خاص

پيپلز پارٽي حلقه بندين تي ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار

پاڪستان پيپلز پارٽي حلقه بندين تي متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي. پيپلز پارٽي جو وفد اڄ شام 5 وڳي ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادرآباد جو دورو ڪندو، صوبائي وزير ناصر شاهه، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جو پيغام رابطا ڪميٽي تائين پهچائيندو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حلقه بندين بابت اعتراض دور ڪرڻ ۽ نئين يوسيز جي اضافي لاءِ ڪميٽي تشڪيل ڏني ويندي.