پاڪستان جو وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سعودي عرب جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ هن سان گڏ وزير خزانه محمد اورنگزيب ۽ معاشي ٽيم جا ماهر پڻ شامل آهن.
پاڪستان حڪومت کي اميد آهي ته وزيراعظم جي هن دوري ڪرڻ سان سعودي عرب طرفان گهڻي مقدار ۾ سيڙپ ٿيندي، جنهن جو مثبت اثر پاڪستان جي معيشت تي پوندو. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ريڪوڊڪ وارو منصوبو جنهن مان ملڪ کي اربين ڊالرن جو فائدو ٿيڻ جي اميد آهي، ان کي پڻ جلد کان جلد عمل جوڳو بڻايو ويندو، ان ۾ سعودي عرب جي سيڙپ جو حصو ٻين سڀني کان وڌيڪ هوندو. انهيءَ سيڙپ جي رقم جو تخمينو لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر ٻڌايو پيو وڃي. ان سان گڏ سعودي عرب جا ٻيا سيڙپڪار پڻ چاهين ٿا ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪن ۽ انهن جي دلچسپي زراعت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ پڻ آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سعودي عرب اسان جو تمام ويجهو دوست رهيو آهي. هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مالي مدد ڪئي آهي. هن وقت به سعودي عرب جا ٽي ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ ڊپازٽ رکيل آهن ان ڊپازٽ اسان کي ڪنهن حد تائين ڊفالٽ ٿيڻ کان پڻ بچايو آهي، پر هاڻي خود سعودي عرب جي پاليسيءَ ۾ به تبديلي اچي چڪي آهي. جنهن نموني سان شهزادو محمد بن سلمان پنهنجي ملڪ جون پاليسيون تبديل ڪري رهيو آهي، هو سعودي عرب کي هڪ مذهبي ملڪ کان روشن خيالي طرف وٺي وڃي رهيو آهي. هو چاهي ٿو ته سندس ويجها دوست ملڪ جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، پنهنجون پراڻيون پاليسيون تبديل ڪن ۽ ملڪ ۾ اهڙيون پاليسيون رائج ڪن جن سان ڪنهن به قسم جي انتها پسنديءَ جي رستا روڪ ٿي سگهي ڀلي اها مذهب جي نالي تي ڇو نه هجي. دنيا انهن ملڪن کي روشن خيال ملڪ سمجهڻ شروع ڪري. انهيءَ سان گڏ محمد بن سلمان چاهي ٿو ته پاڪستان جي بجاءِ مالي امداد ڏيڻ جي پاڪستان ۾ سعودي عرب طرفان سيڙپڪاري ڪئي وڃي جنهن سان سعودي عرب جو به فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان به هڪ رياست طور صنعتي ترقي ڪري پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي لائق ٿي ويندو. ملڪ جو عوام جنهن جي لاءِ وڏو مسئلو مهانگائي آهي اهو انهيءَ دوري مان گهڻيون اميدون لڳائي ويٺو آهي. ملڪ جو عوام سمجهي ٿو ته جيڪڏهن اربين ڊالرن جي سيڙپ ملڪ ۾ ايندي ته نيون صنعتون لڳنديون يا وري زراعت جي ميدان ۾ جديد ٽيڪالاجيءَ سان گهٽ پاڻي استعمال ڪري وڌ کان وڌ فصل حاصل ڪري سگهبو ته ملڪ اناج، دالين ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڻ ڀرو ٿي ويندو، جنهن جو سڌو فائدو ملڪ کي پوندو. ڇو ته ڪوبه ملڪ هميشه جي لاءِ امدادن تي انحصار نٿو ڪري سگهي، آخرڪار ان کي پنهنجن پيرن تي بيهي پاڻ ڀرو ٿيڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ترقي ڪرڻي پوندي. پنهنجي برآمدن کي وڌائڻو پوندو ۽ درآمدن تي گهٽ کان گهٽ انحصار ڪرڻو پوندو.
پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود به هن وقت تائين اناج ۾ پاڻ ڀرو ٿي نه سگهيو آهي. ملڪ ۾ ايتري ٽيڪنالاجي به نه آهي جو اسين ملڪ ۾ موجود معدنيات کي پنهنجي سر ڪڍي ٻاهر اماڻي سگهون ۽ ناڻو ڪمائي سگهون، ان لاءِ پڻ اسان کي انهن ملڪن جي تعاون جي ضرورت پوندي آهي جن وٽ سرمايو به هوندو ۽ ٽيڪنالاجي به هوندي آهي. اهي ملڪ اسان وٽ ضرور ايندا جيڪڏهن اسان وٽ امن امان جي صورتحال بهتر هوندي ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو جيڪڏهن ملڪ ۾ استحڪام واري ڪابه حالت نه هوندي ته پوءِ ٻاهريان ملڪ ڀلي اسان جا دوست ڇو نه هجن، اسان وٽ رقم ڇو سيڙائيندا. ان ڪري وزيراعظم سعودي عرب حڪومت کي اهو يقين ڏياريوندو ته ملڪ جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن، اوهان اسان وٽ اچي سيڙپ ڪريو اسين اوهان کي امن امان فراهم ڪنداسين. ان سان گڏ وزير اعظم محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري ڪرڻ جي سرڪاري دعوت پڻ ڏيندو، جنهن جي لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته سعودي ولي عهد عيد کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو. عيد کانپوءِ سياسي ماحول به گرم ٿيندو نظر اچي ٿو. پي ٽي آءِ، مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي ملڪ ۾ جلسه جلوس، ريليون ۽ ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ائين ته ناهي ته اسين هڪ دفعو ٻيهر سال 2014 ۾ واپس وڃي رهيا آهيون جڏهن چائنا جو صدر پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ وارو هو، پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺي هئي جنهن جي ڪري چائنا جي صدر پنهنجو دورو ڪينسل ڪيو. سي پيڪ منصوبو رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ملڪ جي معاشي حالت خراب کان خراب ٿيندي رهي.
هاڻي جڏهن هڪ دفعو ٻيهر اميدون پيدا ٿي رهيون آهن ته 2024 ۾ ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپ اچڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن ته پوءِ ڌرڻا هڻڻ مان ملڪ کي فائدو پوندو يا نقصان اهو فيصلو انهن سياسي پارٽين کي ڪرڻو پوندو. ملڪ جي عوام جون اميدون هن دوري سان ان ڪري جڙيل آهن ته عوام جي خواهش آهي ته سندس معاشي حالت بهتر ٿئي، اها تڏهن بهتر ٿيندي جڏهن ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپ ايندي.