چوڏهن کان وڌيڪ علمن جي ماهر علامه آءِ آءِ قاضي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سر سهڻي جي هڪ وائي آلاپيندي سهڻي جيان عشق جي ريت نڀائيندي پنهنجو پاڻ سنڌو حوالي ڪيو. چون ٿا ته ڀٽائي سائين جو پڻ ساڳي وائي آلاپيندي مراقبي جي حالت ۾ مالڪِ حقيقي سان وصال ٿيو. عشق جي انتها ۽ محبوب سان وصال جي شناخت ماڻيندڙ هن وائي جا ٻول تمام اهم ۽ غور طلب آهن جيڪي تشريح سميت هيٺ پيش ڪجن ٿا:
شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمائين ٿا ته محبوب کان الڳ وجود جي ڪا اهميت آهي ئي ڪانه! گناھ ته پري ٿيو، پر ثواب ۾ به ڪو سواد ناهي! ڇاڪاڻ ته ظاهري تقوي ۽ پرهيزگاري هجي يا رباب يعني ساز ۽ سرود هجن سڀ بي فائدي آهن. ياد رھي ته ڪو وقت هو جو شاھ صاحب مخدوم ٺٽوي کي چيو هو ته راڳ بنا اسان جو جياپو ناهي تنهڪري اهو نٿو ڇڏي سگهجي. ساڳي طرح لنواري شريف واري ملاقات ۾ پڻ ساڳي ڳالھه نڪتي ۽ چون ٿا ته ان ملاقات بعد ڀٽائي سائين اچي درگاھ تي مراقبي ۾ ويٺا ۽ مٿين وائي آلاپيندي مراقبي ۾ ئي سندن وصال ٿيو. عشق جي هن انتها ۾ ڀٽائي سائين کي سرود ۾ به سواد نه پئي آيو ۽ اها سندن جياپي جي آخري ساعت هئي. جياپي جي آخري ساعت ۾ ڀٽائي سائين فرمائين ٿا ته جي انسان خود شناسي حاصل ڪري ته پوءِ جُنُبِئو يعني مٿي ميرو هجي يا جُنابَ يعني ناپاڪ هجي تڏهن به هن جي دل پاڪ هوندي ۽ پنهنجي مرشد جي رهنمائي ۾ محبوب ڏانهن گهوڙي جي رِڪابَ ۾ پيو پير ريڙھيندو ۽ قربت جي حاصلات لاءِ پيو اڳتي وڌندو. ظاهري ۽ رسمي ڏوھ، ثواب، پاڪائي ۽ ناپاڪائي کان نجات ماڻيندڙ اهڙو سچو عاشق گرڙ ۽ عقاب جھڙي اندر جي هٺ ۽ نفس کي خود نمائي نه، پر چور جهڙي ڳجهه ڳوهه ۽ رازداري سان پنهجي چنبي ۾ قابو ڪري ٿو. جڏهن عاشق ان منزل تي پهچي ٿو ته کيس خود شناسي ذريعي اها آگاهي ملي ٿي ته محبوب سان ملڻ ۾ اصل رڪاوٽ سندس حجاب يعني سندس دوئي ئي آهي. جهڙي طرح لفظن جي ادغام يعني ميلاپ سان نوان لفظ جنم وٺن ٿا تهڙي طرح قرب ۽ پيار سان نئون پيار جنم وٺي ٿو ۽ ميلاپ ۽ ڳنڍجڻ جو اهو سلسلو ڪثرت ماڻي ٿو. خدا جيڪا طاقت مٽيءَ ۾ رکي آهي سا ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي. پاڻيءَ جا حباب يعني ڦوٽا جر تي ته تمام ٿوري وقت لاءِ جَرَڪِن ٿا، پر جيڪڏهن اهو پاڻي مٽيءَ سان ملي ٿو وڃي ته ان مان نئين حيات جنم وٺي پاڻيءَ کي امرت بخشي ٿي. شال اها امرت ۽ اهو شراب طهورا انهن کي ملي جيڪي اهڙي سڪ رکن ٿا ڇاڪاڻ ته اهڙن عاشقن جي مرض جي ٻي ڪا دوا ناهي.