بلاگنئون

رياستي نظريو ۽ قومي تعليمي پاليسي

سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته “ويٺي کائيندي کوھ به کٽي ويندا.” ڪنھن وٽ ڪيترو به خزانو ڇو نه ھجي، سندس ھڙ ۾ سون، چاندي، ھيرا جواھر پيل ھجن، پر جيڪڏھن ھڪ جڳھ تي ويھي کائبو ته سمورو ڌن دولت نيٺ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچندو. مگر ان جاءِ تي دولت کي استعمال ڪرڻ جو گر سکي، وڌيڪ پئسو ڪمائي سگھجي ٿو. يعني ھنر، ڪاروبار، سيڙپ يا وري صنعت ھڻڻ جي صلاحيت ۽ قابليت آھي ته دولت ۾ اضافو ٿيندو رھندو ۽ ھڪ نسل ته ڇا، پر ست نسل به ان دولت کي کٽائي نه سگھندا.

ڪنھن به رياست جو معدني خزانو، درياءَ ۽ سمنڊ ڪل ملڪيت ھوندو آھي. جيڪڏھن عوام ان دولت کي ويٺي کائيندي ته نيٺ سمورا خزانا خالي ٿي ويندا. اھوئي سبب آھي جو ترقي يافته ملڪ پنھنجي معدني وسيلن تي ڀاڙڻ کان وڌيڪ معيشت کي پيرن تي بيھارڻ لاءِ پنھنجي افرادي قوت کي ترجيح ڏيندا آھن. ڇاڪاڻ ته انساني وسيلا معيشت جو بنيادي ايڪو ھوندا آھن. رياستون پنھنجي ماڻھن جي اعليٰ تعليم و تربيت وسيلي سندن صلاحيتون بيدار ڪنديون آھن، نتيجي طور ملڪي وسيلن مان صنعتون ھڻي پرڏيهي ڪاروبارو ذريعي ٻاھريون ناڻو ڪمايو ويندو آھي ۽ ان سان گڏ پنھنجي ماڻھن کي ڪاروباري هنرن جي سکيا ڏئي ٻاھرين دنيا ۾ موڪليو ويندو آھي، جتان ھو غير ملڪي ناڻو ڪمائي پنھنجي ملڪ آڻيندا آھن.

اھو ڪھڙو سبب آھي جو اٺھتر سال گذرڻ باوجود به اسان جو ملڪ پنھنجي پيرن تي بيھي نه سگھيو آھي؟ اسين پنھنجي ملڪي پيداوار مان پنھنجون ضرورتون به پوريون نٿا ڪري سگھون ۽ پنھنجي آسائشن واري ھر شيءِ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور آھيون. ٻاهر موڪلڻ وارين شين ۽ ٻاهران گهرائڻ وارين شين جو توازن بگڙڻ سبب اسان کي غير ملڪي ناڻي جي ھر وقت ضرورت پوندي رھي ٿي. جيڪڏهن انهن سببن جو سادو ڇيد ڪريون ته اسان کي اھو منجھيل سٽ جو سِرو ملڻ ۾ ڪا وڌيڪ ڏکيائي پيش ڪونه ايندي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جو بنيادي مسئلو باصلاحيت ۽ مھارت رکندڙ افرادي قوت جي کوٽ جو آھي ۽ ان ۾ ڪابه ٻي راءِ نه آھي ته رياست ملڪي معيشت معدني وسيلن کي کپائي ھلائڻ بجاءِ جيڪڏهن تعليم ۽ تربيت سان ھنرمند ۽ ماھر فرد پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي ته ملڪ جلد ئي پنھنجي پيرن تي بيھي رھندو. آخر اھي ڪھڙا سبب آھن جو اسين پاڪستان جي تعليمي سرشتي ۾ مُني صدي جي گذرڻ باوجود به اھڙيون تبديليون نه آڻي سگھيا آھيون، جنھن سان ملڪ جي آرٽس، ڪامرس توڙي سائنس جي شعبن ۾ تخليقي ذھن پيدا ٿين.

اسان جي ملڪ جو بنياد اھڙي نظريي تي بيهاريو ويو آهي، جيڪو تخليقي سوچ جي ابتڙ آھي. مملڪت خداداد پاڪستان ان نظريي کي ملڪ جي بقا سان ڳنڍي گذريل اٺن ڏھاڪن کان مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اھوئي سبب آھي جو اسان جي زندگيءَ جو ھر پھلو عقيدي جي رنگ ۾ رڱيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جو ازدواجي سرشتو، گھريلو ڪاروهنوار، پاڙيسيرين سان لاڳاپا، رشتيدارن سان ناتا، اخلاقي نظريه، حڪومتي ڍانچي توڙي عدالتي حڪمن کي اھڙي سانچي سان جوڙيو ويو آھي جو سمورو سماج تحقيقي ۽ منطقي سوچ جي خلاف ٿي بيھي رھيو آھي. ان سڄي وايو منڊل کي مڃتا ۽ جائز قرار ڏيڻ لاءِ اسان جي تعليمي سرشتي کي بحيثيت ھڪ هٿيار طور استعمال ڪيو ويو آھي، جيئن ھڪ اھڙي سوچ، فھم ۽ فڪر سماج ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وڃي جنھن کي تحقيقي ۽ تخليقي سوچ جي بنيادي پھلوئن کان به آشنائي نه ھجي. اچو ته پاڪستان جو شروع کان وٺي ان پيرائي ۾ تجزيو ڪريون:

جيڪڏهن قائداعظم جي يارھين سيپٽمبر 1947ع جي تقرير ٻڌجي ته اسان کي رياست جون سرحدون ڌار ٿيڻ جو سبب ان غلاميءَ مان آزادي ڏيارڻ جو لڳندو، جنھن ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر يا سوچ وارن ماڻھن جي رھڻ جي ڪابه گنجائش باقي نه ھئي. يعني قائداعظم جو تصور اھڙن انسانن جي لاءِ هڪ آماجگاھ بنائڻ ھو جنھن ۾ ذات پات ۽ ڪنھن به مذھبي نفرت کان مٿانهون ٿي رھي سگھجي، پر پاڪستان جي دستور ۾ مذهبي شقون شروع ۾ ئي شامل ڪيون ويون، جنھن ۾ ڪو غير مسلم ملڪ جو صدر يا وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. تعليم ۾ مذهبي نصاب لازمي بڻايو ويو ۽ شاگردن کي ابتدائي درجي کان عقيدي تي ٻڌل تعليم ڏيڻ شروع ڪئي وئي. وقت سان گڏ ان ۾ تيزي ايندي وئي ۽ اعتقاد جي گرفت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ سخت مذهبي قانون لاڳو ڪيو ويو. سائنس ۽ منطق بدران مذهبي سوچ کي اهميت ڏني وئي. شاگردن کي تنقيدي سوچ کان پري رکيو ويو، جنهن سبب تحقيق ۽ سائنسي واڌاري ۾ ملڪ پوئتي رهجي ويو. نصاب ۾ مذهبي عنصر وڌائڻ سان ٻارن کي مذهبي تشدد ۽ شدت پسندي ڏانهن مائل ڪيو ويو، جنهن سبب مذهبي متڀيد ۽ فرقي واراڻي نفرت وڌڻ لڳي. آزادي ۽ اظهار تي بندش لڳائي وئي ۽ عقيدي تي سوال ڪرڻ کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. خوف ۽ دٻاءُ جو ماحول پيدا ٿيو، جنهن ۾ ماڻهو آزاد سوچڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم رھجي ويا.

ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اسلامي سوشلسٽ پاليسين سبب پاڪستان جي ٻه قومي نظريي جي روح کي اڃان به وڌيڪ طاقت ملي، پر تعليم کي مڪمل طور مذهبي اثر ھيٺ نه آندو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي، اسلام ۽ سوشلسٽ نظريي جو ميلاپ ڪرڻ جي فارمولي تي عمل ڪرڻ چاهيو. ڀٽي صاحب 1973 جي آئين ۾ اسلام کي سرڪاري مذهب قرار ڏنو ۽ پاڪستان جو نالو اسلامي جمھوريه پاڪستان رکيو ويو. قرآن ۽ اسلامي تعليم کي نصاب جو لازمي حصو بڻايو ۽ رياست کي اسلامي قدرن جي ترويج سان سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي. محدود پيماني تي مدرسن کي مالي مدد ڏيڻ جو آغاز ڪيو ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ اسلاميات کي لازمي مضمون طور متعارف ڪرايو ويو. ڀٽي جي پاليسين تعليم تي محدود مذهبي اثر وڌو، جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب جي دور ۾ مذهبي اثر رڳو آئيني ۽ قانوني سطح تي ظاهر ٿيا، پر تعليمي نصاب ۾ اڃان سيڪيولر ۽ سائنسي مضمونن جي گرفت ڪنھن حد تائين برقرار رھي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ ضياءُ الحق جي دور کي ٽرننگ پوائنٽ سمجهيو ويندو آهي. جنرل ضياءُ الحق 1977 ۾ اقتدار سنڀالي مذهبي بنياد پرستي جي پيڙھ کي مضبوط ڪيو. سندس  دور حڪومت ۾ تعليم کي مڪمل طور اسلامي رنگ ڏنو ويو، جيڪو پاڪستان جي تعليمي نظام ۾ وڏو موڙ ثابت ٿيو. سندس دور حڪومت ۾ نئون تعليمي نصاب تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ اسلامي مواد جو اضافو ڪيو ويو. مدرسن کي جديد اسڪولن جي متبادل طور هٿي ڏني وئي ۽ هزارين نوان مدرسا قائم ڪيا ويا. 1981ع ۾ زڪوات ۽ عشر آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو، جنهن تحت مدرسن کي سرڪاري فنڊ مليا. تعليمي نصاب ۾ جهاد ۽ اسلامي جنگين کي لازمي حصو بڻايو ويو. عربي کي لازمي مضمون طور متعارف ڪرايو ويو. عورتن جي تعليم تي غير محسوس انداز ۾ پابنديون لڳايون ويون ۽ اسڪولن ۾ حجاب کي فروغ ڏنو ويو. قانوني تبديليون آڻيندي، رسالت ۽ قرآن بابت سخت قانون پاس ڪيا ويا، جن تي موت جي سزا يا عمر قيد مقرر ڪئي وئي. شريعت آرڊيننس مطابق تعليمي ادارن کان علاوہ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ اسلامي مضمونن کي لازمي قرار ڏنو ويو. 1985ع ۾ وفاقي شرعي عدالت جو قيام، عمل ھيٺ آيو، جنهن کي تعليمي معاملن تي به اثر انداز ٿيڻ جا اختيار ڏنا ويا. انھن پاليسين جي اثر ھيٺ تعليمي ادارن ۾ مذهبي اثر وڌي ويو ۽ تنقيدي سوچ پوئتي ڌڪجي وئي. مدرسن جو تعداد تيزيءَ سان وڌڻ لڳو، جيڪي اڳتي ھلي مذهبي انتهاپسنديءَ جي پکيڙ جو وڏو ذريعو بڻيا. تعليم ۾ جديد سائنسي اصولن کي گهٽ اهميت ملڻ لڳي، سرڪاري سطح تي جنن ڀوتن جي انرجي جي موضوعن ھيٺ تحقيق ۽ ڪانفرنسون ٿيڻ لڳيون، جنهن سبب پاڪستان عالمي تعليمي معيار کان پوئتي رهجي ويو.

ضياءُ الحق جي روحاني فرزند نواز شريف به سندس پاليسين کي جاري رکندي مذهبي روايتن کي برقرار رکيو. مگر ان ۾ وڌيڪ اضافو نه آندو ويو. مدرسن کي سرڪاري طور رجسٽر ڪندي، انھن کي فنڊ ڏيڻ جي عمل کي جاري رکيو ويو. مذهب کي نصاب جو مرڪزي حصو بڻائي، اسلامي تعليم جو نصاب برقرار رکيو ويو. سعودي عرب سان تعليمي لاڳاپا وڌايا ويا، جنهن سبب مذهبي رجحان وڌيڪ مضبوط ٿيو. ضياءُالحق کان نواز شريف جي حڪومت تائين پاڪستان جي ٻاويھن سالن تي مشتمل دور اندر تعليمي سرشتو مڪمل طور مذھبي پھري ھيٺ رھيو. ان وچ ۾ پوري نسل جون سموريون تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتون مڪمل طور ختم ٿي ويون. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ بينظير ڀٽو جا ٻه مختصر دور حڪومت رھيا، پر اھي پنھنجون پاليسيون جوڙڻ ۽ انھن تي عملدارآمد ڪرائڻ کان قاصر رھيا ۽ سندن دور حڪومت به ان اثر کان نڪري نه سگھيو.

پرويز مشرف طرفان 1999ع جي دور ۾ ڪجهه ترقي پسند پاليسيون متعارف ڪرايون ويون، پر ھو چاھيندي به تعليم ۾ تبديليءَ لاءِ خاص قدم نه کڻي سگھيو. ھن جي دور ۾ اھڙيون تعليمي پاليسيون جوڙيون ويون جيڪي مدرسن کي جديد نصاب ڏانهن آڻي سگھن، پر سندس ڪوششون ڪوبه لاڀ حاصل نه ڪري سگھيون، “روشن خيال اسلام” جو نعرو ڏنو ويو، پر عملي طور تعليمي سرشتي ۾ تبديلي نه اچي سگھي. 2002ع ۾ مدرسن جي رجسٽريشن جو قانون آندو ويو، پر ان تي صحيح عمل نه ٿيو، جنھن سبب تعليم ۾ مذهبي عنصر نه صرف برقرار رهيو بلڪه اثر اڃان به وڌي ويو، مدرسن کي وڌيڪ سرڪاري تحفظ مليو، مدرسن تي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام رهيون، جنهن سان انتهاپسندي کي اڃان به وڌيڪ هٿي ملي. 2018ع ۾ عمران خان جي حڪومت آئي جنھن سنگل نيشنل ڪريڪيولم(SNC)  جي نالي تي سموري ملڪ جي تعليمي سرشتي اندر هڪ ئي وقت مذهبي رجحان وڌائڻ ۽ تعليم کي وڌيڪ مذهبي رنگ ڏيڻ جون ڪوششون ورتيون. سنگل نيشنل ڪريڪيولم ۾ اسلامي مواد جو اضافو ڪيو ويو. مدرسن کي قومي تعليمي سرشتي جو حصو بڻايو ويو. جديد تعليمي سرشتي جي آڙ ۾ عملي طور مدرسن جو اثر وڌايو ويو، جنھن سبب تعليم ۾ مذهب جو اثر اڃان به وڌيڪ ٿي ويو. عمران پنھنجي دور حڪومت ۾ ھڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي قومي رحمت العالمين اٿارٽي قائم ڪئي، جنھن کي ايڪٽ وسيلي شھباز شريف جي موجودہ حڪومت قانون جو حصو بڻايو. جيڪڏھن اسين سڀني دورن جو ڇيد ڪريون ته ضياءُ الحق جو دور تعليم جي اسلامائزيشن ۾ سڀ کان وڏو موڙ هو. نواز شريف ۽ عمران خان جي دور ۾ به مذهبي تعليم کي برقرار رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. جڏھن ته بينظير صاحبه جي دور حڪومت ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگهي، پر مشرف واحد حڪمران هو، جنهن بظاھر تعليمي سرشتي ۾ ڪجهه تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو ڪامياب نه ٿي سگهيو.

پاڪستان جا ٻه نسل 1977ع کان 2025ع تائين اھڙي تعليمي سرشتي مان گذري آيا آھن، جنھن سندن ريتن، رسمن، فھم ۽ فڪر کي اھڙي بند گھٽيءَ ۾ اچي بيھاريو آھي، جنھن کي اڳتي ھلڻ لاءِ ڪوبه رستو ڪونھي. تعليمي نصاب، پرنٽ ميڊيا ۽ پوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پاڪستاني عوام جي ڪيل ذھن سازي ڪنھن به تحقيقي ۽ تخليقي ذھن کان خالي ۽ فرسودہ سوچ سان گڏ ھلڻ تي مجبور آھي. جيتوڻيڪ ھن وقت دنيا جا طور طريقا بدلجي چڪا آھن، دنيا گلوبل وليج ٿي چڪي آھي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي جڳھ سوشل ميڊيا والاري ويٺي آھي، پر پوءِ به پنجاھ سالن جي ذھني سوچ ۾ تحرڪ آڻڻ واسطي ۽ جمود کي ٽوڙڻ لاءِ تمام گھڻو وقت لڳي سگھي ٿو. پاڪستان ۾ ٻه قومي نظريي جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عقيدي کي رياستي پاليسين جو حصو بڻائڻ جو نتيجو ذهني غلامي، انتهاپسندي ۽ سماجي پسماندگيءَ جي صورت ۾ نڪتو آهي.

اسان جي حڪومت کي اھو سمجھڻو پوندو ته تخليقي ۽ تحقيقي سوچ پاڪستان جي بقا ۾ ڪابه رڪاوٽ نه آھي. پاڪستان روشن خيال ۽ سيڪيولر نظرين سان گڏ ھلي سگھي ٿو. پاڪستان جي تعليم کي اعتقادي سوچ کان آجو ڪري، تعليمي نصاب کي جديد سائنس، فلسفي، ۽ تاريخ جي بنياد تي ترتيب ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته تنقيدي سوچ ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت کي نصاب جو حصو بڻايو وڃي. شاگردن کي تجرباتي سوچ جي سکيا ڏني وڃي ته جيئن هو مشاهدي ۽ تجربن جي بنياد تي حقيقتن کي سمجهي سگهن. يونيورسٽين ۾ آزاديءَ اظهار کي هٿي ڏني وڃي. شاگردن کي مختلف نظرين تي بحث ڪرڻ جي آزادي ڏني وڃي. تحقيق جي ميدان ۾ غير ضروري بندشن کي ختم ڪيو وڃي. عالمي معيار تي پوري لهندڙ نصاب کي اختيار ڪيو وڃي.

مذهبي قانونن تي نظرثاني ڪري سخت قانونن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ان جو غلط استعمال روڪي سگهجي. عقيدي جي نالي تي ٿيندڙ انتهاپسنديءَ خلاف مضبوط قانون جوڙيا وڃن. حڪومتي پاليسين کي عقيدي کان آزاد ڪري، سائنس ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سيڪيولر سياسي تحريڪ کي هٿي ڏني وڃي. سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو مذهب بدران معيشت، تعليم ۽ صحت جهڙن مسئلن تي ڌيان ڏين. عوام کي باشعور بڻايو وڃي ته جيئن هو مذهب تي ٻڌل سياست کان پاسو ڪن. ان صورتحال ۾ تبديلي آڻڻ واسطي حڪومت، ميڊيا، انصاف جي ادارن توڙي روشن خيال فردن کي پنھنجو گڏيل ڪردار ادا ڪري، سماج تي مثبت اثر وجھڻ واسطي ٻه قومي نظريي کان مٿانهون ٿي، ملڪ اندر عقلي ۽ منطقي سوچ کي هٿي ڏيڻي پوندي.

***