏئي عزت سان گهر ڀيڙو ٿئي، ۽ جيڪي به سندس قانوني مراعتون رٽائرمينٽ کانپوءِ ٿين ٿيون، انهن کي نه وڃائي. پاڪستان بهتر هجڻ جي اميد طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. ان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهندڙ اهڙا ڪردار هڪ هڪ ٿيندا نڪرندا وڃن پيا. جوڊيشري مان ته ڪافي حد تائين صفائي ٿيندي نظر پئي اچي، پر ٻين ادارن ۾ پڻ اهڙي قسم جي صفائي جي اشد ضرورت آهي. ملڪ جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت پارليامينٽ جي آهي جيڪو هڪ مهيني جي اندر چونڊجي ايندو، اهو ڪهڙيون پاليسيون مروج ڪري ٿو، جنهن سان ملڪ تيزي سان ترقي طرف وڃي. انهيءَ ڪري ته سڀ کان وڌيڪ طاقت پارليامينٽ کي آهي، آئين ساز ادارو آهي. انهيءَ آئين سان اداري ۾ بهتر ماڻهو چونڊجي اچڻ ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، پر ساڳئي وقت سپريم ڪورٽ جي اهميت به تمام گهڻي وڌيڪ آهي ڇو ته جيڪي قانون پارليامينٽ ٺاهيا وڃن ٿا، انهن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ يا انهن جي تشريح ڪرڻ جي لاءِ ۽ انصاف تي مبني فيصلا ڪرڻ جي لاءِ هر ادارو سپريم ڪورٽ طرف ڏسي ٿو، جيڪڏهن اتي اڳوڻي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ۽ اعجاز الاحسن جهڙا جج هوندا ته يقينن ملڪ جو وڏو نقصان ٿيندو. هاڻي جڏهن چونڊون ٿينديون ته ان کانپوءِ سڄي ذميداري اسانجي چونڊجي آيل سياستدانن تي هوندي ته اهي ملڪ کي ڪهڙي رُخ ۾ کڻي ٿا وڃن ۽ اهي عوام جي لاءِ ڪهڙو رستو چونڊين ٿا ۽ پنهنجي لاءِ ڪهڙو رستو چونڊين ٿا. سياسي پارٽين جي لاءِ ضروري آهي ته اهي مستقبل ۾ پنهنجي لاءِ اهڙا اميدوار ميدان ۾ آڻين جن تي عوام جو اعتماد هجي نه ڪي غلام سرور خان جهڙا، جن پي آئي اي کي تباهه ڪري ڇڏيو، تن جي مقابلي ۾ توهان دستبردار ٿي وڃو.