آغا سراج خان دراني، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو هڪ نمايان سياسي ڪردار، 14 آڪٽوبر 2025 تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پيپلزپارٽي جي قيادت جو سندس لاڏاڻي تي چوڻ هو ته سندس موت سڄي ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ خال ڇڏي ويو آهي، جنھن کي ڀرڻ سولو نه ٿيندو، پر ساڳئي وقت، آغا سراج دراني جي سياسي زندگي ڪيترن ئي تڪرارن، احتسابي ڪيسن ۽ طاقت جي راندين سان پڻ ڀريل رهي. جنھن تي تفصيل سان گفتگو ڪرڻ کان اڳ سندس تعارف ڪرائيندس ته آغا سراج دراني 5 آڪٽوبر 1953ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچي مان 1971 ۾ ڏهون درجو پاس ڪيائين. بيچلر آف ڪامرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ايل ايل بي مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. آغا سراج دراني جو سياسي سفر 1985ع واري پارٽي لاءِ آزاد اميدوار طور چونڊ سان شروع ٿيو، جنهن ۾ هن ۽ سندس ڀاءُ آغا صلاح الدين شڪارپور سيٽ لاءِ مقابلو ڪيو، پر شروعاتي طور تي ڪامياب نه ٿيا. هن پاڪستان پيپلزپارٽي سان وابستگي رکندي 1988ع ۾ پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي جي رڪنيت حاصل ڪئي. هن ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 31 مئي 2013 کان اسپيڪر ٿيو، جنهن عهدي تي لڳ ڀڳ 2024 تائين رهيو. مختصر وقت لاءِ ايڪٽنگ گورنر جو عهدو پڻ سنڀاليو. ياد رهي ته سراج دراني جو والد آغا صدرالدين دراني ۽ چاچو آغا بدرالدين، پڻ سنڌ اسيمبلي جا اسپيڪر يا نائب اسپيڪر رهيا. هن وفات بعد هڪ پٽ آغا شھباز خان ۽ چار ڌيئرون ڇڏيون آهن. آغا سراج دراني ڪجهه عرصي کان صحت جي ڪجهه مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. رپورٽن موجب دماغي رت ڀرڻ (برين هيمريج) سبب هو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. آخر 15 آڪٽوبر 2025 تي ان مرض سبب سندس وفات ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. سندس وفات تي پيپلزپارٽي جي خاص طور تي اڳواڻ قيادت سخت ڏک جو اظھار ڪيو. سندس ساراھ ۾ ڪيترائي ڪالم لکجي ويا جن ۾ اڪثر اهو لکيو ويو ته سندس خطاب ۾ تلخ لھجو ۽ جذباتي انداز هئس. اسيمبلي اندر سندس گفتگو هميشه ڌيان ڇڪائيندڙ رهي. هو پارٽي پاليسين جو مضبوط حامي ۽ تنقيد ڪندڙن لاءِ سخت جواب ڏيڻ وارو شخص سمجهيو ويندو هو. سراج دراني جي سياسي زندگي تڪرارن کان خالي نه رهي. قومي احتساب بيورو (نيب) کيس آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو. ڪيترائي مھينا جيل ۾ رهيو، پر پوءِ به اسپيڪر جي ڪرسي تي قابض رکڻ ڏنو ويو. سندس خلاف ڪرپشن جا ڪيس عدالتن ۾ هليا، پر آخري فيصلو اچڻ کان اڳ ئي هن دنيا کي الوداع چيائين. لکندڙن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني طاقت، رياستي ادارن ۽ عدالتي عمل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي علامت بڻجي ويو هو. جڏهن ته سندس حمايتي هن کي “وفادار، بهادر ۽ ڪامياب سياستدان” سمجهندا رهيا. سندس سياسي سفر جو وڏو حصو پارٽي قيادت سان وفاداري ۾ گذريو. ڪيترن ئي موقعن تي، آغا سراج کي سنڌ جي عوامي مسئلن کان وڌيڪ پارٽي بچاءُ ۾ سرگرم ڏٺو ويو. سنڌ جي صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن جي زوال تي سندس خاموشي، ان سوال کي جنم ڏئي ٿي ته ڇا هو واقعي عوامي خدمتگار هو يا صرف پارٽي جو نظرياتي سپاهي؟