بلاگنئون

خالد صديقي جي تعصب پرستي تي ٻڌل پريس ڪانفرنس

پاڪستان جون حالتون ڪٿي بيٺل آھن اھو فڪر ۽ احساس سڀني محب وطن پاڪستانين خاص طور سنڌ واسين کي گھڻو آھي. ھنن حالتن ۾ مقبول صديقي جھڙو نسل پرست ۽ نفرتون عام ڪندڙ پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙ نام نھاد حڪومت ۾ ويٺل جنگجو ذھنيت رکندڙ نالي جو سياستدان خطرناڪ حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت پريس ڪانفرنسن ۾ زھر اوڳاڇيندو رھي ٿو. حيرت ان تي ٿئي ٿي جو “پيمرا” پاڪستان جا ميڊيا چينلز ھن تعصب پرست جا بيان پکيڙڻ لاءِ چينلن تي وقت ڏئي پاڻ به نفرت انگيز مهم ۾ جھڙوڪر تعصب کي عام ڪندي لساني فساد ڪرائڻ جي راھ ھموار ڪرڻ لڳا آھن. پيمرا نالي ادارو سنڌ ۾ ھن خالد صديقي ۽ سندس ٻين چند ساٿين جي ملڪ دشمن تعصب پرستي سان گڏ بيٺل ڏسجي ٿو، جنھن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سميت داخلا جي وزارتن کي اپيل ڪجي ٿي.
ھي شخص سدائين حڪومتن سان رھيا سرڪارن ۽ وزارتن جا مزا ورتا خاص ڪري پ پ جي اڳواڻن سان خوش رھيا. اڄ به ھي وفاق ۾ اقتداري مفادن سان نوازيل آھن. ٻئي طرف ھي اھڙين پراڻي روايتن تي ھلندي تعصب پرستي تي ٻڌل پريس ڪانفرنس ڪري عوام ۾ نفرتون وجھڻ، فساد ڪرائڻ پنهنجي ساک کي اردو ڳالهائيندڙن اڳيان بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ واسطي خطرناڪ راند کيڏڻ لڳو آھي. جنھن ڪري وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت کي قدم کڻي پڇاڻو ڪرڻ گھرجي. اڄ جڏھن سنڌ جا ماڻھو پاڻ ۾ محبتن سان رھن پيا، تعصب پرستي جا لاڙا گهٽ ٿيڻ لڳا آھن، تڏھن ھي پراڻا مسئلا کڻي عوام جون ناڪام ھمدرديون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ميڊيا جو سھارو وٺي بدگمانيون پيدا ڪري ڇا ٿا ڪرڻ چاھين ڪھڙيون حالتون پيدا ڪرڻ گهرن ٿا؟ اڄ ھنن کي اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جون پاليسيون ياد اچڻ انھن تي الزام بازي ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي آھي. جڏھن تي پ پ حڪومتن توڙي پ پ جي چيئرمين سان ساٿ ۾ رھيا آھن. صدر آصف علي زرداري کي سندن ووٽ به مليا جيڪو پ پ جو اڳواڻ ۽ ھاڻ صدر پاڪستان جي ڪرسي تي ويٺل آھي. مقبول صديقي جي روايت رھي آھي ته پاڻ حڪومتن جا لطف به وٺي ٿو ۽ تعصب پرستي کي ھوا به ڏئي ٿو، ڪوٽا سسٽم تي عوام ۾ نفرتن کي جاڳائڻ ۽ ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ جھڙا معاملا بنياد بنائي دٻاءُ ۾ رکي وڌيڪ فائدا وٺي ٿو.
پهرين جولاءِ تي پريس ڪانفرنس ۾ ساڳي قسم جي بڇڙي سياست ڪندي فساد ڪرائڻ واري ڌپ ٿي محسوس ٿئي جنھن کي ھوا ڏيندي ھو بليڪ ميلنگ تي پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ گهري ٿو. حڪومتن ۾ رھڻ دوران کين اڄوڪيون جيڪي الزام تراشيون ڪيون ويون سي ياد نٿيون رھن يا حڪومت جا ساٿاري ٿيندي اھي مسئلا حل نٿا ڪرائين!؟ ھي ان ڪري اھي معاملا ۽ مسئلا حل نٿا ڪرائين يا وزارتن جي ملڻ کان پوءِ آواز بلند ڪرڻ بجاءِ خاموشي اختيار ڪريو ويھو رھن جيئن انھن مسئلن جي آڌار اڳتي وقت ضرورت پنھنجي تعصيب پرستي لسانيت تي ٻڌل سياست جي دڪانداري چالو رکي سگھن ۽ ڪراچي خصوصن اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جي ڳالھ ڪري ھيرو بڻجڻ چاھي ٿو، پر کيس يا سندس ساٿين کي خبر ھجڻ گهرجي ته گاديءَ واري هنڌ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۽ پاڪستان جي محب وطن عوام سندن مفادن، چالبازين، دھشتگردين، اغوائن، ٻوري بند لاشن، ڀتا خورين، حڪومتن ۽ سياسي شخصيتن سان رھڻ ۽ وري مٿان تنقيدون ڪرڻ وارين چالبازين ھيرا ڦيرين مطلب پرستين خاص ڪري سنڌ سان حرامخورين کي سمجھي ورتو آھي.
ھاڻ لساني سياست جا بنياد سندن ڪرتوتن فسادن، ملڪ دشمني سبب ڊھي چڪا آھن. ھاڻ سنڌ واسي پنھنجي صوبي جي گڏيل مفادن واسطي پنھنجو طاقتور آواز اٿاريندي بجلي، گيس، پاڻي رستن جي فراھمي، امن سلامتي، منشيات جي نيٽ ورڪ جي خاتمي، روزگار، ترقي، خوشحالي، ڪرپشن جي خاتمي، ميرٽ جي لتاڙ نه ڪرڻ، انصاف، حقيقي جمھوريت، ناجائز ٽيڪسن کي ختم ڪرڻ بجلي گيس جي بلن ۾ موتمار اضافي کي ختم ڪرڻ. زراعت جي واڌاري ۽ فائدا ڏيڻ، اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين ۾ سستي تعليم جي سر عام ڳالھ ڪرڻ لڳا آھن ھنن حالتن ۾ اڄ جڏھن بجلي گيس جي بندشن ناجائز بلن جي خاتمي امن امان بابت ھڙتال جو سڏ ڏنل آھي ان وقت خالد صديقي جھڙي جڳاڙي بليڪ ميلر کي پنهنجي تعصب پرستي واري سياست ياد اچي وئي آھي، جنھن جو ڪو به مقصد نه ھو سواءِ ان جي ته وڳوڙ واريون حالتون پيدا ڪري اھم مسئلن تان عوام جو ڌيان ھٽايو وڃي.
وفاقي حڪومت ۽ خاص طور سنڌ سرڪار کي هن پريس ڪانفرنس جو سختيءَ سان پڇاڻو ڪرڻ جي اپيل ڪندي پيمرا جھڙي قومي اداري توڙي چند نسلي مفاد رکندڙ “خالدي تعصب پرستن جي ساٿاري ٽي وي چينلن” کي ملڪي مفادن خلاف بگاڙ پيدا ڪندڙ بيان ۽ طويل پريس ڪانفرنسون نشر ڪرڻ خلاف قدم کڻڻ جي ضرورت سمجھي وڃي ٿي.