چنڊ تي گل پوکڻ لاءِ چين جو منصوبو تيار
چين جي چونگ ڪنگ يونيورسٽي ۾ هلندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ چيني ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته هنن چنڊ تي گل پوکڻ لاءِ هڪ خصوصي تجربي گاهه تيار ڪئي آهي جيڪا سال جي آخر ۾ چنڊ تائين پهچائي ويندي. هن تجربي گاهه کي لونر مني بائيو اسفيئر جو نالو ڏنو ويو آهي. هن تجربي گاهه جي سائيز صرف 18 سينٽي ميٽر ڊگهي ۽ 16 سينٽي ميٽر ويڪري آهي ۽ ان جو وزن 3 ڪلو آهي. هي تجربي گاهه چين جي 28 يونيورسٽين گڏجي ٺاهي آهي. هن تجربي گاهه کي چين جي خلائي جهاز چينگ-4 ذريعي چنڊ جي ان حصي تي پهچايو ويندو جيڪو هميشه زمين کان لڪل رهندو آهي. هن ننڍي تجربي گاهه ۾ مٽي، ٻج ۽ پاڻي موجود هوندو. ان کان علاوه ان ۾ هڪ ڪئمرا به لڳل هوندي جيڪا ان قابل هوندي ته اها وڊيوز کي زمين تائين موڪليندي رهندي. هن وقت تائين روس آمريڪا خلائي اسٽيشنن ۾ مختلف ٻوٽا لڳائڻ جا ڪامياب تجربا ڪيا ويا آهن پر هي پهريون موقعو آهي جو چنڊ تي گل پوکيا ويندا. واضح رهي ته چنڊ تي هوا موجود نه هوندي ان ڪري اتان جو گرمي پد مائنس 100 يا پلس 100 ڊگري سينٽي گريڊ کان به وڌندو رهندو آهي اهڙي حالت ۾ کليل جڳهه تي ڪا پوک نٿي ڪري سگهجي پر هڪ تجربي گاهه اندر پوک ڪرڻ ممڪن آهي، جنهن کي عملي طور چڪاس لاءِ موڪليو ويندو. هن تجربي گاهه اندر گرمي پد 1 کان 30 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو.