بلاگنئون

لطيف جي شاعريءَ جون خوبيون ۽ خاصيتون

لطيف دنيا جو اهو عظيم شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ اها چس ۽ رس ڀريل آهي، جنهن سان زبان کي ذائقو، دل کي سڪون ۽ دماغ کي سوچڻ لاءِ نئون مقصد ملي ٿو. شاھ صاحب وائيءَ جو اهو مها ساگر آهي، جنهن ۾ روح غوطا کائي، تازو، توانو ۽ نت نئون ٿي ويندو آھي. جڏھن سندس وايُون تنبوري جي تارُن مان نڪتل دلڪش ۽ پُرڪشش سُرن سان گڏ جهونگاربيون آهن ته اهي سُر دل جي پڌر تي اهڙو سڪون، راحت ۽ فرحت وارو بخملي بستر پَٿاري ڇڏينديون آهن، جيڪي روح کي سڪون پيون بخشينديون آهن. تنبوري جي تارَ دل جي تارَ سان جُڙِي، ٻڌندڙ کي هن ڪُوڙِي دنيا کان ڪَٽي حقيقي دنيا سان وڃي جوڙيندي آهي. سندس شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ موتين جي جَڙيل اها مالها آهي، جنهن جو مُلھه دنيا جو ڪوبه جوهرِي نٿو لڳائي سگهي. شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ خوبين ۽ خاصيتن جو اهو انبار آهي، جو لامحدود ۽ اَمُلھ آهي. سندس شاعريءَ ۾ سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت اعليٰ معيار جي آهي. هيٺ سندس شاعريءَ جون ڪجھه خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪجن ٿيون:
(1) سلاست:(Lucidity)
سلاست، سليس مان کنيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آھي، آسان، سولو، سادو، سَهنجو يا عام فهم. مطلب ته شاعريءَ ۾ آسان ٻولي يعني آسان لفظ استعمال ڪرڻ، جنھن سان پڙهندڙ يا ٻڌندڙ اڳ واقف هجي.
مثال:
تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي وسار،
تن ۾ تند تنوار، سدا سپرينءَ جي.
اهڙي عام فهم وارا کوڙ سارا بيت لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا، جن کي پڙهڻ سان ئي ذهن ان جي ڳر، جوهر ۽ مقصد تائين پھچي وڃي ٿو. استعارا ۽ تشبيھون به ايتريون ته ساديون ۽ سوليون استعمال ٿيل آهن، جو ھر پڙهندڙ ان کي يڪدم پروڙي وٺي ٿو.
مثال:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل، چنبيلئا، ها ها هو هَٻيس.
پئسو سونه سيد چئي، نِيه اچن نَيش،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄَهي.
هن بيت ۾ لباس کي شاھ صاحب گلن سان مشابهت ڏني آهي، جيئن ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته:
ڪوهيارو ٿي ڪاتُ، مُيون مارڻ آئيو،
هوءِ مر هوت حيات، آئون مُيائي گھورِي.
هن بيت ۾ شاھ صاحب ڪوهياري کي ڪات ڪري ڪوٺيو آهي، ان قسم جي ڀيٽا کي استعارو سڏبو آهي.
(2) فصاحت(Oratory) :
فصاحت عربي ٻوليءَ جي لفظ “فصيح” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، خوش گفتاري يا ميٺاج وارو ڪلام يعني شعر جي هڪ اهڙي خوبي جنهن کي اچارڻ سان زبان کي ڪا به تڪليف، هَٻڪ يا رنڊڪ محسوس نه ٿئي. پڙهندڙ روانگيءَ سان پڙھي وڃي، مطلب ته شاعريءَ ۾ اهڙا رس ڀريا لفظ استعمال ٿيل هجن، جو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي دلچسپ لڳن. پڙهيل لکيل ته ڇا، پر ڪو اڻ پڙھيو يا ٻار به ٻُڌل بيت کي ورجائي ته ان کي ڏکيائي محسوس نه ٿئي. شاھ صاحب جي شاعريءَ جي اها خوبي ايڏي ته شاهڪار آهي، جو جيڪڏهن ڪو بيت ڪنهن جو پڙهيل يا صرف ٻُڌل ئي ھجي ته ان کي يڪدم ذھن نشين ٿي ويندو ۽ اھو بيت ان کي سڄيءَ ڄمار نه وسرندو. ان جو مثال ته ان جو سمورو رسالو آهي، پر شاھ صاحب جي سُر ڪلياڻ جو هڪ آفاقي بيت هن خوبيءَ جو اعليٰ نمونو آهي.
مثال:
اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آه قديم،
والي، واحد، وحده، رازق، رب رحيم،
سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙُون جوڙ جهان جي.
(3) بلاغت(Eloquence) :
بلاغت عربي ٻوليءَ جي لفظ بليغ مان کنيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي پورو، مڪمل، موقعي مناسبت سان. مطلب ته شعر جي هڪ اهڙي خاصيت، جيڪا مختصر پر وزندار هجي، شعر ۾ استعمال ٿيل لفظ، وقت، حالت ۽ موقعي جي مناسبت سان ھجن. بلاغت شاعريءَ جي اها خوبي آهي، جيڪا شعر ۾ شاعر جي اصل مقصد ۽ ڪارج جي مڪمل ادائگي ڪري ٿي. يعني شعر ۾ معنوي خوبي، شِيرين ڪلامي، خوش روانِي، خوش گفتاري ۽ موقعي مطابق موزون لفظن جي اهڙي اعليٰ معياري جڙاوت ٿيل هجي، جنھن ۾ مقصد جي چِٽي پَڌرائِي ظاهر هجي جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو خيال يڪدم اوڏانهن ڦيرو کائي وڃي. مطلب ته بلاغت شاعريءَ جي اها خوبي آهي، جيڪا شعر جي آسان لفظن ۾ لڪيل حقيقي اعليٰ معيار جي باطني مقصد کي ظاهر ڪري، جيئن شاھ صاحب سر سسئيءَ ۾ هي تمثيلي بيت چوي ٿو ته:
تو جو ٻول ٻروچ، ويهي ڪيو وڻڪار ۾،
سو ئي پارج هوت، وِلهيءَ مون معذور سين.
ان جي جوابي بيت ۾ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته:
پھرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهونءَ تي،
ٻول م وساريج، هو جو ڪيو هوت سين.
(4) جدت(Modernity) :
جدت عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب نواڻ، تازگي، نئون ٿيڻ آهي. اصطلاحي مفهوم ڏسبو ته جدت شاعريءَ جي هڪ اها خاصيت آهي، جنهن موجب شاعريءَ ۾ نوان نوان لفظ، نيون نيون تشبيهون، نوان موضوع ۽ نيون ترڪيبون هجن، جنھن مان جوش ۽ جذبو نروار ٿئي ۽ روح کي تازگي ميسر ٿئي. جدت جو ابتڙ لفظ قدامت(Conservative) آهي، جنهن جي معنيٰ پراڻو، قديم يا گذريل آهي. هونئن ته ادب جي دنيا ۾ هر شعر يا نظم جديد هوندو آهي، پر موضوع ۾ جديد دور جي عڪاسي ٿيل هجي، جيڪا هلندڙ دور جي حالتن مطابق هجي ته ان کي ئي جدت چئبو آھي. شاھ لطيف جي شاعريءَ جي اها وڏي ۾ وڏي خوبي آهي، جو هر دور جي موضوعن ۽ مسئلن، مونجهارن ۽ معاملن تي ڪو نه ڪو بيت ٺهڪي اچي ٿو، جيڪو ان سموري معاملي کي سمجهڻ ۽ ان کي سلجهائڻ تائين رهنمائي ڪري ٿو، ڇو ته شاھ لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ ۾ انساني سماج جي ازل کان وٺي سمورن لقائن ۽ نفسياتي مونجهارن ۽ مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي.
مثال:
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
ٻيو مثال:
جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
ٻاريندو ٻيو ڪير، کاهوڙي کير رِي.
ٽيون مثال:
کرکڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
لاکيڻي لطيف ۽ ان جي شاعريءَ کي اڄ ٽي سئو سالن کان به مٿي عرصو ٿي چڪو آھي، پر اڄ به سندس شاعريءَ ۾ سمايل سندس فڪر، سوچ ۽ خيال ھر روز نئون محسوس ٿيندو آھي، اهو ئي سبب آھي جو اڄ تائين لطيف تي محقق، ليکڪ، دانشور، پارکو ڪنهن نه ڪنهن نئين موضوع تي، نئين زاويي کان تحقيق ڪندا رھن ٿا. محققن جي محدود سوچ جو پيمانو لطيف جي فڪر آڏو کُٽي پوي ٿو. لطيفي فڪر اهو سمنڊ آهي، جنهن ۾ موتي، قيمتي هيرا ۽ پٿر ۽ ٻيون انيڪ شيون موجود آهن، جو به ان ۾ ٽُٻي هڻي ٿو، کيس ڪو نه ڪو موتي ضرور پلئه پوي ٿو. لطيفي فڪر قديم ۽ جديد جو امتزاج آهي. شاهه صاحب جون اهي ئي خوبيون ۽ خاصيتون آهن، جيڪي کيس باقي دنيا جي ٻين شاعرن کان مٿانهون، منفرد، ۽ دلچسپ بڻائين ٿيون.
***