بلاگنئون

استاد جا فرض، ذميواريون ۽ مونجهارا

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته: “پڙهو (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو. جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسان کي اهو علم ڏنو جنهن کي هُو نه ڄاڻندو هو.” منهنجي لاءِ اها هڪ اعزاز جهڙي ڳالھ آهي ته، آئون هڪ استاد آهيان. تعليم جهڙي مانائتي شعبي ۾ هيءُ منصب نهايت ئي عزت وارو آهي. استادن تي تمام گهڻي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو استاد قومن جي تعمير ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو. اڄ جو ٻار سڀاڻي جو معمار ٿيندو، جيڪڏهن انهيءَ جي ذهني، فڪري ۽ اخلاقي تعمير درست ٿي ته، هُو پوري قوم لاءِ فخر ۽ سرهائي جو سبب بڻبو. جيڪڏهن سندس ذهني تعمير ۾ ڪا کوٽ رهي ته، سموري قوم لاءِ مصيبت جو سبب بڻبو. استاد جيترو پڙهيو لکيو بردبار ڄاڻو هوندو اوترو ئي سندس قوم سرهي ستابي ۽ آباد رهندي آهي. استاد جيترو پڙهيو لکيو با اخلاق باڪردار ۽ بردبار هوندو ايترو ئي سندس معاشرو کانئس متاثر ٿيندو رهندو آهي. اڄ دنيا جنهن رستي تي پهتي آهي ۽ اسان جنهن جڳھ تي بيٺا آهيون، اڄ اسين پنهنجي معاشري جي نوجوانن کي ڏسون ته، هُو پريشان حال ڇو آهن؟ انهن کي بيروزگاري بُک ۽ بدحالي تنگ ڪيو آهي، وڏين وڏين ڊگرين هوندي به بيروزگار آهن ته ٻئي طرف خود استاد پريشان آهن ته، نوجوان شاگرد انهن جو چيو نٿا مڃين. هڪ سائنس جو استاد شڪايت ڪندي چئي رهيو هو ته، “شاگرد کي چيم ته، مون کي بُڪ اسٽور تان مارڪر پين وٺي آڻي ڏي، اُن جواب ڏنو ته ماسٽر خود کيون نهين جاتَي!” انهيءَ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اسين خود استادن وٽ پڙهيا آهيون، استادن جا شاگردن مٿان وڏا حق هوندا آهن ته، پوءِ سمجهڻو پوندو ته ايئن شاگرد ڇو ڪيو؟ معلوم ٿيو ته انهيءَ استاد جو پرائيويٽ سينٽر هلندڙ هو جنهن ۾ اهو شاگرد پڙهندو هو جنهن جو هُو سندس والدين کان پڙهائيءَ جو اجورو وٺندو هو. ماءُ پيءُ کانپوءِ استاد جو وڏو درجو هوندو آهي ڪهڙو شاگرد چئبو جيڪو اهڙن عظيم رشتن جي سڃاڻپ نٿو رکي، پر افسوس جو مقام آهي، اسان جي پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري اهميت گهٽجي وئي آهي ۽ اسين بازار جو وکر بڻجي پيا آهيون. غريبن ۽ پورهيتن جا ٻار تعليم ۽ روزگار کان محروم ٿي رهيا آهن. جنهن جو بنيادي سبب هيءُ آهي ته، سرڪاري تعليمي ادارن ڏانهن ڌيان ڪونهي ۽ سڄو زور پرائيويٽ ۽ ذاتي ٽيوشن سينٽرن ڏانهن آهي، جتي وڏيون فِيُون آهن، غريب جو ٻار برداشت نٿو ڪري سگهي. اڄ جي دور ۾ ٻار ۾ به شعور اچي چڪو آهي ۽ هُو سمجهي ٿو ته ڪير سندس حق ۾ آهي ۽ ڪير سندس مخالفت ۾ آهي. مطلب ته بُري ۽ ڀلي جو فرق هرڪو ڄاڻي ٿو. شخصي مفادن انسان کي ڏاڍو ڪيرائي ڇڏيو آهي. رُتبا به اصل اهميت وڃائيندا پيا وڃن. قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ بابت ماڻهن سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ هڪٻئي لاءِ احترام وارو جذبو ماٺو ٿي رهيو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ۽ سوچ ويچار جي ضرورت آهي. شاگردن جو انهيءَ معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه آهي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ والدين ٻار پڙهائڻ جي بجاءِ هُو ڏيکاءُ ٿا ڪن ته، اسان وٽ به ايترو پئسو آهي جو ٻار پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهايون ۽ خود استادن جا ٻار پنهنجي قومي يعني سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهڻ لاءِ تيار ناهن. هي قومي درسگاهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي پنهنجي ڪوتاهي چئبي. اڄ جو ٻار ضرور سوچيندو هوندو ته استاد مون تي ڪنهن به قسم جو احسان نٿو ڪري ۽ هُو منهنجي والدين کان پنهنجي ٽيوشن سينٽر تي پڙهائڻ جا ٺيڪ ٺاڪ ڏوڪڙ وٺي ٿو ته، سندس احترام ڇا ڪجي! استاد جو وڏو ڪردار آهي جنهن اڳيان وقت جا حاڪم به سر جهڪائي قدمن تي هٿ رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا رهيا آهن ته، پوءِ اڄ اهو سڀ ڪجھ ڇو ٿي رهيو آهي. استاد جيڪو عوام جي ٽيڪسن مان سرڪاري خزاني مان پگهار به کڻي ٿو انهيءَ مان سندس گهر جو ڪاروهنوار هلي ٿو، هن کي گهرجي ته قوم جي ٻچڙن بابت سٺو سوچي ايمانداريءَ سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهي. رهِي ڳالھ استاد جي شاگرد عزت ڇو نٿو ڪري هُو پنهنجو احتساب ڪري ۽ پنهنجي منصب کي سڃاڻي ته مون کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ جتي کوٽ آهي انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته سندس مانُ مرتبي ۾ اضافو ضرور ٿيندو رهندو. اڄوڪي دور جي استاد کان والدين، انتظاميه ڪجھ نٿي پڇي بس استاد اداري ۾ موجود هجڻ گهرجي. استاد خالي ادارن ۾ ويهي ڇا ڪندو؟ سندس ڪم واري عمل ڏانهن ڪنهن جو به ڌيان نه آهي ته، هي اداري ۾ ڇا ٿو پڙهائي. اداري ۾ ڪارڪردگي ڪهڙي سرانجام ڏئي رهيو آهي، پڙهائي ٿو، نٿو پڙهائي، انهيءَ بابت ڪنهن جو ڌيان ڪونهي بس واندو ويٺو رهي آخر ڇو؟ سموري قوم ڪيڏي نه بي حسيءَ ۽ خاموشيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن جي نقصان جو ازالو ڪير ڪندو. اسان جي قوم جي هر شيءِ وکري ڀَڄِي ڀُري رهي آهي، انهيءَ طرف ڪنهن جو به ڌيان ڪونهي. صرف پنهنجي فائدي لاءِ سوچي رهيا آهيون، الله پاڪ رحم ڪري جنهن جا نتيجا ڏاڍا بُرا نڪرندا. اسان هڪٻئي جي اهليت جو قدر ڪريون ۽ پنهنجي قومي فرضن جي ادائگي ۾ نه ڪوتاهي پاڻ ڪريون نه ٻين کي ڪرڻ جي اجازت ڏيون، ته جيئن سٺا نتيجا نڪري سگهن. ڪيترائي شعبا آهن جيڪي اسان جي عدم دلچسپيءَ سبب اجڙي ناس ٿي رهيا آهن، اسان سڀني شعبن جا ماهر ڇو نٿا پيدا ڪريون. ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ جا خواب ڏسي ڏسي اسين ذهني مريض بڻجي ويا آهيون والدين توڙي شاگرد سخت پريشان آهن. بورڊ جي مارڪن کان ويندي هر ناجائز طريقا اختيار ڪرڻ ۾ عيب به نٿا محسوس ڪريون. اسان وٽان ايمانداري ۽ شرافت وارا گُڻ موڪلائيندا پيا وڃن ڇو؟ انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته، اسان ديني تعليم ڏانهن ڌيان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ معاشي تعليم اهو سيکارڻ کان قاصر آهي ته، انسانن جا ڪردار ڪيئن سنوارجن ۽ سائنسي تعليم تائين اسان پهچي نه سگهيا آهيون جنهن ڪري ڪابه شيءِ ايجاد ڪري نه سگهيا آهيون. استاد کي جيڪو پڙهائڻ لاءِ نصاب ڏنو ويو آهي، اهو جديد دور جي تقاضائن تي پورو نٿو لهي جيڪا هڪ وڏي کوٽ آهي. جيستائين نصابي کوٽ پوري نه ڪئي ويندي تيستائين استاد ڪجھ به نٿو ڪري سگهي. اسان کي سڀئي شعبا آباد ڪرڻا آهن ته، استاد جي بهتر کان بهتر ٽريننگ جو بندوبست ڪيو وڃي. وسيلن جي کوٽ ڪونهي اسان تي فطرت مهربان آهي قدرت جا پاڪستان جي سر زمين تي عجيب رنگ آهن هزارين اسمن ۾ قسمن قسمن جا گُل ٽَڙيل آهن. گئس، ڪوئلو، پيٽرول، جبل، سرسبز آباد زمينون، مِٺو پاڻي ۽ ٻيا اڻ کُٽ سلسلا جيڪي اسان جي ماحول لاءِ وڏا سازگار ۽ ناڻي ڪمائڻ جا وڏا ذريعا آهن. انهن سمورن وسيلن کي سنئين لڱين لائڻ لاءِ اسان جي شعور ۽ سمجھ ۾ انهن جي استعمال جا طريقا اپنائڻ لاءِ سکيا جي ضرورت آهي. جي اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته هي ملڪ خوشحال هجي ته تعليمي ادارن ۾ هرهڪ شعبي جا الڳ الڳ استاد ڀرتي ڪري انهن کي پنهنجن شعبن ۾ بين الاقوامي نوعيت جي ٽريننگ ڏئي تيار ڪري ماهر شاگرد جي وڏي کيپ پيدا ڪري سگهجي ٿي. اسان کي اهڙا لکين ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نه گهرجن جيڪي پئسن تي مارڪون، داخلائون حاصل ڪري پوري قوم جي صحت ۽ بنيادي ڍانچي کي بگاڙي ڇڏين. اسان کي سٺا ايماندار، با اخلاق، باڪردار، شرافت جا مجسما محنتي ۽ قابل هرهڪ شعبي جا ماهر گهرجن. پوري پاڪستاني قوم جي ضرورت هي آهي ته، هتي گهڻي کان گهڻيون صنعتون هجن جنهن ۾ مزدور طبقو پاڪستاني ماهرن جي نگراني ۾ هر قسم جي شين ٺاهڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻين ۽ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ پاڪستاني شين جي گهرج عام ٿئي. ڇا استاد کي جيڪو ورثي ۾ نصاب ڏنو ويو آهي اُن جي پڙهائڻ سان ڪا صنعتي ۽ زرعي ترقي جا گس پنڌ ڏنل آهن جنهن مان اسين معاشي طرح اڳڀرا ٿي سگهون. هن دور جي انسانن جون بيشمار گُهرجون آهن جنهن جي پوراءُ لاءِ بين الاقوامي معيار جو نصاب جوڙڻو پوندو، جنهن سان ملڪ جي معاشي حالت مضبوط ٿيندي. پاڪستاني قوم کي دنيا جي تڪڙي ترقي ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ آڻڻو آهي ته، اسان کي گڏيل ويچار سان تعليمي ادارن ۾ هڪ اهڙي نصاب جي تشڪيل عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان معاشي طرح پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. پاڪستاني قوم وڏي باصلاحيت ۽ اخلاقي جرئت واري قوم آهي جنهن کي علمن ۽ هنرن کي سکڻ جي ضرورت آهي، جيئن اسين، دنيا جي ترقي يافته قومن سان ڪلهو ڪلهو سان ملائي هلي سگهون. اسين دنيا کان ڪنهن به طرح پوئتي ناهيون، پر ڪم ڪرڻ وارن کي موقعا نٿا ڏنا وڃن. جيڪڏهن موقعا فراهم ڪيا وڃن ته، هي باصلاحيت قوم استادن جي بدولت بلند درجن تي پهچڻ لاءِ جتن ڪرڻ لاءِ آتي ويٺي آهي. اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ڪم چور، ڪاهل ۽ نااهل ماڻهن کي انهن مقدس ادارن مان ڪڍي ٻاهر اڇلائڻو پوندو ۽ استادن کي پنهنجي ڪم ۽ صلاحيتن موجب انهن نگاهن سان ڏسڻو پوندو. پاڪستاني قوم پُر اميد رهي پنهنجي قومي ادارن کي پنهنجي گهرن مثل سمجهي انهن جي حفاظت ڪري انشاالله هن مُلڪ ۾ ڪنهن به قسم جي قلت محسوس نه ٿيندي. استادن جا به ڪي حق آهن جن تان اُنهن کي دستبردار ڪيو ويو آهي جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ آهي ته، اسان جي تعليمي نظام جي جوڙجڪ انتهائي ڪمزور آهي ۽ مضبوط بنيادن تي ٻڌل نه آهي جنهن ڪري استاد ڪن معاملن ۾ مايوس ٿي وڃي ٿو. مثال: استاد کي پنهنجي شاگردن جي به وارثي نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، صورتحال هيءَ آهي ته تازو سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز جي گورنمينٽ گرلز ڪاليج جي پرنسپال مٿان جيڪو تشدد ڪيو ويو ڇا اهو اسان کي جڳائي ٿو! استاد ۽ شاگرد جو جيڪو رشتو آهي اهو هڪ پيءُ، ڌيءَ ۽ پٽ وارو آهي. انهيءَ رشتي جي تقدس کي هر حوالي سان قائم رکڻ ئي استاد لاءِ مانائتو قدم آهي. اڄوڪي دور ۾ مسئلا ايترا ته وڌي ويا آهن جو هر ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو. ڪير اهڙين حالتن جو ذميوار آهي اسان جو سياستدان، استاد، معاشرو، صحافي، ليکڪ، پوليس ۽ انتظاميه وغيره وغيره جن جو ڌيان صرف پنهنجي انفرادي حيثيت کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ آهي. اجتماعي مسئلا عدم توجهه سبب وڌي رهيا آهن جن ڏانهن ڌيان ڪونهي! ڪنهن هڪ جي ذميواري نه آهي سموري قوم کي اهو فرض احساس ۽ ذميواري سان ادا ڪرڻ گهرجي. ڪنهن جا ويهي عيب ڳولجن، ڪنهن کي ميار ڏجي ۽ ڪنهن کي ڏوراپا ڏجن. تعليم جو معيار وڃي ڇا رهيو آهي؟ ڪهڙي جاءِ تي کوٽ آهي انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. تاريخ شاهد آهي ته جن معاشرن اڄ ترقي ڪئي آهي تن جي ترقي جو دارومدار استاد جي محنتن جو نتيجو آهي. توهان ڇا ٿا سمجهو ته، استاد ڏانهن ڌيان نه ڌرڻ ۽ اُن جو احترام نه ڪرڻ سان اوهان جو معاشرو سڌرندو؟ اهو ناممڪن آهي. استاد انهيءَ کي هرگز نه چئبو آهي جيڪو ڪنهن اسڪول، ڪاليج ۽ ورسٽي ۾ ته ايندو هجي، پر سندس تعليمي ميدان ۾ ڪارڪردگي زيرو هجي. استاد انهيءَ کي چئبو آهي جنهن جو تعليم سان دلچسپي ۽ لڳاءُ هجي. اهو استاد چاهي ڪهڙي به مضمون جو هُجي انهيءَ جي قابليت جو اظهار سندس شاگردن جي زباني سڻجي ته هُو ڇا ٿا چون؟ استاد پنهنجي تدريسي عمل جي سهڻي معيار تي پورو لهي ٿو يا نه؟ نمبر ٻئي ڳالھ اها به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته، استاد کي معاشرو اُن جي شاگردن ۾ نهاري ٿو جيڪي روز مره تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا، تن جي تربيت، علمي سيرت ۽ ڪردار کي استاد ڪهڙي ريت سنواريو آهي. استاد وٽ شاگردن جو ايڏو وڏو تعداد تربيت حاصل ڪرڻ اچي ٿو اهو معاشري جي امانت آهي انهيءَ کي ديانتداريءَ سان گڏ پنهنجن فرضن جي ادائگيءَ سان اهڙيءَ طرح سکڻ واري عمل مان گذاري ٿو جنهن مان ڪنهن به قسم جي خيانت نظر نه اچي. اسان جي تاريخ اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته، هن ڌرتي سڳوريءَ جي خمير مان ڪيترا انمول هيرا استاد ٿي گذريا آهن جن جو وجود علم، ڏاهپ ۽ ديانتداري جا اڻ ڳڻيا مثال ملن ٿا. علامه آءِ. آءِ. قاضي، عثمان علي انصاري، علامه عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سيد عبدالحسين شاھ موسوي، محمد ابراهيم جويو، سائين بقا محمد قريشي، پروفيسر مظهر الحق صديقي، ايڇ. ايم خوجا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترمه امينا خميساڻي، سائين قلندر شاھ لڪياري ۽ ٻيا ڪيترائي عظيم استاد ۽ منتظم جن جو وجود تعليم جي ميدان ۾ نشانبر نظر اچي ٿو ۽ ايندو رهندو. هي مثالي استاد ۽ منتظم هئا. اهو استاد ڪهڙو چئبو جنهن کي تعليم سان لڳاءُ ۽ دلچسپي نه هجي ۽ توهان جو اختيار اهڙن استادن جي ڀرتي ڪرڻ هجي ٿو جنهن ۾ استاد جو عمل دخل نه هجي انهيءَ صورتحال ۾ سٺن استادن جي چونڊ ڪيئن ممڪن ٿيندي جنهن ۾ ناميارا ۽ باصلاحيت استاد ڪاميٽين ۾ شامل نه هجن! اهڙا استاد جن جو ويساهه ڪتابن ۾ هُجي ۽ مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هجي، تن جي صلاح مشوري ۽ سفارش سان استادن جي ڀرتي جو عمل ممڪن بڻايو وڃي، اُن کانپوءِ ڏسون ته، ڪيئن نه تعليمي ادارن ۾ پڙهائي وارو عمل مثبت راهه طرف گامزن ٿي هلي ٿو. هن دور ۾ استاد کي پنهنجي راهه تان ڌِڪي ڌار ڪيو ويو آهي ڪٿي به استاد جو عمل نظر نٿو اچي. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصابي جوڙجڪ ۾ جيڪڏهن پرائمري تعليم جا نصابي ڪتاب جوڙڻا آهن ته، پرائمري استادن مان ماهرِ تعليم ۽ تجربيڪار استادن کان خدمتون حاصل ڪيون وڃن، نه ڪِي ڪاليج، يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن جا ماڻهو آڻي نصاب جوڙيو وڃي جيڪا کِل جوڳي ڳالھ آهي. اهڙي طرح هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن مان مضمونن جي ماهر استادن کان خدمتون حاصل ڪيون وڃن. دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جو نصاب پڙهايو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماهر سائنسدانن، انجنيئرن، ڊاڪٽرن، زرعي ماهرن، پروفيسرن، صحافين ۽ سياستدانن جي عملي ڪمن تجربن، ايجادن، نون خيالن، ايمانداري ۽ شرافت کان قومون لاڀ حاصل ڪري رهيون آهن. دنيا جي جن مُلڪن ۾ ترقي ٿي رهي آهي اُن جو بنيادي سبب قابل استادن جو وڏو هٿ آهي ۽ هرهڪ شعبو پنهنجي پنهنجي حدن اندر ڪم ڪري ٿو، نه ڪِي اُتي ٻين ادارن جي اجائي مداخلت ۽ رُڪاوٽ آهي. اسان جو حال هيءُ آهي ته هڪ اداري جي قاعدن ۽ قانونن جي احترام جي لتاڙ ڪندي ٻين ادارن کي مسلط ڪري اُن جي اخلاقي حيثيت کي متاثر ڪيو ٿو وڃي. روينيو انتظاميه جو ڪهڙو ڪم آهي ٻين ادارن ۾ مداخلت ڪرڻ جو، جڏهن ته هر اداري وٽ پنهنجي الڳ انتظامي جوڙجڪ آهي ته، پوءِ انهيءَ مداخلت ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مثال تعليمي اداري جو سربراهه موجود نه هُجي ته ٺيڪ آهي. تعلقي سطح کان ويندي صوبائي سطح تائين هيڏي وڏي انتظامي جوڙجڪ ڇو ڪئي وئي آهي؟ هر ادارو انهيءَ ڳالھ جو ذميوار آهي ته اُهو پنهنجي اداري ۾ ٿيندڙ هر ڪمزوري ۽ ڪوتاهي کي ختم ڪرڻ لاءِ زيردست ملازمن جو احتساب ڪري عوام کي ڪارڪردگي ڏيکاري، پر ايئن گهٽ ٿي رهيو آهي. هڪ اداري جي ٻئي اداري مٿان بادشاهت سڄي نظام کي ڪمزور ڪري رکيو آهي. استاد قوم ڏانهن خود ذميوار آهي ليڪن رڪاوٽن جي ڪري دل ۽ دماغ ڪنهن ريت مطمئن نظر نٿو اچي. شاگردن جي نشونما ۽ ارتقائي سفر اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته، درس و تدريس جي سلسلن ۾ مثبت راهه ڇو نه ٿي نظر اچي يعني اهو درس و تدريس وارو عمل ايترو اثرائتو ناهي جنهن مان انساني ڀائيچارو ۽ سماجي ڀلائي وارو عنصر نظر اچڻ گهرجي. معاشرو پنهنجي ٻار کي درست تعليم ڏيڻ بابت نٿو سوچي ۽ غلط رستي وٺڻ جي راهه اختيار ڪري پنهنجي ٻار کي اڳتي آڻڻ ٿو چاهي، جنهنڪري هوشيار ٻار جو حق مري وڃي ٿو محنتي ٻار مايوس ٿئي ٿو. معاشرو ڄڻ ته، ڏوهاري ٿي چڪو آهي جو اهڙي ناانصافي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. سڀ ڪجھ معاشري جي اڳيان ٿئي پيو، اهڙي ناانصافي تي اسان جو نوجوان مايوس آهي، ڇا انهيءَ ڏوھ ۾ استاد شريڪ آهي، انهيءَ جو ڪو وس هلي ٿو، هرگز نه، ڇاڪاڻ جو استاد وٽ ڪي به اختيار ڪونهن جو شاگردن جي اهليت جو قدر ٿئي. استاد پڙهائي ڇو نٿو، سندس ذهن جديد تعليم جي تقاضائن سان آراسته نه آهي. ٻڌايو ته قصوروار ڪير آهي؟ پاڻ اُن ڏس ۾ ڪٿي بيٺا آهيون، جڏهن ته دنيا جا پڙهيل لکيل ماڻهو روز نوان عالم ۽ سائنسدان پيدا ڪري اڳواڻي ڪري رهيا آهن. اسان وٽ اڄ علم جو قدر ڪونهي، نه استاد، نه شاگرد علم ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. اڄ علمي اڳڀرائي وارا ملڪ پنهنجي تعليمي ادارن ۽ استادن جي همت افزائي ڪرڻ سبب پنهجي علمي اڪابري کي دنيا ۾ اڳتي وڌائي رهيا آهن. اُتان جي استادن تعليم بابت، هر دور ۾ نوان نوان تجربا پئي ڪيا آهن، انهن تجربن مان دنيا نت نوَن قدرن جو پرچار ڪري نوان نوان هنر سيکاري ٿي، پنهنجون شيون ايجاد ڪري ٿي پر پاڻ ته ڪاروباري ذهن به پيدا نه ڪري سگهيا آهيون، پر قوم کي ڪنگلي ڪرڻ لاءِ ذخيره اندوزي، وياج خوري جا ڄار اُڻي قوم کي ڦاسائي رهيا آهيون. استاد جون تمام گهڻيون ذميواريون آهن، پر هُو انهن ذميوارين کان بي خبر ڇو آهي؟ ايئن هرگز به نه آهي، ته استاد پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪري رهيو آهي، استاد کي تعليمي ادارن ۾ ڪنهن به قسم جي سهولت ڪونهي. نصاب پراڻو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پڙهايو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به ريت هن دور جي گهرجن پٽاندر ڪونهي. استاد جو لاڙو تعليم ڏانهن بلڪل آهي هُو دلي لڳاءُ به رکي ٿو، پر سندس نصاب انتهائي ڪمزور نظر اچي ٿو. جنهن ۾ عوامي مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. تعليمي ادارن کي تعليم جي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران فنڊ ته ملن ٿا، پر انهن جي درست استعمال نه ڪرڻ ڪري ادارا بيابان نظر اچن ٿا ۽ جيڪو سازگار ماحول نظر اچڻ گهرجي اهو تعليمي ادارن ۾ نظر نٿو اچي.
***