ارباب دوست محمد دوست، ولد منٺار نهڙيو پاڻ ضلعي ٿرپارڪر جي مشهور قديمي ڳوٺ ڀڪڙيو تعلقي ڏيپلي يو سي کيتلاري ۾ سن 1921ع ۾ پيدا ٿيا، پاڻ سنڌي فائنل پاس هئا، پاڻ سڄي حياتي پرائمري تعليم سان لاڳاپيل رهيا. سندن پرائمري تعليم ضلعي بدين ۾ ٿي، پوءِ فائنل پاس ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا، جنهن بعد ڪافي عرصي تائين ڊگهڙي ۾ به تعليمي خدمات سرانجام ڏنائون 1942ع ۾ تعلقي ڏيپلي آيا ۽ ڳوٺ کوروڙو،گرڙاٻھ، ڪلوئي، کيتلاري جنهن بعد پنهنجي ڳوٺ ڀڪڙيو ۾ حسن و خوبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏنائون. پاڻ پنهنجي وقت جا بهترين استاد شمار ٿيندا هئا. خاص طور تي رياضي ۽ گرامر ۾ ته پنهنجي وقت جا ناميارا استاد شمار ٿيندا هئا. ان نموني خدمتون سرانجام ڏيندي رٽائرمينٽ اختيار ڪيائون. پاڻ پنهنجي وقت ۾ بهترين اديب، ڏاها، مثالي شاعر، سگهڙ ۽ مجلس جا مور هئا. خصوصن شاعري ۾ سندن غزل، ڪافيون، بيت، چوسٽا، حمد، نعت ۽ الميه ۽ طربيه سميت هر صنف ۾ خوب طبع آزمائي ڪيائون. ادب جي هر صنف ۾ بي مثال خدمون سرانجام ڏنائون. سندن مڙني شعرن کي مرتب ڪيو وڃي ته ڪيترائي شاهڪار ديوان مرتب ٿي سگهن ٿا. منهنجي سائين سان پهرين ملاقات ارباب عطاءُ الله سابق منسٽر جي مٺي اوطاق تي ٿي، جتي آئون تازو ئي دستاربندي ڪري، مشرقي ٻولين ۾ مولوي فاضل، منشي فارسي، اديب سنڌي کانسواءِ اديب اردو وغيره مڪمل ڪري مدرسه مظهر العلوم ستار آباد ۾ هڪ مدرس طور مقرر ٿيو هئس، جتي مرحوم ارباب دوست محمد دوست مون کي هر وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ محو ڏسي بار بار دعائون ڏيندا هئا. محبت سان پٺي ٺپريندا هئا ۽ چوندا هئا ته ايتري محنت شاقه توهان جي صحت تي خراب اثر وجهندي. اهو مهر وفا جو رشتو پاڻ آخري پساهن تائين جاري رکيائون. جڏهن به ڪو نئون غزل يا شعر سرجيندا هئا ته مون کي پاڻ اچي پنهنجي خوبصورت انداز ۾ ٻڌائيندا هئا يا پنهنجي خوبصورت اکرن سان لکي، ڪنهن قاصد هٿان موڪليندا هئا. هن جون ڪچهريون ٻڌڻ وٽان هيون، کين ارباب عطاءُ الله ماڻهو موڪلي ڪچهري لاءِ طلب ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ارباب صاحب سندن ڳوٺ ڀڪڙيو پهچي سندن علمي محفل مان استفادو ڪندو هو. ڇو ته ارباب صاحب جا ارباب نبي بخش ۽ ارباب علي بخش سان سٺا تعلقات هئا. هن جو ارباب هئڻ باوجود کين سرداري يا سياست جو شوق نه جاڳيو هو. هو هميشه علم، ادب، تهذيب ۽ سنڌي ثقافت سان محبت رکندو هو ۽ وڏيرپ، سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام سان سندن اتفاق نه هو سائين دوست محمد دوست سنڌي ۽ فارسي جو ته ماهر هو. پاڻ وڏو سخن شناس ۽ دورانديش انسان هو. ڳالهين جو ڳهير، محفل جو مور، سخنور ۽ سخن سناش هوندو هو. پاڻ وڏا دلعزيز ۽ هر انسان کي محبت ڏيندڙ، بذله سنج، سخن پرور، خوددار انسان هو. پاڻ هميشه منصف مزاج، خوش طبع، سخنور، ساده دل هو.