خاصنئون

 پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 7 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي

وزيراعظم جي اطلاعات واري خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پيٽروليم جي قيمت ۾ 4 رپيا 59 پئسا گهٽتائي بعد نئين قيمت 113 رپيا 24 پئسا ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 67 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جنهن بعد نئين قيمت 124 رپيا 80 پئسا ٿي وئي آهي. ساڳي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ 4 رپيا 27 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کانپوءِ لاڳو ٿي وينديون.