بلاگ

اچو ته پھاڪا ورجايون ليکڪ؛ سھيل احمد صديقي سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اچو ته پھاڪا ورجايون ليکڪ؛ سھيل احمد صديقي  سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو

چوڻين ۽ پھاڪن (ضرب المثل جمع ضرب الامثال) جي اھميت کان ڪو به سمجھ رکندڙ انڪاري ٿي نه ٿو سگھي. چاھي اھو معاملو عربي، ترڪي، فارسي ۽ اردوءَ جھڙين مشرقي ٻولين جو ھجي، ٻين علائقائي/مقامي زبانن ۽ ٻولين جو ھجي يا انگريزيءَ سميت سمورين مغربي ٻولين جو ھجي. ”پڙھيل لکيل جاھل“ اڪثر اھو چوندي ٻڌا ويا آھن ته؛ ”اصطلاح (محاوري Idiom) ۽ چوڻي/ پھاڪي (ضرب المثل Proverb/ Saying) جي ضرورت ڪھڙي آھي؟ ايڏا ته ڏکيا ھوندا آھن، سمجھڻ ۾. سڌي سادي نموني ڳالھايو.“ مگر اھا ڳالھ ھو پنھنجي ”فادري“ ٻوليءَ متعلق نه چوندا. حالانڪه پاڻ ان زبان جي اصطلاحن ۽ پھاڪن کان به عام طور تي اڻ واقف ھوندا آھن.

ھڪڙو اصطلاح به استعمال ڪري ڏسو، ڪھڙو به ھجي، جواب ۾ ٻڌڻ لاءِ ملندو؛ ”O’ sir, you are speaking too difficult English”. ھن ناچيز ھن کان اڳ به ”زبان فھمي“ ڪالم ۾ اصطلاحن ۽ چوڻين جي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي آھي، مگر ھيءُ موضوع مختلف پاسا والاريندڙ آھي ۽ ڪنھن ھڪ اڌ ڪتاب ۾ ان جو احاطو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. اتي ھيءُ ڪالم ڇا ڪندو؟! ھن باب ۾ ھڪ ڳالھ ھيءَ پڻ اھم آھي ته جڏھن اسان ڪنھن آڳاٽي ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اھڙا اھڙا لفظ، ترڪيبون، اصطلاح ۽ چوڻيون اسان جي آڏو اچي بيھي رھن ٿا جو ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن مستند لغت ۾ به انھن جو مطلب ملڻ مشڪل ٿيو وڃي.

ھيءُ اھو لساني سرمايو آھي، جنھن کي ڪنھن به دور ۾، قلم جي ھڪڙي جنبش سان ريٽي نٿو سگھجي. ڪٿي نه ڪٿي، انھن جي افاديت مڃيل ضرور آھي. متروڪ لفظ وغيره (خاص طور تي اردوءَ جا) جو ذخيرو پڻ ھڪڙو اھڙو موضوع آھي جنھن تي ڪو به محقق قلم کڻي ته محض ڪتابي علم منجھان پورو پورو مواد ڪٺو ڪري نه سگھندو. ھن موضوع تي مواد جي ڳولا، ڪٺي ڪرڻ ۽ سينگارڻ- سنوارڻ جي لاءِ علم وارن بزرگن جي صحبت ۾ رھڻو پوندو ۽ سيني به سيني محفوظ ٿيل ڄاڻ کي باقاعده پڪو ۽ مضبوط ڪرڻو پوندو. منھنجو خيال آھي ته گھڻو ڪري ھيءُ موضوع اڃا تائين اسان وٽ پي ايڇ ڊي يا ايم فل جي ڪنھن مقالي جي لاءِ غور ھيٺ آندو نه ويو آھي. ھلو! اڄ ٿورو آڳاٽن ۽ (اوترو ئي) جديد پھاڪن جي ڳالھ ڪيون ٿا.

جيڪڏھن اوھان کان ڪو پڇي ته ھن جھوني چوڻيءَ جو مطلب ڇا آھي؛

’’کال کے ہاتھ کمان، بچہ بچے نہ جوان۔‘‘

”موت جي ھٿ ۾ ڪمان؛ نه بچي ٻڍو، نه بچي جوان.“

”موت جي ھٿ ۾ تلوار؛ نه بچي ٻڍو، نه بچي ٻار.“

پوءِ اوھان ڇا چوندئوس. قياس آرائي ڪيو، گشو ھڻو، ڌڪو ھڻو، اندازو لڳايو… خير! اسان ٿا ٻڌايون. ان جو مطلب ھيءُ آھي ته موت، ڪنھن کي ڪو نه ڇڏيندو. يعني ساڳي ڳالھ جيڪا شاعرن ان قسم جي شعرن ۾، رنگ مٽائي مٽائي چئي آھي؛

موت سے کس کو رُستگاری ہے

آج وہ، کل ہماری باری ہے

”موت کان ڪنھن کي ڇوٽڪارو آھي،

اڄ ھو، سڀان اسان جو وارو آھي.“

ھتي ھندي لفظ ’ڪال‘ مان مراد ’موت‘ ئي آھي.

ھڪ ٻي عجيب چوڻي پڻ نظر مان ڪڍو؛

’’ہاتھ میں لیا کانسہ، تو روٹی کا کیا سانسہ۔‘‘

ھٿ ۾ کنئين ڪِشتي، پوءِ مانيءَ جي ڪھڙي ڳڻتي.

ان جو مفھوم شايد گھڻن کي ڇرڪائي وجھي. مطلب ھيءُ آھي ته جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ گداگري اختيار ڪئي يعني پنڻ کي پنھنجو ڌنڌو بڻايو ته پوءِ کيس مانين جي ڪھڙي کوٽي. ججھي انگ ۾ ملندس ۽ ڪڏھن ڳڻتي ڪرڻي نه پوندس. اھو لفظ ڪانسه، ھاڻي ڪاسو يا ڪشڪول يا ڪشتو/ ڪِستو ٿو سڏجي، جيڪو ڪي ماڻھو ٽوڙڻ جي دعويٰ ڪندي ٿڪبا ناھن. مگر حيرت ان ڳالھ جي آھي ته سندن اھو ڪشڪول يا ڪِشتو، ڪڏھن ڀرجڻ جو به ناھي. ھاڻي ٿورو ٻيو مثال ڏسو؛ لفظ ”ڪال“ جو استعمال ھتي ٿورو مَٽَ آھي؛

’’اناج کال نہیں، راج کال ہے‘‘

”اَنَّاجَ ڪالُ ناھي، راجائي ڪالُ آھي.“

يعني ڏيھ ۾ ڏڪر ناھي، پر حقيقت ۾ وقت جي حڪومت پاڻ ھٿ سان مھانگُ پيدا ڪيو آھي.

ھيءَ وڏي معنيٰ خيز چوڻي آھي. پھرئين حصي ۾ ڪالَ مان مراد ڏڪر آھي، جڏھن ته ٻئي حصي ۾ انھيءَ ئي لفظ مان مراد مھانگائي آھي… اھو به اسان کي ھندي- اردو لغت (مرتب: راجا راجيسور رائو اصغر) منجھان معلوم ٿيو. معنيٰ ۽ مفھوم ۾ ايڏي وسعت، اھو حسن، اھا رنگيني ڪنھن ٻي زبان ۾ ملڻ محال آھي. (معنيٰ خيز يعني جنھن مان معنيٰ نڪري، مطلب ڪڍي سگھجي. ھيءُ ذو معنيٰ يا ذي معنيٰ جو مترادف آھي جيڪو اسان، عام لوڪ کان وٺي ادب جي مشاھير تائين، سموري جا سمورا، غلط استعمال ڪندا آھيون ۽ پنھنجي ليکي فرض ڪندا آھيون ته ان جو مطلب آھي؛ ٻٽو/ ٻن معنائن وارو. حالانڪ ھيءُ منڍئون عربيءَ جو اصطلاح يا مرڪب آھي ئي ڪونه. عربيءَ ۾ اگر ڪنھن کي ٻن صفتن، صلاحيتن يا شين جو حامل، مالڪ/ وارو سڏڻو ھجي ته پوءِ ھيئن چونداسون؛

ذوالنورین (ذُن نُورَین) يعني ٻن نورن وارو (سيدنا عثمان غني رضي الله عنه جو لقب)، ذواللسان يعني (ٻه ٻوليون ڄاڻڻ وارو) ۽ ان طرز جا کوڙ مثال آھن.

انَّاج جي ذڪر تي ياد آيو ته ھڪ ٻي متروڪ چوڻي آھي؛

’’کوٹھی اَناج، کوتوالی راج‘‘

”گُنديءَ ۾ داڻا، گھر ۾ ٿاڻا.“

ھاڻي ان جو مفھوم به ٻڌو؛ غريب کي اگر پنھنجي اناج سان گندڙيءَ کي يعني ذخيري ڪرڻ واري ھنڌ کي ڀرڻ جو موقعو ملي وڃي ته ان لاءِ اھو ڪافي آھي. بلڪه ڄڻ سندس لاءِ بادشاھي يا اميريءَ جي برابر ٿيو. اھڙيءَ طرح غربت جي حوالي سان ھڪ ٻي چوڻي آھي. مگر ان جي ڀيٽ ٿورو جديد ۽ گھڻي مشھور آھي؛

’’غریب کی جورو، سب کی بھابھی۔‘‘

”غريب/ ھيڻي جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.“

ان چوڻيءَ جو پورو متن آھي؛

’’زبردست کی جورو، سب کی دادی، غریب کی جورو، سب کی بھابھی۔‘‘

”ڏاڍي جي رَنَ، سڀني جي ڏاڏي،

ھيڻي جي رَنَ، جڳ جي ڀاڄائي.

جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ ان جو استعمال عام طور تي ناڪاري (۽ ٺٺول واري) انداز ۾ ٿيندو آھي. بھرحال ان جو سادڙو مطلب ھيءُ آھي ته؛ غريب/ ھيڻي جي، سماج ۾ ڪا حيثيت ناھي، کيس ھر ڪو دٻائي ويندو آھي.

جانورن جا نالا وٺي وٺي، گھڻيون ئي ڪھاوتون ۽ اصطلاح/ ورجيسون جوڙيا ويا. ڪنھن چيو؛

’’بھیڑ بھی کالی، بھینس بھی کالی۔‘‘

”رڍ به ٻوٿ-ڪاري، مينھن به ٻوٿ-ڪاري.“

يعني انسان، بظاھر ڀلي ڪيترو به ادنيٰ يا اعليٰ ڇو نه ھجي، حقيقت ۾ سندس قدر ۽ قيمت ٻين کان جدا ناھي. مڙيئي ماڻھو، برابر آھن. رڍ لاءِ ته ’بھیڑچال‘(رڍ چال) مشھور آھي ئي. ائين ھڪڙي ٻي آڳاٽي چوڻي ملي آھي جنھن جي ڀيٽ، پوءِ مشھور ٿيڻ واري ھڪ ٺٺول واري چوڻيءَ سان ڪري سگھجي ٿي؛

’’مَرتی بھیڑ، خواجہ خضر (علیہ السلام) کی نیاز‘‘

”مرندڙ رڍ، خواجه خضر (عليہ السلام) جي نيت.“

”ڪتو ٽڪر کڻي ويو، چي؛ ويو ڏاڏي جي نيت.“

يعني جڏھن ڏکيو وقت اچي مٿئون ڪڙڪندو آھي، تباھي سر تي ڪڙڪندي آھي، تڏھن صدقو خيرات سُجھندا آھن. اڃا وڌيڪ وضاحت ھيئن ڪري سگھجي ٿي؛ جڏھن مال ھٿئون ويندي ڏٺائين ته اھڙو نيڪ عمل ڪري ڇڏيائين.

’’حمایتی گدھی، عراقی گھوڑے کے (کو) لات مارتی ہے۔‘‘

”حمايتڻ گڏھ، عراقيءَ گھوڙي کي اٽون ھڻي.“

يعني ھڪڙي ھيڻي کي ڪنھن ڏاڍي جي مدد حاصل ٿي وڃي، ٽيڪ ملي وڃي ته ھو پاڻ ڏاڍي سان به ٽڪر کائي سگھي ٿو.

عراقي گھوڙو، اعليٰ نسل جي گھوڙن جو ھڪڙو قسم آھي. آن لائين تحقيق جو خلاصو ھيءُ آھي ته سترھين صديءَ ڌاري، ھتي نج عربي نسل جا گھوڙا آڻي پاليا ويا ۽ اڄ اھو نسل گھوڙن جي ريس لاءِ گھڻو ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. گھوڙي متعلق ھڪ ٻي پراڻي چوڻي لڌي آھي؛

’’مفت کے گھوڑے کے دانت کیا پوچھنا۔‘‘

”مفت ۾ مليل گھوڙي جا، ڪھڙا ڏند پٽي ڏسجن.“

يعني ڪو مال مفت ۾ ھٿ آيو آھي ته پوءِ ان جا عيب ثواب ڪھڙا جاچجن. بس فائدو وٺو. ائين به چيو ويندو آھي؛

’’دانہ نہ گھاس، گھوڑے تیری آس۔‘‘

”نه داڻو، نه گاھ؛ گھوڙن ڌارڻ تي ارواح.“

يعني ڪنھن کي ڪجھ ڏني بغير منجھانئس فائدي وٺڻ جي اميد يا آس رکڻ. ھڪ ٻي چوڻي به ڏسي وٺو؛

’’رانڈ کا سانڈ، سوداگر کا گھوڑا، کھائے بہت، چلے تھوڑا‘‘۔

”رنڙيءَ جو سانُ، سوداگر جو گھوڙو،

کائي گھڻو، ھلي ٿورڙو.“

مفھوم ھيءُ آھي ته سست ۽ ڪاھل ماڻھو، ڪم چور ٿيندا آھن. ڀلي کين ڪيترو به کارائجي پيئارجي، منجھانئن ڪي ھڙ حاصل نه ٿيندي. ھتي سان جو به ذڪر ٿي ويو، جيڪو ڏاند وانگر ھڪڙو ڍور ئي آھي.

جڏھن گھوڙي جو ذڪر ڪيوسين ته پوءِ گڏھ ويچاري ڪھڙو ڏوھ ڪيو. ان کي به ياد ٿا ڪيون، جيڪو اڄڪلھ اسان جي ٻارڙن ۾ ھڪڙي ٽي وي چئنل جي طفيل اڳي کان وڌيڪ مشھور ۽ معروف ٿي چڪو آھي. اھا الڳ ڳالھ آھي ته ويچاري کي قومي زبان ۾ ”گڏھ راجا“ نٿو سڏيو وڃي. گڏھ بابت عرض آھي ته؛

’’گدھے کو گدھا ہی کھُجلاتا ہے۔‘‘

”گڏھ کي گڏھ ئي کنھندو آھي.“

يعني ڪنھن به ساھدار جي خدمت جو وقت اچي ته سندس ھم جنس ئي کيس ڪم ايندو آھي.

ائين ڪو نه ٿيندو آ ته گڏھ جي خدمت، ڪتو ڪري. اسان کي ھونئن به فارسي چوڻي گھڻو ياد پئي اچي؛

’’کُنَد ہم جنس باہَم جنس پرواز، کبوتر با کبوتر، باز با باز‘‘

”ڪري ٿي جنس سان جنس پرواز،

ڪبوتر سان ڪبوتر، باز سان باز.“

يعني ھم جنس ته ھم جنس سان ئي ساڻُ اڏامندو آھي. جيئن ڪبوتر پنھنجي ساٿي ڪبوترن سان ولر ڪيو وتندو آھي ۽ بازُ، بازن سان گڏجي اڏامندو آھي. وري ڏسو صاحب! گڏھَ بلڪه سندس مؤنث جي شان ۾ ڪھڙي گستاخي ڪئي وئي؛

”چاہت کے نام سے گدھی نے بھی کھیت جانا چھوڑ دیا تھا۔“

”پيار جي نانءُ تان، کوتيءَ به کيتن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو ھو.“

مفھوم: جنھن سان محبت جو اظھار ڪيو وڃي، چاھي اھو بدشڪل ئي ڇو نه ھجي، سو مَڳي ڪندو آھي.

اھڙي موقعي لاءِ ھيءُ به چوندا آھن ته؛

”مرغوب کبھی مرعوب نہیں ہوتا۔“

”معشوق، بي ڌڙڪ ٿيندو آھي.“

آڳاٽين فارسيءَ مان آيل اردو چوڻين ۾ ھيءَ به شامل آھي؛

’’یِک لقمہ ٔ صَباحی، بہتر زِ مُرغ وماہی۔‘‘

”نيرن تي گرھ ھڪڙو، مرغيءَ ۽ مڇيءَ کان ڀلڙو.“

يعني ٿورڙو ناشتو به صحت لاءِ فائديمند ٿيندو آھي. ضروري ناھي ته پيٽ ڀري ڪُڪڙن ۽ مڇين جھڙي، ڀرپور غذا ئي کائجي. (ھتي پاون، نھاريءَ، ڇولن ۽ سيري اوڦراٺي جو ذڪر ناھي..  ان ڪري اسان کي ڪير روڪ ٽوڪ نه ڪري.) ڪڪڙ لاءِ ھيءُ چيو ويندو آھي ته؛

”بے فیض سے مرغی بھلی جواَنڈ ے دیوے بیس،

سالگ رام سے چکّی بھلی جو دنیا کھاوے پیس۔”

”بي فيض کان ڪُڪِڙِ ڀلي، جيڪا آنا ڏئي ويھ،

سالگ رام کان اٿئي جنڊ چڱو، منجھس اٽو ويهي پيھ.“

ڪنھن بي فيض ۽ خود غرض ماڻھوءَ جو مثال سالگ رام جھڙي جنڊ-نما بُتَ جھڙو آھي. جيڪو ظاھر آھي ته ڪنھن اٽي پيھڻ واري چڪي/ جنڊ کان مور ڀلو ناھي. يعني جيڪو فيض ۽ فائدو پھچائي، تنھن کي اھم سمجھبو. ڪڪڙ لاءِ ھيءَ چوڻي پڻ مشھور آھي ته؛

”جہاں مرغ نہیں ہوتا، وہاں کیا صبح نہیں ہوتی۔“

”جتي ڪڪڙ نه ھوندو آھي، اتي صبح نه ٿيندو آ ڇا؟“

۲. ”اگر ڪڪڙ بانگ نه ڏيندو، ته ڇا صبح نه ٿيندو؟“

يعني ڪو به ڪم ڪنھن جي ھئڻ يا نه ھئڻ سان اڳتي پٺتي نه ٿيندو آھي، بلڪه ھڻي ماري ٿي ئي ويندو آھي. ھڪڙي گھڻي مشھور چوڻي آھي؛

’’ہاتھی مرا ہوا بھی سَوا لاکھ کا ہوتا ہے‘‘

”ھاٿي مري ته به سوا لک جو ٿي ويندو آھي.“

(اسان کي فرھنگ آصفيه ٻڌائي ته اصل ۾ ھيئن ھيو؛ ’’ہاتھی ہزار لُٹے تو بھی سَوا لاکھ ٹکے کا‘‘يعني ”ھاٿي ھزار دفعا ڦُريو، پوءِ به سوا لک ٽڪن جو.“). ان جي مقابلي ۾ ھيءَ جھوني چوڻي نظر مان ڪڍو؛

’’لاٹھی کو لاکھ گھُن کھا جائے، ہنڈیا توڑنے کو کافی ہے‘‘

”لٺ کي لک دفعا اڏوھي کائي، پوءِ به ڪني ڀڃڻ لائق رھي.“

”مھري ڀُتي، ته به ڀترن/ ڀانڊي ڀڃڻ لائق رھي.“

”ھيڻو حاڪم، ڪورين لاءِ قھار.“

يعني طاقتور شخص، ڀلي عارضي/ وقتي طور تي ڪيترو ئي هيڻو ٿي پوي، تنھن ھوندي به سندس وارُ، ھيڻي کي ڳؤرو پئجي ويندو آھي يا اڳلي کي وڏو ڇيھو پُڄائي سگھي ٿو. آڳاٽي دور جي ٻوليءَ ۾ ان جو مفھوم ھينئن بيان ڪيو ويو آھي؛

’’زبردست کیسا ہی ہارا ہو، زیردست کے ستانے کو کافی ہے‘‘

”بالا عملدار ڪيڏو به ھارايل ھجي، زير دست کي تِنجي ۾ ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.“

ھاٿيءَ لاءِ ھيءُ پڻ چيو ويندو ھو؛

”اندھا ہاتھی اپنی ہی فوج کو کچلے۔“

”انڌو ھاٿي، لشڪر جو ذيان.“

مطلب ته پڌرو آھي. ھاٿيءَ لاءِ ڪڏھن ڪنھن زماني ۾ ھينئن به چوندا ھئا؛

”ہاتھی اپنی ہتھیائی پر آجائے تو آدمی بھُنگا ہے۔“

”ھاٿي پنھنجي مڪنائپ تي اچي ته ماڻھو جيتامڙو آھي.“

ہتھیائی/مڪنائپ مان مراد، ھاٿيءَ جي طاقت ۽ بھُنگا/ سُرو، اھو سنھڙو جيتڙو، جيڪو بئڪٽيريا جھڙو، انتھائي ننڍڙو جيت، جيڪو انجير جي خاندان جي ھڪڙي ميوي گُولر ۾، وڏي انگ ۾، خفيه نموني لڪيو ويٺو ھوندو آھي. وري ڪو ان سميت، ميوو کائي ته نظر تيز ٿي ويندي آ. مگر جيئن ميوو وڍيو، ٿڏي تي کائي ڇڏيو. ورنه ته سموراجيتڙا اڏامي ويندا. ھاڻي ان چوڻيءَ جو مطلب ھيءُ ٿيو ته؛ اگر ھاٿي پنھنجي طاقت ڏيکارڻ تي اچي يا جھڙوڪ آڪڙجي وڃي ته انسان جي حيثيت سندس آڏو، ھڪ حقير ڪيڙي ڀُنگي/ سُري جھڙي آھي.

مزي جي ڳالھ ھيءَ آھي ته سائنسي تحقيق جي مطابق ماڻھو ھاٿيءَ کي جھلڻ ۾ ان ڪري ڪامياب رھي ٿو، جو پاڻ ھاٿيءَ جي نظر ۾ کانئس وڏو ۽ طاقتور ھوندو آھي. اھو سندس اکين جي چُنجھائپ واري خاصيت سبب آھي. چوڻي مشھور آھي؛

’’ہاتھی پھِرے گاؤں گاؤں، جس کا ہاتھی، اُس کا ناؤں۔‘‘

”ھاٿي گھمي ڳوٺ ڳوٺ، جنھن جو ھاٿي، تنھن جو ڪِشتو.“

يعني جيڪا شيءِ جنھن جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ آھي، سا ان جي سڏرائيندي آھي. مٿس ان جو ئي نالو پوندو آھي. اھو جيئن چوندا آھن؛

’’قبضہ سچا، دعویٰ جھوٹا‘‘۔

”ڪليم ڪوڙو، قبضو سچو.“

بلڪل ساڳيءَ طرح ائين ئي آھي جيئن اسان وٽ ڪنھن جي به جاءِ جڳھ تي ڪو ناجائز قبضو ڄمائي، غير قانوني قبضو ڪري ۽ بجاءِ حقيقي مالڪ جي اھو ئي مالڪ سڏرائي. ھاٿي صاحب، ايڏو مھان آھي جو سندس نالي سان گھڻيون ئي چوڻيون جُڙيل آھن ۽ اڄ به واھپي ۾ آھن، نه ته گھڻن ئي جانورن سان ائين نه ٿيو. ٻليءَ جي نالي تي به گھڻي ئي ورجيسون ۽ چوڻيون مشھور آھن.

ھڪ جھوني، متروڪ چوڻي ڪجھ ھن طرح سان آھي؛

’’گُردوں کی تسبیح ڈھلی، بی بِلّی حج کو چلی۔‘‘

”مڻين جي مالھا مڙھي، مائي ٻلي هلي حج تي.“

مفھوم ھيءُ بيان ڪيو ويو ته؛ ظالم جي (مصنوعي) پارسائي يا سندس اجائي اظھار مان به سندس ظلم پيو چيٻارا ڏيندو آھي. چوندي اھو به ياد آيو آ؛

’’نوسو [900] چوہے کھاکر بِلّی، حج کو چلی‘‘۔

”نو سئو ڪوئا کائي ٻلي، ھلي حج تي.“

ڳالھ جڏھن ٻلي ڪُئي جي پئي ھلي ته پوءِ ڪُئي ويچاري جو ڪھڙو ڏوھ جو کيس ياد نه ڪيو وڃي. ھڪڙي متروڪ چوڻي آھي؛

’’آٹے کے چراغ، اندرچوہے، باہر کاخ ‘‘

”اٽي جو ڏيئو؛ اندر کائنس ڪوئا، ٻاھر کائنس ڪانءَ.“

يعني خطرو ھر حال ۾ رھندو آھي. ڪٿي به ڪنھن به ھنڌ، لڪڻ جي جاءِ نه ملندي آھي. جانورن جو ذڪر ٿوري دير لاءِ ڇڏي ھيءُ ڏسو ته اٽي جو ذڪر ھيئن به ٿيندو آھي؛

’’آٹا بیچ کر گاجر کھائیں۔‘‘

”اٽو کپائي، گجرون کائو.“

يعني ڪنھن موقعي تي، ضروري شيءِ ضايع ڪري، ان جي بدلي غير ضروري شيءِ وٺڻ. اسان پنھنجي ماحول تي نگاھ وجھون ته کوڙ اھڙا مثال، عام نظر ايندا.

ھتي پڻ ڪُئو موجود آھي؛

’’کورے گھڑے میں چوہا‘‘۔

”ڪوري دلي ۾ ڪُئو.“

ان جو مطلب ھيءُ آھي ته؛ نه کاڌو، نه پيتو، ڪو فائدو ئي نه ورتو ۽ خواھ مخواھ مصيبت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. ھيءُ لفظ ”ڪورو“، ”نئون“ جي معنيٰ ۾ نه استعمال ٿيندڙ، ھاڻ ورلي ڪو ٻڌڻ ۽ پڙھڻ ۾ ملي ٿو. ان جو لاڳاپو آھي لفظ؛

”کُنوارہ اور کُنوَر (شہزادے) اور کُنواری۔“

”ڪنوارو ۽ ڪنور (شھزادو) ۽ ڪنواريءَ سان.“امڙ مرحومه ته ’’کُواری‘‘/ ”ڪُواري“ چوندي ھئي. ھندي لغت مان معلوم ٿيو ته ھيءُ تلفظ پڻ آڳاٽي دور کان موجود آھي. جيتوڻيڪ ان ئي عظيم لسانيات جي ماھر کان ”ڪورو لٺو“ ۽ ”ڪورو ڪپڙو“ ٻڌو، جنھن جي تصديق پوءِ جي جوڙيل لغتن مان ٿي.

ٻلي ڪُئي جي تعلق سان ھيءَ پڻ اھم آھي؛

”خدا واسطے، بلی بھی چوہا نہیں مارتی۔“

”واٽ الله جي، ٻلي به ڪُئا نه ٿي ماري.“

يعني ھر ڪو پنھنجو مفاد، پھرين ڏسندو آھي. مفت ۾ ڪير به ڪنھن جو ڪم نٿو ڪري.

اٺ لاءِ ڪڏھن ھيءَ چوڻي پڻ مشھور ھئي؛

” سستا اونٹ، مہنگا پٹّہ/پٹّا۔“

”اٺ سستو، مھار مھانگي.“

يعني ڪنھن شيءِ تي حقيقي لاڳت کان، ساڻس وابسته سامان يا جزوي شين تي، وڌيڪ خرچ ٿيو وڃي. ڪٿي اٺ، ڪٿي ڪتو. مگر چوڻيءَ ۾ ٻئي ڪَٺي ٿي ويا آھن؛

’’اونٹ کی پکڑ، کتے کی جھپٹ۔‘‘

”اٺ جي پڪڙ، ڪتي جي جھپڙ.“

يعني ٻئي پنھنجي پنھنجي جاءِ تي خطرناڪ آھن. ھتي اسان کي اھو وسارڻ نه گھرجي ته بظاھر وڏو شريف نظر ايندڙ جانور اٺ، جڏھن وڏي چڙ ۽ ڪاوڙ منجھان انتقام وٺڻ تي ايندو آھي ته ماڻھوءَ کي ڳچيءَ ۾ چڪ ھڻندو آھي. ’’شُتر کِینہ‘‘”اٺ جو ڪينو“ يا ”اٺ جو بغض“ يا ”اٺ جي دشمني“ اجايو ته مشھور نه ٿيا آھن. ڪتي جو ذڪر، ھتي ٿورو جدارو آھي؛

’’سب کتے کانشی (بنارس) گئے تو ہَنڈیا کس نے چاٹی؟‘‘۔

”سڀئي ڪتا جو ويا ڪاشي[1]، ته پوءِ ڪُني ڪنھن چٽي؟“

مفھوم ھيءُ آھي ته اگر ڪنھن مخصوص واقعي ۾، موقعي تي موجود سمورا فرد نيڪ، شريف ۽ سادا ھئا ته پوءِ بدمعاشي ڪنھن ڪئي؟!

اسان سدائين ٻڌندا آيا آھيون؛

’’مچھلی کے جائے کو کون تیرنا سکھائے‘‘

”مڇيءَ جي ڄائي/ ٻچي کي، ترڻ ڪير سيکاري.“

مگر اڄ پتو پيو ته ان جو آڳاٽو متن ھيئن ھيو؛

’’مچھلی کے جائے، کِن تیرائے‘‘

”مڇيءَ- ڄاوا، ڪنھن تاريا.“

يعني جنھن جي سرشتي ۾ ئي ڪنھن ڪم جو سکڻ سيکارڻ موجود آھي، ان کي الڳ سان تعليم ڏيڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ ڳالھ فارسيءَ جي پئي ھلي ته ھتي ھڪ فارسي اصل جي آڳاٽي اردوءَ جي چوڻي ورجائيندا ٿا ھلون؛

’’خَر باش، خُرد مَباش‘‘

”گڏھ ٿيءُ، ننڍو ڀاءُ نه ٿيءُ.“

ان کي اڪثر ھينئن لکيل ڏٺو آھي؛

’’برادرِ خُردمَباش!‘‘

”ننڍڙو ڀاءُ نه ٿيءُ.“

يعني ننڍڙو ٿيڻ پڻ ھڪ مصيبت آھي. ھرڪو آسانيءَ سان پيو دٻائيندو آھي.

لغوي مطلب به ڏسندا ھلو ته؛ ”ننڍڙو ھرگز نه ٿيءُ، (يعني ننڍڙو ڀاءُ نه ٿيءُ) چاھي گڏھ ٿيڻو پوئي.“ڳئونءَ جي پڻ اھميت آھي. ان لاءِ چيو ويو آھي؛

’’دُدّھِیَل گائے کی دو لات بھلی۔‘‘

”کير ڏيندڙ ڳئون جي لت به ڀلي.“

يعني جنھن مان ڪو فائدو پھچي ٿو، ان جي بري ڳالھ به سَھڻي پوندي آھي. ھاڻ ان کان ھٽي ڪري ھيءَ به ڏسو؛

’’دِیمَک کے دانت، سانپ کے پاؤں اور چیونٹی کی ناک، کسی نے نہیں دیکھی۔‘‘

”اڏوھيءَ جا ڏند، نانگ جا پيرَ، ماڪوڙيءَ جو نڪ؛ ڪنھن نه ڏٺا آھن.“

”ملان جو خير، نانگ جا پير،

ماڪوڙيءَ جون اکيون، ڪنھن نه ڏٺيون“

يعني اھڙا جانور، ڪيڙا ماڪوڙا به ڪم ڪري ٿا وڃن، جن کي ظاھري طور تي عضوا ئي ناھن ھوندا. مفھوم ھيءُ ٿيو ته؛ ڪنھن کي بي حيثيت ۽ بي وقعت نه سمجھو. ڪوبه ڪارائتو ٿي سگھي ٿو.

ماکيءَ جي مک يا ککر لاءِ چيو ويندو ھو ته؛

’’سُونا گھر، بھِڑوں کا راج۔‘‘

”خالي گھر، ککر جو راڄ.“

يعني جيڪا جڳھ خالي ھجي، اتي ظاھر ۾ ته ڪنھن جو خطرو ناھي، مگر پوءِ به ھوندو آھي. جيئن فارسيءَ ۾ چيل آھي؛

’’خانہ خالی را دیوان می گیرند‘‘۔

”خالي گھر تي، بادشاھ قبضو ڪري وٺندو آھي.“

اڄ بس ان تي ئي ٿا بس ڪيون.

(سھيل احمد صديقيءَ جو ھيءُ مضمون، روزنامه ايڪسپريس جي سنڊي ميگزين ۾ ھر آچر تي، شايع ٿيندڙ ڪالم”زبان فھمي-۱۲۵“ ۾ شايع ٿيل آھي. جيڪو سندس بلاگ ”زبان فھمي“ تان، ترجمي سان کنيو ويو آھي.)

[1]ھيءُ ڪانشي يا ڪاشي/ ڪاسي (مخصوص ٻوليءَ جي لھجي ۾)، بنارس جو پراڻو نالو آھي، جنھن کي ھاڻي ”ورناسي“ سڏيو ٿو وڃي. مگر ھيءُ نالو عام لوڪن ۾ بنارس جي جاءِ والاري نه سگھيو آھي. بنارس نه صرف ھندو مت جي مذھبي تاريخ ۾ وڏي اھميت جو حامل آھي، بلڪ کيس آڳاٽي اردوءَ، ھندي ۽ ڀوڄپوريءَ جي مرڪزن ۾ پڻ نمايان حيثيت حاصل ٿي. ڀڪتي تحريڪ جو نامور رھنما، سنت ڪبير (۱۳۸۹ع) ڌاري، ھتي ڄائو ھيو.