خاص

چونڊون ملتوي ڪيس: اٽارني جنرل جي وزيراعظم سان اهم مشاورت

اٽارني جنرل منصور عثمان وزيراعظم شهباز شريف سان اهم مشاورت کان پوءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويو. ان کان اڳ وزيراعظم جي سپريم ڪورٽ اچڻ جي باري ۾ امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. اٽارني جنرل منصور عثمان سان وزيراعظم جي اهم ملاقات ٿي اهم معاملن تي مشاورت کان پوءِ اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم جو عدالت اچڻ جو ارادو هو، پر هاڻ هو عدالت نه ايندو. وزيراعظم هائوس طرفان وفاقي ڪابينه جي ميمبرن کي اڄ سپريم ڪورٽ پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اڄ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻيهر ٻڌڻي ڪندي.