خاصنئون

گھڻي قرض وارن ملڪن لاءِ مسئلا ٿيندا، آءِ ايم ايف

آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ آھي ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيڻ واري صورتحال سان گھڻي قرض وارن ملڪن کي مسئلن کي منھن ڏيڻو پوندو. آءِ ايم ايف پاران ھيستائين غريب ملڪن کي 22 ارب ڊالر جو رليف ملي چڪو آھي ۽ جلد قرض جي مد ۾ مجموعي طور تي 27 ارب ڊالر جو رليف ڏنو ويندو. ڪورونا وائرس سبب ھلندڙ سال دوران عالمي معيشت ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ گھٽتائي ٿيندي.. ايندڙ سال دوران عالمي معيشت ۾ ڪجھ بھتري اچڻ جي اميد آھي