بلاگنئون

ٽنڊي غلام حيدر  ۾  ڳوٺ حسن ڪالرو جي  زمين تي قبضا ڪرڻ سبب ڇڪتاڻ

ٽنڊو غلام حيدر جي ھڪ ڳوٺ محمد حسن ڪالرو واسين کي پنهنجي زندگين جي بچاءُ قانوني انساني ۽ اسلامي طور طريقن سان ڳوٺاڻي ماحول جا بنيادي حق ۽ سھولتن جي طاقتورن پاران بندش ۽ رستا روڪ ڪرڻ زمينن تي ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ھٿيارن جي طاقتور زور تي قبضا ڪرڻ، ڳوٺاڻن کي گس نه ڏيڻ وارين تڪليفن ۽ ٻاھريان ويڙھاڪو جوان وٺي اچي ڊپ وارو عالم برپا ڪرڻ سبب نيٺ ڳوٺاڻن جڏھن ڏٺو ته ڪو والي وارث نٿو ٿئي، جن جن کي ووٽ جا نذرانا پيش ڪيا ويا سي خبر گيري لھڻ پسند نٿا ڪن تن جو ڏک ٿيو اٿن جن حال احوال نه ورتا ته پوءِ آخرڪار مجبوري وارين حالتن سبب محمد حسن ڪالرو ڳوٺ جي نيڪ مردن ۽ عورتن گڏجي جمهوري انداز ۾ امن ڀريو احتجاج ڪيو، جيئن سندن ڳوٺ جي بدلجندڙ قبضا گيري ۽ ڏاڍ مڙسي واري صورتحال تي حاڪمن جو ڌيان ڇڪائجي. پنهنجن انساني حقن واري ھن جائز مطالبي سبب ٽنڊو محمد خان ضلعي کان وٺي ڪيترن پسگردائي وارن ضلعن جي عوام توڙي انتظاميا جي اک کلي يا نه پر البته ھن “جمھوريت” جي نالي تي ھلندڙ دور ۾ جمهوري آواز اٿارڻ سبب ڳوٺاڻن جي داد رسي ۽ دل جوئي ڪرڻ بجاءِ خبرون مليون آھن ته پوليس جو ڏھڪاءُ حرڪت ۾ آيو آھي جن مظلومن کي ويتر وردي واري ظلم جي گهيري ۾ آڻي مٿانهن ڪيس داخل ڪرڻ وارو جابرانا عمل ڪري جھڙوڪر ظالمن کي ڳوٺاڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جي “خاص سلامي” ڏني آھي!؟ سيد مراد علي شاھ وزير اعليٰ سنڌ جي حاڪميت ۾ ھن قسم جو ظلم اھو به سيد نويد قمر جي تڪ واسي پ پ ووٽرن سان ٿئي ته پوءِ ڇا، پڪ سمجهون ته شھيد ڀٽن جي پارٽي  “پيپلزپارٽي کي ڪي پنهنجا سخت نقصان رسائڻ ۾ پيش پيش آھن…!”

اسان ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ محمد حسن ڪالرو واسين جي درد ڪٿا پ پ ايم اين اي ۽ ايم پي اي صاحبان سميت ادي فريال ٽالپر ۽ واسطيدار ڪمشنر صاحبان جي خدمت ۾ ڌيان ڇڪائيندي بس! ظالم ۽ مظلوم جو فرق ڪندي ڳوٺاڻن جي مڪمل مدد ڪرڻ ۽ سندن گهرجن کي پورو ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. جيئن ٽنڊو غلام حيدر جي پرامن راڄوڻي فضا ۾ ڪو تڪرار ڪنهن دشمني جا خطرناڪ جيوڙا جنم نه وٺن ۽ ھيءَ وسندي ساڳيءَ ريت امن ڀائيچاري واري ماحول ۾ پنهنجو روز مره جو وھنوار بغير ڪنهن خوف جي جاري رکي سگهي.

اميد ته ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان، ڊي آءِ جي پوليس واسطيدار ادارا پاڻ انصاف ڏيارڻ واسطي حالتن کي امن ڀريو رکڻ لاءِ جلد سر زمين جو دورو ڪري ڳوٺاڻن جون شڪايتون دور ڪرڻ جا قدم کڻندا ۽ سندن مٿان جبري ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو ويندو. ھن ڏس ۾ سماجي دوستن، سياسي ورڪرن ۽ انساني حقن جي ادارن جون ھمدرديون مظلومن سان ھر حال ۾ رھڻ گهرجن.