گڏيل قومن 2018 لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سال 2018 لاءِ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نئين سال جي شروعات ۾ نيڪ خواهشون ڏنيون وينديون آهن. ان ڏس ۾ 2017 شروع ۾ مان دنيا کي امن جي اپيل ڪئي هئي پر ان جي ابتڙ دنيا ۾ امن جو عمل خراب ڪيو ويو هن سان آئون 2018 جي شروعات تي اپيل بدران ريڊ الرٽ جاري ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هن وقت ننڍن ننڍن ملڪن ايٽمي هٿيار ٺاهي ورتا آهن، جنهن سان نوان خطرا جنم وٺي رهيا آهن. ان کان علاوه دنيا ۾ قومپرستن جي ڪري ماڻهو پرڏيهين کي نا پسند ٿا ڪن ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ برداشت ئي نٿا ڪن جنهن ڪري انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي اڳواڻ پنهنجي عوام جو اعتماد بحال ڪن ۽ نئين سال جي موقعي تي اختلافن کي دور ڪرڻ جو عزم ڪن.