خاص

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز گل کي 4 هفتن لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي 4 هفتن جي لاءِ آمريڪا وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪهڙي قانون تحت درخواستگذار جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ۽ ڪهڙي اهڙي صورتحال ٿي جنهن جي آڌار تي نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ٿيو آهي. وفاقي حڪومت جي وڪيل موقف ڏنو ته شهباز گل خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ڪمشنر اسلام آباد جي استدعا تي شهباز گل جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو. اهو معاملو اسلام آباد جو آهي عدالت کي ٻڌڻي جو اختيار ناهي.