ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ سبب انب جي پيداوار گهٽجڻ جو انديشو
ملڪ جي زرعي ماهرن پاران هلندڙ سال ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ سبب انب ۽ ڪجهه ٻين ميون جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌ اندر حيدرآباد، ٽنڊوالهيار ۽ ميرپورخاص جي علائقن ۽ پنجاب ۾ مظفر ڳڙهه، ملتان، رحيم يار خان ۽ شجاع آباد جا علائقا شامل آهن. مينگو ايڪسپورٽرز جو چوڻ آهي ته ڊمانڊ وڌڻ ۽ سپلاءِ گهٽجڻ ڪارڻ انبن جي قيمت 2400 کان 3000 في مڻ ٿيڻ جو انديشو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سال انبن جي پيداوار کي نه صرف پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر گذريل سياري جي موسم جو مدو وڌڻ ۽ ڪجهه بيمارين سبب به هن سال پوک گهٽ ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهجي ٿو. هن سال ايڪسپورٽرز پاران هڪ لک ٽن انب جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي جيڪو 20 مئي کان شروع ٿي ويندو. ايڪسپورٽرز جو چوڻ آهي ته سي پيڪ روٽ کلڻ ڪري اسان کي ڪجهه فائدو رسندو. ان کان علاوه چين ڏانهن به 1000 ٽن انب ايڪسپورٽ ڪيو ويندو. ماهرن چيو آهي ته هن سال انب جي پيداوار ۾ 30 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي، تنهن هوندي به ايڪسپورٽرن هڪ لک ٽن جو ايڪسپورٽ ٽارگيٽ رکيو آهي جنهن سان 90 کان 100 ملين ڊالرن جو منافعو حاصل ٿي سگهي ٿو.