ايڊيٽوريل

سنڌ جي عوام لاءِ پيپلز پارٽي جو تحفو 20 لک 20 هزار ايڪڙ زمين ڪمپنيءَ حوالي

سنڌ جي ضلعي خيرپور جي تعلقي نارا ۾ موجود سنڌ صوبي جي سرڪاري زمين مان 20 لک ايڪڙ زمين گرين انيشيٽو لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي زرعي مقصدن جي لاءِ ليز تي ڏيڻ جو فيصلو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه ضلعي ڄامشوري اندر غريب ۽ بيواهه عورتن کي مليل 20 هزار ايڪڙ زمين پڻ ساڳي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪرڻ جي لاءِ سنڌ سرڪار قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي. اهڙو انڪشاف سنڌ جي هڪ نالي واري اخبار ۾ ڪيو ويو آهي.
خبر موجب ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جون الڳ الڳ گڏجاڻيون ڪيون آهن. هن سنڌ جي وزيراعليٰ کي حڪم ڪيو آهي ته مٿي ڄاڻايل 20 لک 20 هزار ايڪڙ زرعي زمين گرين انيشيٽو لميٽيڊ ڪمپنيءَ کي ڏني وڃي نه صرف زمين ڏني وڃي، پر انهيءَ ڪمپنيءَ کي 100 ارب رپيا بنا وياج قرض پڻ سنڌ سرڪار ڏئي ته جيئن اها ڪمپني انهيءَ زمين کي پوکي لائق بنائي سگهي يا ڪنهن ٻئي منصوبي جي لاءِ ڪتب آڻي سگهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اها زمين سنڌ جي عوام جي ملڪيت نه آهي؟ پيپلز پارٽي حڪومت جي ملڪيت آهي؟ جنهن کي سنڌ سرڪار پنهنجي مرضيءَ مطابق بنا ڪنهن قانون جي صرف پنهنجي پارٽي سربراهه جي حڪم تي ڪنهن به ڪمپنيءَ کي ڏيڻ جو اختيار رکي ٿي؟ ڇا سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي انهيءَ ڪري ووٽ ڏنو آهي ته سنڌ صوبي جا وسيلا سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪتب نه اچن؟ ۽ سنڌ جي بدحال عوام کي خوشحال بڻائي نه سگهجي؟ يا سنڌ جي عوام جي وسيلن کي بيدرديءَ سان غير قانوني طور ڪنهن ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو وڃي؟ ۽ سندن مستقبل گروي رکيو وڃي. نه صرف ايترو، پر صوبي جي عوام جي رت مان ۽ پگهر جي پورهئي مان حاصل ڪيل ٽيڪس کي بنا وياج جي ساڳي ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪا رقم پڻ 100 ارب رپيا هجي. جڏهن ته غريب عوام جي مٿان ٽيڪسن جي ڀرمار ڪئي وئي آهي. اهي ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي کي جيڪا گذريل 16 سالن کان مسلسل حڪومت ڪرڻ ڏني وئي آهي انهيءَ لاءِ حڪومت ڏيندڙ ڌرين جا شرط تمام سهڻي انداز سان پورا ٿي رهيا آهن. پيپلز پارٽي کي حڪومت شايد انهن شرطن تي ملي آهي ته سنڌ جي وسيلن کي سنڌ حڪومت مختلف ڪمپنين جي حوالي ڪندي رهندي، جن مان فائدو انهن ڪمپنين کي پوندو ۽ سنڌ جي عوام کي ان مان ڪوبه حصو نه ملندو. اهڙو ظلم ۽ زيادتي ته انگريز جي دور ۾ جڏهن برصغير هڪ ڪالوني بڻيل هو، ان وقت به نه ٿي. پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ به يقينن سنڌ مٿان حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو ويندو، باقي سنڌ جي عوام کي غلام بنائڻ لاءِ سندس پيرن هيٺان زمين کسڪائي پئي وڃي ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ تي ئي ڌاريو بڻجي ويندو. ڏٺو وڃي ته هينئر به سنڌ صوبو ڌارين جي لوڌ جي ڪري پنهنجا وسيلا ٻين قومن جي مٿان خرچ ڪري رهيو آهي. سنڌ جو اٻوجهه ۽ غريب ماڻهو پاڻ سان ٿيندڙ اهڙي ويڌن جي باري ۾ بي خبر آهي ۽ کيس جيڪڏهن خبر پئجي به وڃي ته ڪمزور آهي، پر سنڌ جو اهو طبقو جيڪو پاڻ کي دانشور سمجهي ٿو، ساڃاهه وند سمجهي ٿو، جيڪو پنهنجو آواز سگهاري نموني سان اٿاري سگهي ٿو، اهو پڻ خاموش آهي. سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار کي خاموشيءَ سان ڏسندو رهي ٿو يا وري انهيءَ طبقي کي به ڪنهن نه ڪنهن نموني سان پنهنجو حصو ملي رهيو آهي. سنڌ جا شهر هجن، سنڌ جي سامونڊي پٽين واريون زمينون هجن، سنڌ جون زرعي زمينون هجن يا سنڌ جي معدنيات هجي، سنڌ سرڪار سنڌ جي عوام جي انهن وسيلن کي پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ ترقي جي نالي تي مفت ۾ ورهائي رهي آهي. انهيءَ لاءِ ساڃاهه وند طبقي کي سندرو ٻڌي بيهڻو پوندو. هن وقت ڊي ايڇ اي کي مليل 6 هزار ايڪڙ زمين جي لاءِ هڪ سياسي پارٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. سنڌ جي ساڃاهه وند سڄڻن کي اهڙي قسم جون پٽيشنون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ جي عوام جي لاءِ هڪ آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ ضرورت آهي. ڇو ته سنڌ جي وسيلن تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي.
جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي ڪنهن به ڪمپنيءَ کي ان قسم جي سهولت ڏيڻي آهي ته ان لاءِ هن کي پهرين سنڌ اسيمبليءَ کان قانون سازي ڪرائي پوءِ اهو قدم کڻڻ گهرجي. نه ته سنڌ سرڪار جو هر کنيل قدم غير قانوني تصور ڪيو ويندو، جيئن ماضيءَ ۾ رياض ملڪ کي بحريه ٽائون لاءِ هڪ وڏي ايراضي ڏني وئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين متنازع بڻيل آهي. سنڌ جي عوام کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش بند ڪئي وڃي ۽ آئين کان ۽ قانون کان مٿانهان فيصلا نه ڪيا وڃن، جنهن جو نقصان نه صرف سنڌ جي عوام کي ٿيندو، پر پيپلز پارٽي جي حڪومت کي به ان جي زد ۾ اچڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو.