بلاگنئون

وادي ريگستان جو ڪهنه مشق شاعر ارباب دوست محمد ”دوست“

ارباب دوست محمد دوست، ولد منٺار نهڙيو پاڻ ضلعي ٿرپارڪر جي مشهور قديمي ڳوٺ ڀڪڙيو تعلقي ڏيپلي يو سي کيتلاري ۾ سن 1921ع ۾ پيدا ٿيا، پاڻ سنڌي فائنل پاس هئا، پاڻ سڄي حياتي پرائمري تعليم سان لاڳاپيل رهيا. سندن پرائمري تعليم ضلعي بدين ۾ ٿي، پوءِ فائنل پاس ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا، جنهن بعد ڪافي عرصي تائين ڊگهڙي ۾ به تعليمي خدمات سرانجام ڏنائون 1942ع ۾ تعلقي ڏيپلي آيا ۽ ڳوٺ کوروڙو،گرڙاٻھ، ڪلوئي، کيتلاري جنهن بعد پنهنجي ڳوٺ ڀڪڙيو ۾ حسن و خوبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏنائون. پاڻ پنهنجي وقت جا بهترين استاد شمار ٿيندا هئا. خاص طور تي رياضي ۽ گرامر ۾ ته پنهنجي وقت جا ناميارا استاد شمار ٿيندا هئا. ان نموني خدمتون سرانجام ڏيندي رٽائرمينٽ اختيار ڪيائون. پاڻ پنهنجي وقت ۾ بهترين اديب، ڏاها، مثالي شاعر، سگهڙ ۽ مجلس جا مور هئا. خصوصن شاعري ۾ سندن غزل، ڪافيون، بيت، چوسٽا، حمد، نعت ۽ الميه ۽ طربيه سميت هر صنف ۾ خوب طبع آزمائي ڪيائون. ادب جي هر صنف ۾ بي مثال خدمون سرانجام ڏنائون. سندن مڙني شعرن کي مرتب ڪيو وڃي ته ڪيترائي شاهڪار ديوان مرتب ٿي سگهن ٿا. منهنجي سائين سان پهرين ملاقات ارباب عطاءُ الله سابق منسٽر جي مٺي اوطاق تي ٿي، جتي آئون تازو ئي دستاربندي ڪري، مشرقي ٻولين ۾ مولوي فاضل، منشي فارسي، اديب سنڌي کانسواءِ اديب اردو وغيره مڪمل ڪري مدرسه مظهر العلوم ستار آباد ۾ هڪ مدرس طور مقرر ٿيو هئس، جتي مرحوم ارباب دوست محمد دوست مون کي هر وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ محو ڏسي بار بار دعائون ڏيندا هئا. محبت سان پٺي ٺپريندا هئا ۽ چوندا هئا ته ايتري محنت شاقه توهان جي صحت تي خراب اثر وجهندي. اهو مهر وفا جو رشتو پاڻ آخري پساهن تائين جاري رکيائون. جڏهن به ڪو نئون غزل يا شعر سرجيندا هئا ته مون کي پاڻ اچي پنهنجي خوبصورت انداز ۾ ٻڌائيندا هئا يا پنهنجي خوبصورت اکرن سان لکي، ڪنهن قاصد هٿان موڪليندا هئا. هن جون ڪچهريون ٻڌڻ وٽان هيون، کين ارباب عطاءُ الله ماڻهو موڪلي ڪچهري لاءِ طلب ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ارباب صاحب سندن ڳوٺ ڀڪڙيو پهچي سندن علمي محفل مان استفادو ڪندو هو. ڇو ته ارباب صاحب جا ارباب نبي بخش ۽ ارباب علي بخش سان سٺا تعلقات هئا. هن جو ارباب هئڻ باوجود کين سرداري يا سياست جو شوق نه جاڳيو هو. هو هميشه علم، ادب، تهذيب ۽ سنڌي ثقافت سان محبت رکندو هو ۽ وڏيرپ، سرداري ۽ ڀوتارڪي نظام سان سندن اتفاق نه هو سائين دوست محمد دوست سنڌي ۽ فارسي جو ته ماهر هو. پاڻ وڏو سخن شناس ۽ دورانديش انسان هو. ڳالهين جو ڳهير، محفل جو مور، سخنور ۽ سخن سناش هوندو هو. پاڻ وڏا دلعزيز ۽ هر انسان کي محبت ڏيندڙ، بذله سنج، سخن پرور، خوددار انسان هو. پاڻ هميشه منصف مزاج، خوش طبع، سخنور، ساده دل هو.

مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين.

سندن عڪس ڪجھ ريت هو، قد ڊگهو، سگهارو، صحتمند، سنهون جسم، چهري تي ڪتريل سفيد ڏاڙهي، ننڍيون مڇون، گندم گون رنگت، سندن بت ۾ گذريل جواني جا خوبصورت اهڃاڻ ان وقت به نمايان نظر پيا ايندا هئا. صاف، شفاف، شلوار قميص ۾ ملبوس هميشه کل مک پيا نظر ايندا هئا. پاڻ ڪڏهن ته سائين ۽ محمد موسيٰ نهڙيو وٽ ستون ميل تي ايندا هئا، جتي سندن ڪچهري ٻڌڻ جهڙي هوندي هئي. هونئن به سندن ڳوٺ جنم ڀومي ڳوٺ ڀڪڙيو پڻ مردم خيز ڌرتي رهي آهي، جتي مثالي مشاهير پيدا ٿيا، جن مان ارباب مراد علي ايڊووڪيٽ، ارباب شير محمد، ارباب غلام رسول، ارباب علي بخش، ارباب نبي بخش، سائين محمد منٺار جهڙيون مثالي شخصيتون پيدا ٿيون، اهڙن ماڻهن کي پسي هاڻي اکيون پيون سڪن الله بس باقي هوس هي دنيا فاني آهي.

هلڻ هارا سپرين روئان تان رهن،

آئون جهليندي ڪيترو آيل سامونڊين

پڳھ ڇوڙي جن ٻيڙا وڌا تار ۾- (شاهه).

ارباب دوست محمد جتي ڪچهري جج، سگهڙ ۽ مثالي شاعر هو اتي هو بهترين نثر نويس پڻ هو، جنهن جي مثال لاءِ ان وقت جي ٽماهي “مهراڻ” ۾ ٿر جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ تي شايع ٿيل سندن مضامين بلند معيار جا آهن. هو پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي مجموعي ڪلام کي ٻن اهم حصن ۾ مرتب ڪري انهن مجموعن جا نالا پڻ پاڻ تجويز ڪري ويو هو (1) نشان دوست (2) سڏڪا ۽ سڏ.

مرحوم دوست محمد دوست جو مطالعو ۽ مشاهدو انتهائي. وسيع ۽ عميق هو. هو دکن ۽ مايوسين ۾ جتي اميد ۽ آس کان ڪم وٺي ٿو اتي هن جي شاعري ۾ ڪٿي هجر ۽ وصال جو تذڪرو به ملي ٿو. ڪٿي وري التجا، ارمان، معافي، ميارن، انگل آرا، عرض، التماس پڻ اکين اڳيان اچي وڃي  هن شيشي جهڙين دلين جو ڀڃي ڀورا ٿيڻ، آرزوئن، ارمانن جو اڌورو رهڻ، هيڻائي ۽ هيڪلائي جهڙين انيڪ موضوعن تي سندس شاعري جون شعلا بيانيون نشاندهي ڪن ٿيون. ڪٿي انگل آرا ڪاڪل ۽ ڪاجل نيڻن جي خمار، ابرو، جام ۽ ساقي جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن ڪچي وهي ۾ شباب ڀريون نازڪ ڪٿائون پڻ بيان ٿيل آهن. مطلب ته ڏٺو وڃي ته “دوست” جي شعور ڀري شاعري ۾ اهي مڙوئي اوصاف حميده نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ پڪي پختي ڪهنه مشق الفاظ ۽ اصطلاحن تي عبور رکندڙ ڪنهن معياري شاعر ۾ هجڻ گهرجن. هو فني لحاظ کان هڪ معتبر ۽ معياري جڳھ تي بيٺل نظر اچي ٿو. هو پنهنجي طبع ۽ سچيت سنجيده با وقار ٻولي جي شائتسگي، شگفتگي، سادگي، سچائي، معنيٰ، مطالب ۽ مفاهيم جي استعمال ۾ وڏي ڏات ۽ ڏان جو ڌڻي پيو محسوس ٿئي. وڏي ڳالھ ته هن ٿر ۽ ٿاريلين جي سٻاجهي ٻاجهاري ٻولي جو استعمال ڪري پاڻ کي هڪ سچو مانائتو ماروئڙو محسوس ڪرايو آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ ٿر جي ٿوهرن جي ڪڙاڻ، پاڻي لاءِ پياسي ڌرتي اونهائين کوهن ۽ تتل ڀٽن تي لڪون ۽ جهولا مارئي جي ملڪ جي ڏٿ جي مهڪ، ٿر جا اوکا اڙانگا پنڌ ۽ پيچرا ڀٽون ۽ ڏهر، مڙها ۽ ماٿريون، پلر جي پالوٽ، تاڙي جي تنوارين، پاڻيهارين پدمڻين جي پاڻ ۾ پرڀت جو تذڪرو “دوست” مرحوم جي شاعري ۾ خوب ملي ٿو. ڪٿي هن ڀيڄ ڀني جي حسين منظر ڪشي ڪئي آهي. هونئن به غزل ته سونهن سوڀيا پيار پاٻوھ جو ٻيو نانءُ آهي. بهرحال هو پنهنجي غزلن ۾ سونهن، سوڀيا، حسن و جمال، محبوب جا ماڻا، انگل ۽ آرا، درد ۽ وڇوڙن جي حيرت انگزيز داستان سموئڻ جي سگھ رکي ٿو. مختصر طور دوست محمد “دوست” جي شاعري جي ڪتاب جي سٽ سٽ ۾ سڪ، سوز ۽ گداز سمايل آهي. هو نه فقط مطالب و معنيٰ واردات قلب جا موتي ميڙي پڙهندڙن جا جهول ڀري ٿو، ذاتي لحاظ کان ويجهڙائي ۾ ته پاڻ حليم الطبع، خوش گفتار، شگفته مزاج، مهذب ۽ مانائتا انسان هئا. هن جي گفتگو ٻڌڻ سان معلوم ٿيندو هو ته هن وٽ زبان ۽ بيان جو تازو وهڪرو پيو وهندو هو ۽ هن جي شاعري ۾ هر هنڌ بي ساختگي، علمي پختگي، عاليشان اسلوب بيان، سچائي سادگي ۽ ٿري ماحول جي منظر نگاري نمايان نظر اچي ٿي. هاڻي هن جي شاعري مان بطور مثال چند بند عرض خدمت آهن:

تفنگ تير تبر آهن اهي سڏڪا ۽ سڏ منهنجا،

ڏکارن جا ڏمر آهن اهي سڏڪا ۽ سڏ منهنجا،

سڻائي دوست اڄ ڪنهن کي سمورا سومني جا،

متان سمجهو منڪر آهن اهي، سڏڪا ۽ سڏ منهنجا.

هي علم ۽ ادب جو وهائو ستارو وادي ريگستان جي مثالي ۽ معياري شاعر پنهنجي پويان اڪيلو هڪ پٽ اسدالله يادگار ڇڏي هن جهان فاني مان تاريخ 4 اپريل 2003ع تي عالم جاوداني جو سفر اختيار ڪيو۔ الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون وسن ۽ سندس مدايون مرهي مدايون ميٽي- آمين.

خدا معلوم ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاواسون،

دامن صحرا ۾ ٽڙياسون خوشبوءِ اجائي وئي.

***