”جڏهن حضرت انسان اک کولي ته هن جي هٿ ۾ نيزو هو ۽ وري جڏهن اک بند ڪيائين ته هن جي آڱر ايٽم جي بٽڻ تي هئي.” جنگ انسان جي تاريخ جو هڪ اهڙو رت پياڪ باب آهي، جنهن ۾ نه صرف رت جون نديون وهايون ويون، بلڪه تهذيبن کي اوج تي پهچائڻ يا ميسارڻ جو ڪارڻ پڻ بڻي. اڄ اسان انهيءَ سفر جو تحقيقي ۽ تاريخي جائزو وٺون ٿا، جنهن ۾ انسان هٿرادو پٿرن وارن هٿيارن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين جو سفر ڪيو.
جڏهن انسان حيوان هو، نيزو هن جو انصاف:
پراڻي آثارن جي مطابق سڀ کان اڳ گڏيل جنگي نشانيون 13,000 سال پهرين آفريقي علائقي جبل صاحبه(Jebel Sahaba) کان مليون آهن، جتي 61 انساني ڍانچا مليا آهن، جن تي نيزي ۽ ٻين هٿيارن جي زخم جا نشان موجود هئا، اهي انساني شڪار سان گڏوگڏ دشمن قبيلن سان پنهنجي زمين يا پاڻي جي وسيلن تي وڙهندا هئا. مشهور مفڪر ٿامس هابس (Thomas Hobbes) چيو هو ته انسان فطرت خود غرض ۽ جنگجو آهي ۽ هر انسان ٻئي جو دشمن آهي، مگر روسو (Jean-Jacques Rousseau) جي مطابق “انسان فطرتي پرامن هو، جنگ ان وقت شروع ٿي جڏهن انسان زمين تي ملڪيت قائم ڪئي.” اهو فلسفو اڄ به سماجي سائنس ۾ بنيادي بحث جو موضوع آهي ته ڇا جنگ انسان جي جبلت آهي يا تهذيب جي پيداوار.
پراڻيون سلطنتون، جتي جنگ حڪومت هئي:
جڏهن انسان پوکي راهي سکي ته تهذيبون اڀريون ۽ انهن سان گڏ جنگي ضرورتون به پيدا ٿيون. ميسوپوٽيميا، مصر، ايران ۽ چين جي پراڻين تهذيبن جنگ کي بقا جو وسيلو بڻايو. مصر ۽ بڪسوس جي وچ ۾ جنگين war chariots کي مقبول بڻايو، جيڪا بعد ۾ چين کان مصر تائين پکڙجي وئي. ايراني حڪمران سائرس اعظمCyrus the Great ۽ داربوش فوجي اخلاقيات، قانوني نظم ۽ شاهي رستن جي مدد سان جنگي قوت کي ڪشادگي ڏني. اهو دور ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جنگيون صرف خونريزي نه بلڪه رياستي نظم، لاجسٽڪ ۽ تنظيم سازي جو بنياد به بڻجنديون رهيون.
جنگ هنر بڻجي وئي، يوناني ۽ رومن فوجي انجڻ، عجيب و غريب تاريخ:
يونانين جنگ کي صرف طاقت جو مظاهرو نه بلڪه “هنر” ۾ تبديل ڪيو. مشهور فالينڪسphalanx فوجي تربيت، جنهن ۾ سپاهي نيزا کڻي ڪري دشمن جي پار نه ڪرڻ جهڙي ڀت بڻجي ويندا هئا. اسپارٽا ۾ هر مرد ٻار کي فوجي تربيت ڏني ويندي هئي. ايٿنز جي سامونڊي قوت سامونڊي جنگي جهازن جو تعارف ڪرايو، جن کي ٽرائيرامtrireme سڏيو ويندو هو. رومن سلطنت انجنيئرنگ، قانون ۽ تنظيم جو اهو نظام قائم ڪيو، جنهن جي مدد سان هن هڪ هزار سال تائين دنيا جي وڏي حصي تي حڪومت ڪئي، رومي رستا ۽ پليون فوجي چڙهائين کي تيز ڪندا هئا. قلعي ۾ بند شهر، واچ ٽاور ۽ سرحدي قلعن (Limes) دفاعي جنگ ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو. لينجري فوجي تربيت، معاهدا ۽ دشمن کي روم جي شهريت ڏيڻ جي لالچ، رومن سفارتڪاري جو حصو هو، عجيب و غريب تاريخ جنگ ادب، فن ۽ تهذيب جو حصو ڇو بيڻا؟
تاريخ ۾ جنگ صرف تلوار ۽ خونريزي تائين محدود نه هئي، بلڪه اها ادب، فن ۽ فلسفي جو محور بڻي، هومر جي ايليد ۽ اوديسي، يوناني جنگي شاعري جو شاهڪار سمجهيا وڃن ٿا.
* فردوسي شهپارو، ايران جي جنگي ۽ تهذيبي تاريخ جو عڪس.
* مها ڀارت، اخلاق، ڌرم ۽ رت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ.
* عربي شاعري، بنو اميه، بنو عباس ۽ قبائلي فخر جو اظهار.
هر تهذيب جنگ کي پنهنجي ثقافتي ڍانچي ۾ شامل ڪيو۔ ايستائين جو فن جي تعمير ۾ قلعا، ميدان، توپون ۽ دروازا اڄ به زنده مثال آهن.
جنگ ۽ معشيت، پئسو، طاقت ۽ سامراج:
* تاريخ ۾ اڪثر جنگين جا بنيادي سبب وسيلا، واپار يا معاشي تسلط رهيا آهن.
* يونان ۽ ايرانين جون جنگيون واپاري رستن تي قبضي جي لاءِ هيون.
* رومن، تجارتي جنگيون رومي سمنڊ جي واپاري اختيار جي لاءِ وڙهيون ويون۔
* صليبي جنگيون مذهب جي پردي ۾ اوڀرين واپار ۽ زمين جي لاءِ هيون.
* بيٺڪيي دور ۾ يورپي قومن آفريقا، ايشيا ۽ آمريڪا تي قبضو صرف وسيلن جي بنياد تي ڪيو.
* ڪارل مارڪس جا لفظ “هر جنگ پئسي واري طبقي جي خواهش تي وڙهي ويندي آهي، جڏهن ته مرڻ وارو سدائين مزدور هوندو آهي.”
نئون دور، بندوق، ٽينڪ ۽ ايٽم:
سترهين صديءَ کانپوءِ جنگي ٽيڪنالاجيءَ حيران ڪندڙ رفتار سان ترقي ڪئي. گن پائونڊر، توپ، گهوڙن کي ڦٽو ڪيو، پهرين عالمي جنگ (1914-1918) ۾ ڪيميڪل هٿيار، ٽينڪ ۽ کاهيون استعمال ٿيون.
ٻي عالمي جنگ (1939-1945) ۾ جرمن بلئزيگ، جاپاني ڪامي ڪازي ۽ پچاڙي ۾ هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي ايٽم بم دنيا کي ڌوڏي وڌو.
هينئر جنگ صرف مادي ناهي بلڪه سائبر، نيو ڪليئر ۽ مصنوعي ذهانت AI تي مشتمل ٿي چڪي آهي.
ڊرون حملا: مثلا پاڪستان، يمن، شام تي ٿيل ڊرون حملا.
سائبر حملا: مثلا ايران جي نيو ڪليئر پروگرام تي ٿيل سائبر حملو Stuxnet.
جنگ، تباهي يا ارتقا؟:
* تاريخ هن حقيقت کي تسليم ڪري ٿي ته جنگ انسان کي تهذيب، سائنسي ترقي، فن ۽ فلسفو ڏنو، مگر ان جي قيمت لکين انسانن جي رت سان چڪائي وئي.
* ڇا اسان جنگ کي بحيثيت “ارتقا” قبول ڪيون؟ يا “تهذيبي زوال” جي طور تي.
* ڇا اسان سکنداسين ته اصل جنگ دشمن سان نه بلڪه جهالت ۽ لالچ سان آهي؟
* جيڪڏهن اسان جنگ جي تاريخ کان سبق نه سکيو ته ايندڙ جنگ شايد اها هوندي، جيڪا انسانيت کي سدائين جي لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي.