آرٽ گئلرينئون مصور ڪٿا:حبيب ڦلپوٽو اپريل 6, 2024 Zahida Abro قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جو اھم مرڪزي شھر نصيرآباد جنھن جي ساڄي پاسي 26 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي موھن جو دڙو ۽ کاٻي پاسي 40 ڪلو ميٽر فاصلي تي حمل ڍنڍ واقع آھي. نصيرآباد شھر ھڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو جنھن جي سر زمين تان ڪيترين ئي نامور شخصيتن جنم ورتو جن جا نالا ۽ ڪارناما ملڪ جي تاريخي ورقن ۾ سونھري لفظن ۾ محفوظ آھن. نصيرآباد جي ڳوٺ سعيد خان ڦلپوٽو ۾ ھڪ زميندار محمد حنيف ڦلپوٽو جي گھر 1988 ۾ پيدا ٿيندڙ منيئيچر آرٽسٽ (مصور) حبيب ڦلپوٽو به انھن نامور شخصيتن جي لسٽ ۾ شمار ڪيو وڃي ته ڪا ٻي راءِ نه ھوندي. حبيب ڦلپوٽو پرائمري تعليم سندس ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ ويجھي ڳوٺ جي اسڪول گورنمينٽ ھاءِ اسڪول موندر لاکا مان 2004 ۾ ۽ انٽر جي تعليم ھائر سيڪنڊري ڪاليج نصيرآباد مان 2006 ۾ حاصل ڪئي. حبيیب ڦلپوٽو ننڍپڻ کان ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواھش رکندو ھو، پر اتفاق سان حبيب ڦلپوٽو ڊاڪٽري واري شعبي طرف وڃڻ لاءِ گھربل مارڪون حاصل نه ڪري سگھيو، شايد قسمت سندس انھيءَ ۾ ساٿ ڏيڻ نه چاھيو ۽ هڪ مصور ٿيڻ تي مجبور ڪري سندس ساٿ نڀايو… حبيب ڦلپوٽو پرائمري کان ٻارھين جماعت دوران نصاب ۾ موجود نقش و نگار جي ڊرائنگ بغير ڪنھن سکيا جي بھترين انداز ۾ ڪندو رھندو ھو. حبيب ڦلپوٽو ڊاڪٽريءَ واري ڊوڙ کان ٻاھر نڪري وڃڻ سبب تيز رفتاريءَ سان گذرندڙ وقت کي ضايع ڪرڻ نه چاھيو ۽ ڊرائنگ ڪرڻ واري سنجيده ڪم کي وڌيڪ سنجيده بنائڻ چاھيو ۽ آرٽ جي باقائده سکيا حاصل ڪرڻ ۽ ٽيڪسٽائل ڊزائين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪرڻ لڳو، انھيءَ خواھش جي پورائي ڪرڻ جي موقعي جي تلاش ۾ لڳي ويو، انھيءَ تلاش دوران حبيب ڦلپوٽو کي ھڪ آرٽ ۽ ڊزائين اداري جي معلومات حاصل ٿي. انھيءَ معلومات جو ذريعو مرحوم منير احمد تنيو ھو جيڪو ان وقت انھيءَ اداري جو ملازم پڻ ھو. حبيب ڦلپوٽو منير احمد تنيو ۽ گھروارن جي مشوري سبب ڄامشورو اچي وسايو جتي آرٽ ۽ ڊزائين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. 2007 ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس آرٽ اينڊ ڊزائين موجوده شھيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائين ۽ ھيرٽيج ڄامشورو ۾ ٽيڪسٽائل شعبي ۾ سيٽون محدود ھجڻ سبب فائن آرٽ ۾ داخلا جو آپشن ڏنو ويو، فائن آرٽ ۾ داخلا واري آپشن لاءِ فيصلو ڪرڻ ھڪ ڏکيو مرحلو ھو گھڻي سوچ، ويچارن ۽ ھڪ آرٽسٽ استاد فتاح دائودپوٽو ۽ سينئرن جي صلاح مشوري کانپوءِ پنھنجي داخلا فائن آرٽ شعبي ۾ حاصل ڪئي. حبيب ڦلپوٽي لاءِ فائن آرٽ شعبو ھڪ وڏو ۽ ڏکيو چئلينج ھو جنھن کي ڏينھن رات آرٽ جون مشقون ڪري آسان بڻايو ۽ پنھنجي پاڻ کي فائن آرٽ جي تعليم طرف قائل ڪيو. فائن آرٽ جي تعليم دوران ٻئين ۽ ٽئين سال ۾ فائن آرٽ جي تمام صورتن جھڙوڪ: پينٽنگ، مجسما سازي، منيئيچر پينٽنگ، سيرامڪ ۾ ماھر استادن جي نگراني ۾ آرٽ جي مھارتن ۾ لاتعداد اضافو آندو، فائن آرٽ جي آخري سال آرٽ جي مھارتن جي بنياد تي پنهنجو ميجر سبجيڪٽ منيئيچر پينٽنگ منتخب ڪيو ۽ 2011 ۾ منيئيچر پينٽنگ ۾ فائن آرٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. حبيب ڦلپوٽو پنھنجي ٿيسس ۾ ڪيل آرٽ ۾ روزمره استعمال ٿيندڙ مختلف لفظن ۽ مختلف شين جي آئوٽ لائينن کي پنھنجي رنگ ڍنگ سان ترتيب ڏيئي انھن جي ھڪٻئي جي تعلق کي اجاڳر ڪيو جنھن ۾ اھو ٻڌائڻ چاهيو ته بار بار استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ شيون ھڪٻئي سان ڳانڍاپو جوڙي ھڪٻئي مٿان اثر انداز ٿي ھڪ الڳ دنيا جوڙي انسانن لاءِ معنيٰ خيز ٿي رابطي جو ذريعو ٿي پوندا آھن. حبيب ڦلپوٽو ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي منتقل ٿيو جتي پنھنجي پيشوارڻي زندگيءَ جو آغاز ڪيو . 2011 ۾ ڪيل منفرد آرٽ سبب لاهور ۾ آرٽسٽن لاءِ ڪم ڪندڙ آرگنائيزيشن (وصل آرٽسٽ ڪليٽوي ) جي زير اهتمام ھڪ آرٽ ريزيڊنسي ۾ منتخب ٿيو، جتي ھن پنج ھفتا ملڪ جي ٻين آرٽ ادارن مان منتخب ٿيل شرڪت گذارن سان گڏ ڪم ڪيو . حبيب ڦلپوٽو 2012 ۾ ڪراچي جي ھڪ نجي اسڪول ۾ بطور آرٽ ٽيچر نوڪري حاصل ڪئي. نوڪري دوران انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ ۾ شام جي شارٽ ڪورس پروگرام جي لاءِ بطور ڊرائنگ سبجيڪٽ سھولتڪار نوڪري پڻ شروع ڪئي. صبح جي وقت اسڪول ۽ شام جي وقت انڊس ويلي ۾ نوڪري ڪرڻ برقرار نه ڪري سگھيو ۽ ڪجھه عرصي کانپوءِ نجي اسڪول واري نوڪريءَ کي خيرآباد ڪيو ۽ شام واري شفٽ ۾ نوڪري کي جاري رکيو. انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ ڪراچي ۾ نوڪري دوران 2014 ۾ اتي ئي فائونڊيشن ايئر پروگرام لاءِ ڪاليج جي ويٺل بورڊ ڪميٽي ذريعي ڊرائنگ سبجيڪٽ لاءِ بطور معاون فيڪلٽي منتخب ٿيو. 2015 ۾ انڊس يونيورسٽي ۾ ڊزائين شعبي ۾ بطور وزيٽنگ فيڪلٽي مقرر ٿيو، جتي 4 سال ڪم ڪيو. ان کانپوءِ 2018 ۾ ڪراچي اسڪول آف آرٽ سان بطور ليڪچرار جڙيو. حبيب ڦلپوٽو 2018 ۾ ورڪر اسٽوڊيو ۾ هڪ آرٽ ريزيڊنسي پڻ ڪرائي، جنھن ۾ سنڌ جي آرٽ ادارن مان نون پاس ٿيندڙ آرٽسٽن کي انھن جي آرٽ مطابق ھڪ ھنڌ جمع ڪري ڪم ڪرايو ۽ انھن جي نمائش منقعد ڪرائي. حبيب ڦلپوٽو روز مره جي ٻين ڪيترن ئي اھم موضوعن تي ماهراڻي اندز ۾ ڪم ڪيو جنھن جي نمائش ڪراچي، لاهور، اسلام آباد جي مختلف آرٽ گيلرين ۾ ٿي چڪي آھي. انھيءَ سان گڏوگڏ بطور منتظم مختلف گيلرين ۾ نمائش پڻ منعقد ڪرائي چڪو آھي، جنھن ۾ سر فھرست نمائش ھاءِ وي Highway جي عنوان سان آھي جنھن ۾ رورل ۽ اربن سنڌ جي آرٽسٽن جي اسڪول آف ٿاٽس کي گڏيل طور پيش ڪري آرٽسٽن کي ھڪٻئي سان روشناس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. حبيبب ڦلپوٽو پنھنجي پيشاوراڻي خاصيتن سبب ڪراچي جي مختلف ادارن ۾ آرٽ جا تربيتي پروگرام پڻ ڪري چڪو آھي. حبيب ڦلپوٽو ڪيترن ئي نامور مصورن مان متاثر آھي، پر اياز جوکيو کي پنھنجو آئيڊيل تصور ڪندو آھي. انھيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي استادن، علي عباس جعفري، نصرت منگي، امجد ٽالپر، صفدر علي قريشي، محمد ذيشان، زبير ڀٽو، حسين چانڊيو جن کي پنھنجو محسن سمجھندو آھي جن سندس پيشاوراڻي مھارتن ۾ نکار آڻي آرٽ جي دنيا ۾ ھڪ سٺي مصور طور متعارف ڪرايو. حبيب ڦلپوٽو پنھنجي تجربي مطابق ايندڙ نسلن کي انھيءَ ڳالھه تي توجهه ڏياريندو رھندو آھي ته پنھنجي زندگيءَ جي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪجھه اصول ٺاھي سچي لگن ۽ ڏينھن رات جي جستجو سان محنت ڪندا رھو ھڪ ڏينھن ڪاميابي مقدر ضرور ٿيندي. حبيب ڦلپوٽو 2022 ۾ بي اين يو لاهور مان آرٽ ايجوڪيشن ۾ ماسٽر ڊگري پڻ حاصل ڪئي. حبيب ڦلپوٽو اڄڪلھه ڪراچي اسڪول آرٽ ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر فائن آرٽ ڪم ڪري رھيو آھي جتي ايندڙ نسل جي مصورن کي مھارتون ۽ آرٽ جا گر سيکاري انھن کي مستقبل لاءِ معاشري جو ھڪ ڪارگر ۽ ڪارائتو فرد بنائڻ جي جدوجھد ڪري رھيو آهي. Post Views: 346