بلاگنئون

سچل سرمست ۽ وحدت الوجود جو فلسفو

سنڌ جي سر زمين صوفياڻي فڪر ۽ روحاني سچائيءَ جي سر زمين  آهي. هن ڌرتيءَ لطيف جهڙو درويش، سامي جهڙو سنت ۽ سچل جهڙو سرمست پيدا ڪيو، جن جي ڪلام ۾ رڳو شاعري نه، پر فڪر جي باهه ۽ عشق جي روشني پڻ موجود آهي، پر انهن سڀني مان حضرت سچل سرمست اهڙو درويش آهي، جنهن پنهنجي دور جي فڪري جمود، فرقه پرستي ۽ غلاميءَ جي ذهنيت خلاف آواز بلند ڪيو. سندس فڪر جو مرڪز “وحدت” آهي، اها وحدت جيڪا انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، خدا کان نسبت جو شعور حاصل ڪرڻ ۽ بندگيءَ جي حقيقي مفهوم تائين پهچائي ٿي.

سچل سرمست جو اصل نالو عبدالوهاب هو. پاڻ خيرپور جي درازا ۾ جنم ورتائين ۽ علمي، روحاني ۽ صوفياڻي ماحول ۾ پرورش ورتائين. پاڻ فاروقي خاندان سان واسطو رکندڙ هئا ۽ قادري سلسلي سان وابسته هئا. سندن مرشد ميان عبدالحق فاروقي هو، جنهن وٽان ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيائون. سچل کي “شاعر هفت زبان” چيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ⁠ ته هن سنڌي، سرائيڪي، فارسي، اردو، پنجابي، عربي ۽ هندي ۾ شاعري ڪئي، پر سندس عظمت رڳو ٻولين جي گهڻائيءَ ۾ ناهي، بلڪه فڪر جي وسعت ۾ آهي. هن جي ڪلام ۾ الله، رسول، چئن يارن سڳورن ۽ اهلِ بيت سان محبت صاف نظر اچي ٿي. پاڻ شريعت جا پابند ھئا، پر شريعت کي فقط ظاھري رسمن تائين محدود نه سمجھندا ھئا. سندن نظر حقيقت ۽ معرفت تائين پھچڻ تي هئي. سچل جو دور سياسي بيچينيءَ جو دور هو. انگريز سامراج جون نظرون سنڌ تي هيون ۽ سماج اندر فرقه پرستي ۽ وهم پرستي وڌي رهي هئي. اهڙي ماحول ۾ سچل جو پيغام انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، غلاميءَ کان نڪرڻ ۽ وحدت جي شعور تائين پهچڻ جو هو. وحدت الوجود جو لفظي مطلب آهي “وجود جي وحدت” يعني ڪائنات ۾ حقيقي وجود رڳو هڪ الله تعاليٰ جو آهي، باقي سڀ ڪجهه انهيءَ وجود جو ظهور يا تجلي آهي. هي فلسفو اسلامي تصوف ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ھي فلسفو انسان کي سيکاري ٿو ته ھو پنهنجي وجود کي خدا کان جدا نه سمجهي، پر ان سان نسبت ۾ سمجهي، پر ھتي ھڪ اھم نقطو اھو به آھي ته وحدت الوجود اهو نٿو سيکاري ته انسان خدا ٿي وڃي، بلڪه اهو سيکاري ٿو ته انسان پنهنجي اصل کي سڃاڻي ته سندس وجود خدا جي نور سان وابستا آهي. انھي ڪري جڏهن انسان پنهنجي انا، نفرت، فرقه پرستي ۽ دنيا جي هوس کي ڇڏي ڏئي ٿو، تڏهن هو وحدت جي شعور تائين پهچي ٿو. سچل سرمست جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو فلسفو وڏي وضاحت سان ملي ٿو. اسان ھتي سندس ڪلام مان ڪجهه مثال ڏئي ان فلسفي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

(1) وحدت جو شعور- پاڻ ھڪ شعر ۾  چئي ٿو: “هر ڪنهن صورت آپ الله” ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هر شيءِ خدا آهي، بلڪه ان جو مطلب اهو آهي ته هر صورت ۾ خدا جي تجلي موجود آهي. انسان جيڪڏهن ظاهر کان اڳتي وڌي باطن ۾ ڏسي ته کيس وحدت جو نور نظر ايندو.

(2) اناالحق جو نعرو ۽ وحدت: سچل جو مشهور نعرو “اناالحق” به انهيءَ وحدت جو اظهار آهي، انھي ڪري جڏهن پاڻ چئي ٿو:  “مار نعرا انا الحق دا، سولي سر چڙھيج” ته ھتي ھي نعرو انا پرستي نه بلڪه فنا في الله جو اعلان آھي جنهن ۾ نفس کي فنا ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي. هو انسان کي ياد ڏيارڻ چاهي ٿو ته تون مٽيءَ جو ڍڳو ناهين، تون اشرف المخلوقات آهين. جڏهن تون پنهنجي اندر خدا جون صفتون جھڙوڪ: رحم، انصاف، محبت وغيره پيدا ڪرين ٿو، تڏهن تون دراصل پنهنجو اصل سڃاڻين ٿو.

(3) پاڻ سڃاڻڻ جو شعور ۽ وحدت-سچل چئي ٿو: “پيهي پس تون پاڻ، پنهنجو سر سڃاڻ”. هي پاڻ سڃاڻڻ دراصل وحدت الوجود جو پهريون قدم آهي. جڏهن انسان پاڻ کي سڃاڻي ٿو، تڏهن هو ٻين ۾ به ساڳيو نور ڏسي ٿو ۽ پوءِ نفرت، فرقا پرستي يا مذهب جي تنگ دائري کان ٻاهر نڪري اچي ٿو.

(4) مذھبي اوسر ۽ وحدت- سچل جڏهن چوي ٿو: “ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل”. ته ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته هو مذهب جي مخالفت ڪري رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو مذهب جي روح کي بچائڻ چاهي ٿو. هو فرقه پرستي، تعصب ۽ ظاهري رسمن جي مخالفت ڪري ٿو، هو اسلام جو علمبردار آهي، پر مذهبي تنگ نظريءَ جي مخالفت ڪري ٿو. سندس ڪلام ۾ الله ۽ رسول سان عشق واضح آهي، پر هو چاهي ٿو ته ماڻهو ظاهر جي بحثن ۾ ڦاسي اصل روح کي نه وڃائين.

(5) وحداني عشق جي حاصلات: سچل وٽ وحدت عقل جي دليل سان نه، پر عشق جي راهه سان حاصل ٿئي ٿي. هو چوي ٿو: “اول عشق الله نون هويا، ڏوجها عشق محمد نون”. عشق، يعني دل جي سچائي ۽ فنا في الله جو جذبو، عشق انسان کي پنهنجي انا کان آزاد ڪري ٿو. جڏهن انسان پنهنجي ذاتي خواهشن، غرور ۽ مفادن کي قربان ڪري ٿو، تڏهن ئي هو وحدت جي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. سچل لاءِ عشق ئي اهو پل آهي، جيڪو شريعت کان طريقت، طريقت کان حقيقت ۽ حقيقت کان معرفت تائين وٺي وڃي ٿو. وحدت الوجود سندس لاءِ ڪو نظريو نه، بلڪه هڪ روحاني تجربو آهي.

(6) مذھبي روحانيت ۽ وحدت-سچل فرمائي ٿو: “ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف”. هتي سچل مذهب جي ان روح ڏانهن اشارو ڪري ٿو جيڪو محبت ۽ وحدت تي ٻڌل آهي. عشق انسان کي تنگ نظريءَ کان آزاد ڪري وحدت جي سمنڊ ۾ داخل ڪري ٿو.

(7) مذھبي ھم آھنگي ۽ وحدت- سچل چئي ٿو: “هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻي ڀل”. هتي وحدت جو سماجي اظهار آهي. سندس نظر ۾ سڀ انسان هڪ ئي حقيقت جا جز آهن. انھيءَ ڪري ھو مذھبي ھم آھنگي تي زور ڏئي انسانيت کي اتم حيثيت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

(8) شخصيت پرستي ۽ وحدت:  سچل سرمست جي وحدت الوجود محض خانقاهي وجد نه آهي. هو انگريز سامراج جي خطري کي محسوس ڪري چڪو هو. ان ڪري هو ماڻهن کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ غلاميءَ کان نڪرڻ جو درس به  ڏئي ٿو: “ڇوڙ گمان گدائي والا، شملو ٻڌ شاهاڻو”. هي شاهاڻا وقار وحدت جي شعور سان جڙيل آهي. جڏهن انسان پاڻ کي خدا جي نور سان وابستا سمجهي ٿو، تڏهن هو ڪنهن ظالم آڏو جهڪي نٿو سگهي.

(9) انا پرستي ۽ وحدت-سچل سرمست وحدت جي اعليٰ درجي کي فنا ۽ بقا جي اصطلاحن ۾ بيان ڪري ٿو. هو چوي ٿو: “پاڻ وڃائج نور نظر ۾، ته وسرئي ٻي آکاڻي”. يعني جڏهن انسان پنهنجي انا کي وساري ٿو، تڏهن ئي هو وحدت ۾ داخل ٿئي ٿو. فنا في الله کانپوءِ بقا باالله جو در کلي ٿو، جتي انسان خدا جي رضا ۾ جيئڻ سکي ٿو.

(10) سماجي شعور ۽ وحدت- سچل سرمست جو وحدت الوجود صرف خانقاهي وجد تائين محدود نه آهي. هو چوي ٿو: “ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو” هي سٽ دراصل غلاميءَ جي ذهنيت خلاف اعلان بغاوت آهي ته  جڏهن انسان پاڻ کي خدا جي نور جو حامل سمجهي ٿو، تڏهن هو ڪنهن ظالم سامراج يا جابر حاڪم آڏو ڪڏهن به  جهڪي نٿو سگهي.

سچل سرمست جي شاعري مان ڏنل انهن چند مثالن مان اھو ظاھر ٿي وڃي ٿو ته سندس فڪر وحدت الوجود جي فلسفي تي ٻڌل آهي اهڙو فلسفو جيڪو انسان کي پاڻ سڃاڻڻ، خدا سان نسبت جو شعور حاصل ڪرڻ ۽ سماجي غلاميءَ کان آزاد ٿيڻ سيکاري ٿو. سندس ڪلام ۾ عشق، معرفت، اتحاد ۽ بيداري گڏجي هڪ اهڙو فڪري جهان ٺاهين ٿا، جتي فرقه پرستيءَ جي جاءِ محبت وٺي ٿي، ۽ غلاميءَ جي جاءِ آزادي. اڄ جڏهن دنيا نفرتن، فرقن ۽ سڃاڻپ جي بحران ۾ ڦاٿل آهي، تڏهن سچل سرمست جو پيغام اڳي کان وڌيڪ اهم لڳي ٿو. منھنجي  خيال ۾ سندس ڪلام جو نچوڙ ھن سٽ ۾ سمايل آھي:   “الله الله  ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ” ھتي پاڻ انسان کي ياد ڏياري ٿو ته تون ڌار ناهين، تون انهيءَ هڪ ئي حقيقت جو حصو آهين. پاڻ کي سڃاڻ ته رب کي سڃاڻندين ۽ شايد سچل جي فڪر جو نچوڙ به اهوئي آهي  ته  انسان جي اندر  ۾ لڪل نور کي سجاڳ ڪريو ته ڪائنات جي وحدت پاڻ ئي ظاهر ٿي پوندي.