پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کي جاگرافيائي طور جيڪي پاڙيسري مليا آهن انهن مان ڀارت جي دشمني ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر برادر اسلامي ملڪ افغانستان جي دشمني سمجهه ۾ نٿي اچي. پاڪستان افغانستان جي پناهگيرن کي 45 سالن کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ ۾ رهايو، انهن جي مهمان نوازي ڪئي، انهن کي هتي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني، افغانستان جي مريضن جي لاءِ پنهنجون سرحدون کوليون، افغانستان کي کاڌي پيتي جي شين جي لاءِ ٽرانزٽ روڊ فراهم ڪيو.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به سرحد پار کان عسڪريت پسندن جي وڌندڙ دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن مٿان هڪٻئي پٺيان حملن ۽ انهن جي شهادتن پاڪستان جي حڪومت کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ٽي ٽي پي جي رهنمائن ۽ ان جي ٺڪاڻن مٿان فوجي ڪارروائي ڪن. فاٽا جي مرجر کان اڳ فاٽا مڪمل طور تي قبائلي علائقو هو جتي پاڪستاني قانون پوري طرح لاڳو نه هوندو هو.
پاڪستان جي پارليامينٽ 2018ع ۾ 25 هين آئيني ترميم ڪري فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد قبائلي علائقن کي عام پاڪستاني قانون جي دائري ۾ آڻڻ، انهن کي تعليم، صحت، انصاف ۽ ترقيءَ جا نظام مهيا ڪرڻ هو. ان کان علاوه اتي دهشتگردن جي اثر کي ختم ڪرڻ به هڪ اهم مقصد هو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغان جهاد دوران آمريڪا، سعودي عرب ۽ پاڪستان گڏجي سوويت يونين جي خلاف افغان مجاهدين کي سپورٽ ڪيو. ان وقت ڪيترائي پاڪستاني قبائلي نوجوان افغانستان جي جنگ ۾ شامل ٿيا جنهن سان انهن جي اندر جهادي نظريو وڌيو.
جڏهن 1996ع ۾ افغان طالبان افغانستان تي قبضو ڪيو ته اهي اثر پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ به پکڙجڻ لڳا. نائن اليون جي حملي کانپوءِ آمريڪا افغانستان تي حملا ڪيا، ان دوران ڪيترائي طالبان ۽ القاعده جا جنگجو پاڪستان جي سرحدي قبائلي علائقن ۾ پناهه وٺڻ لڳا. پاڪستان آمريڪي دٻاءُ هيٺ انهن خلاف آپريشن شروع ڪيا، جنهن جي رد عمل ۾ مقامي طالبان گروهه منظم ٿيڻ لڳا. جنهن ۾ مختلف قبائلي ۽ جهادي گروپ خاص طور تي باجوڙ، وزيرستان، مهمند، اورڪزئي ۽ خيبر مان گڏجي تحريڪ طالبان پاڪستان جي نالي سان هڪ گروهه پيدا ٿيو، جنهن جو پهريون امير بيت الله محسود هو. ان گروهه جا بنيادي مقصد پاڪستاني رياست خلاف اسلامي شريعت تي ٻڌل نظام جو قائم ڪرڻ، پاڪستان جي فوج، پوليس ۽ حڪومت تي حملن ذريعي پنهنجو دٻاءُ وڌائڻ هو.
ان کان علاوه افغانستان ۾ جنگ وڙهندڙ طالبان جو ساٿ ڏيڻ پڻ هو. هاڻي اها ڪا لڪيل ڳالهه ناهي ته ٽي ٽي پي کي افغان طالبان ۽ القاعده کان مدد ملندي رهي آهي ۽ انهن کي اتان جي ڪجهه مذهبي قبائلي ڌرين جي به همدردي حاصل آهي. جنهن جي ڪري اهي غير قانوني اسمگلنگ، ڀُنگ، ڀتو ۽ پرڏيهي فنڊنگ ذريعي پنهنجي تنظيم جو ڪم هلائيندا رهن ٿا. پاڪستاني فوج ٽي ٽي کي پي فاٽا مان گهڻو پٺتي ڌڪي ڇڏيو، پر اڃان تائين به ڪجهه عناصر اتي موجود آهن جن کي اتان جي مقامي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي.
هن وقت هيءَ تنظيم پاڪستان لاءِ هڪ سخت سيڪيورٽي خطرو بڻيل آهي ۽ ان جي خلاف جنگ جاري آهي. پاڪستان پنهنجي سفارتي ڪوششن سان افغانستان سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽي ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف عوامي سطح تي ڪابل کان مطالبو ڪيو ته اهي تحريڪ طالبان يا پاڪستان وچ ۾ ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪن. وزيراعظم سرحد پار ٿيندڙ حملن کي ناقابل قبول قرار ڏنو جيڪا ڳالهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي ظاهر ڪري ٿي.
افغان وزير دفاع محمد يعقوب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سيڪيورٽي ناڪاميون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان جو الزام افغان سر زمين تي وجهي رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستاني پرڏيهي وزارت محمد يعقوب جي دعوائن کي مسترد ڪيو آهي. پاڪستان جي ڪابل کان اها گهر آهي ته اها ٽي ٽي پي کي غير مسلحه ڪري، ان جي رهنمائن کي گرفتار ڪري، طالبان رهنمائن پاڪستان کي اهو يقين ڏياريو هو ته هو ايئن ڪندا، پر عملي طور تي ڪجهه به نه ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته طالبان جي اصل نيت ڇا آهي.
اپريل 2025ع جي آخر ۾ جڏهن پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڪابل جو دورو ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار تي اڳڀرائي ٿي ۽ معاهدا ڪيا ويا ۽ ان سلسلي ۾ طالبان جي ڪيترن ئي درخواستن کي پاڪستان قبول ڪيو ۽ ان وقت ۾ طالبان ٽي ٽي پي کي قابو ڪرڻ جا واعدا به ڪيا، پر جيئن ته اها هڪ تاريخ رهي آهي ته طالبان پنهنجن واعدن تان هميشه ڦري ويا آهن.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود اسلام آباد ڪابل سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا اڃان تائين ختم ناهن ڪيا، جنهن مان اهو اشارو ٿو ملي ته سفارتي چينل کي استعمال ڪري صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بنائڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن وقت ٽي ٽي پي پاڪستان لاءِ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، پر يقينن رياست پاڪستان انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ يا انهن کي مات ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي.
ٽي ٽي پي جيئن ته هڪ وقتي معاملو ناهي ان جي لاءِ هڪ مستقبل حل تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن سريلنڪا جي تامل باغين جو معاملو تاريخ ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت جي لاءِ وڏو خطرو رهيو ۽ هڪ ڊگهي خونريز جنگ کانپوءِ ان کي ختم ڪيو ويو. ٽي ٽي پي کي به هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي ذريعي ختم ڪرڻ پاڪستان جي دفاع جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اميد آهي ته ان جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي ٺاهي ويندي ۽ فاٽا جي عوام کي پاڪستان سان گڏ بيهڻ جي لاءِ اهي سڀئي سهولتون ڏنيون وينديون، جن جو انهن سان واعدو ڪيو ويو آهي ۽ خاص طور تي اتان جي نوجوانن کي انتها پسندي کان پري ڪرڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم سان گڏوگڏ ترقي پسند سوچ به ڏني ويندي ته جيئن اهي صحيح ۽ غلط ۾ فرق محسوس ڪري صحيح ڌر سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪري سگهن.